جڏهن سنڌ جي عظيم ڌرتي تي هن جو جنم ٿيو هو، تڏهن سنڌ جا سج، چنڊ، تارا، ڪتيون آزاد وطن جي هوائن جا سلامي ٿيندا هئا سندس جنم سنڌ جي ڌرتي جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو هو. وهمن وسوسن ۾ وڪوڙيل ان سنڌ ۾ ان وقت نه فقط فارسي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي، پر ڪلهوڙا حڪمران ڌارين حملي آورن جو ڏن به ڀريندا هئا، جنهنڪري سنڌ جو رت ست نابود ٿيڻ لڳو هو، شاهه حبيب جي گهر ۾ جنم وٺندڙ عبداللطيف پيدائشي باغي هو، جيڪو ان وقت ننڍپڻ ۾ ئي ان جو اظهار ڪري وجهندو هو. هالا جي ويجهو ”ڀئين پور“ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو، جنهن جا آثار اڄ به ڀٽ شاهه کان چار پنج ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي موجود آهن، ڪن محققن ان ڳوٺ کي ڪوٽڙي (ڪوٽلي) به لکيو آهي، پر ان ڳوٺ تي ڪا خاص تحقيق نه ٿي آهي، چون ٿا ان علائقي ۾ بيگ جي ڪا حويلي هئي جيڪي پنهنجي دور جا وڏا با اثر ماڻهو ۽ مذهبي ڪٽرپرست هئا. هو عورتن جي پردي جا سخت پابند هئا. ان ڪري حويلي کان ٻاهر ڪنهن به عورت کي نڪرڻ ته ڇا پر آسمان ڏانهن نهارڻ جي به اجازت نه هوندي هئ، ان حويلي ۾ جيڪڏهن ڪا عورت بيمار ٿيندي هئ ته اهي شاهه حبيب کي ڌاڳي ڦيڻي لاءِ وٺي ويندا هئا، سائين جڏهن جواني جي منزل کي رسيو هو ته هو روحاني رازن سان پڻ ٽمٽار ٿي چڪو هو. چون ٿا هڪ ڀيري بيگ برادريءَ جي ڪا عورت ناچاڪ ٿي پيئي، شاهه حبيب جي طبيعت به ٺيڪ ڪا نه هئي، ان ڪري دعا ڪرڻ لاءِ هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي موڪليو شاهه لطيف جڏهن حويلي ۾ داخل ٿيو ته ان نواجوان ڇوڪري کي ويڙهيو ويو هو، پر فقط ان جي هڪ چيچ ظاهر ڪري لطيف جي هٿ ۾ ڏنائون ته هو ڦيڻو رکي، روحاني منزل تي رسيل لطيف سرڪار ان جي چيچ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيو ته ”جنهن جي چيچ سيد جي هٿ ۾ تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو.“ ان کان پوءِ بيگ ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ لطيف سائين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏيائون، شاهه صاحب ايترو ته تنگ ٿيو جو هڪ بيت چيائين: بيگ تنهنجي بيگي ڪوٽڙيءَ ۾ رهندي ڪا نه، اٿم آس الله ۾، دل مارنيئي مات. نسل در نسل منتقل ٿيل روايتون ٻڌائين ٿيون ته بيگن ۽ دلن جو ڪنهن ڳالهه تان دنگل ٿي پيو، جنهن ۾ بيگ برادريءَ جو خاتمو اچي ويو. دل اڃان تائين ڀٽ شاهه کان اتر طرف پنڌرهن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي هڪ وڏي ڳوٺ چٽوڙي شريف ۾ آباد آهن، جڏهن ته بيگ برادري جو ڪو نالو نشان نه ٿو لڀي. لطيف جي دور ۾ جڏهن فارسيءَ ۾ لکپڙهه ڪئي ويندي هئي، ان دور ۾ لطيف سائين سنڌي ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻوليءَ جو وجود بچايو، نه فقط ايترو پر هن سنڌي ٻوليءَ جي دشمنن خلاف مزاحمت به ڪئي سنڌ ان وقت نهايت اذيتناڪ حالتن مان گذري رهي هئي، ڇاڪاڻ ته مدد خان پٺاڻ، احمد شاهه ابدالي مغل ترخان، ارغون سنڌ کي تاراج ڪري چڪا هئا ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت به افغاني حڪمرانن طرفان مڙهيل ڏن ڀريندي هئي، ان مزاحمت جو اظهار هن پنهنجي شاعري ۾ به ڪيو آهي. ڪيم پنارو پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجهن، آءُ سعيو ڪيان سنڌي ۾، هو پارسي پڇن، سرتيون منجهؤن تن، منهنجو جيءُ بهريو وڃي. (شاهه لطيف) آءُ سمجهان ٿو ته لطيف سائين سنڌ جي نئين سر تعميرڪئي،تاريخي بنياد رکيا، هن ماڻهن کي ڪٽرپڻي جنونيت ۽ مذهب پرستي کان ٻاهر ڪڍي حقيقي منزل ڏانهن گامزن ڪرڻ جا گس ڏسيا، نه فقط ايترو پر هن ماڻهن ۾ حب الوطني ۽ سنڌ پرستي جو پرچار ڪري شعور کي جاڳايو، سنڌ جي جهرجهنگ ۾ به پيادل پنڌ ڪري سنڌ کي پنهنجي وسيع نظر سان ڏٺو ته هو عالمي حالتن کان به آگاهه رهيو. ماڻهن جي ستل ضمير کي جاڳايو. منجهن اهڙي قوت پيدا ڪئي، جنهن سان ماڻهن جي دنيا روشن ٿي ويئي زندگي جي عام ڪردارن سان رکي ملي سندن زندگي کي مشاهدي ۾ آڻي کين امر بنائي ڇڏيو، ڪورين جي ڪپڙي جي اڻت واري ڌنڌي کي امرتا بخشي. هلو هلو ڪورئين نازڪ جنين جو نينهن، ڳنڍين سارو ڏيهن، ڇنڻ مور نه سکيا. (شاهه لطيف) شاهه صاحب پاڻ سان قرآن پاڪ ۽ مولانا جلال الدين روسيءَ جي مثنوي ساڻ رکندا هئا، سندس شعوري اک ازل کان ابد جي سفر جي ساکي آهي، هن جي مشاهدي ۾ اهڙيون شيون به آيون، جيڪي انسان جي وس ۾ نه هونديون آهن. هن انهن ماڳ مڪانن جو ذڪر به ڪيو آهي، جتي پکي پر به ٿو هڻي، سج ۽ چنڊ جو ڪو نانءُ نشان به نه آهي. ات آسين جو لڳو دنگ درو، پري پين پرو، نات ڏٺائون ناهه ۾. (شاهه لطيف) عظيم انسان جي اها خوبي هوندي آهي ته هو هر دور جي عڪاسي ڪندو آهي. پر لطيف جي منزل سڀ کان مٿاهين آهي، هن جو محور عالمي امن آجپو سنڌ جي خوشحالي سنڌي ماڻهن جي آزادي رهيو. هن جي شعوري اک ۾ سڄي ڪائنات سمائجي ويئي. شاهه عبداللطيف جي شاعري سنڌ جي تاريخ جو تاڃيپيٽو آهي. ڪهن اسان کي ٻڌايو آهي ته ڪڏهن به غفلت جي ننڊ نه ڪجي ۽ دشمن کان خبردار رهجي، جيتوڻيڪ ملڪ جو ورهاڱو لطيف سائين کان ٻه صديون پوءِ ٿيو آهي، پر هو آگاهه اڳ ئي ڪري ويو هو ته: ڌريان ۽ ڌاريان، مٽ مئيءَ جا نه ٿيا، مدي ڏيرن من ۾، کليو کيڪاريان، صبح ٿي ساريان، ات نه اوطاقن ۾. هر دور ۾ سدا ملوڪ رهندڙ سندس شاعري آب حيات، زندگيءَ جو سوجهرو آهي، هن پنهنجي حياري آرام ڪرڻ بجاءِ پير پٿون ڪري گذاري ۽ ڪڏهن به آرام جي طلب نه ڪئي. جوڳيئڙا جهان ۾ هئا منجهه حمام، آراڻا آرگ ٿيا، اوڏا نه آرام، ڪيائون قيام، آءُ نه جيئندي ان ريءُ. (شاهه لطيف) سندس سنگت ۾ هر طبقي جا عظيم انسان ساڻس گڏ هوندا هئا، تمر فقير سندن ساٿي هو. چون ٿا ته هڪ ڀيري ڪنهن سفر تي شاهه صاحب تمر فقير کي چيو ته تم اها جتي ته کڻي ڏي، پر تمر فقير کڻي نه سگهيو، جنهن تي شاهه صاحب فرمايو هو ته تمر ان جتي ۾ صدين جو ٿڪ آهي، ڪيتريون روايتون جيڪي شاهه صاحب سان وابسطه آهن، جيڪي لکجي نه سگهيون آهن. شاهه صاحب جا ناناڻا ڏيرا فقير هئا، چون ٿا شاهه صاحب جڏهن ڀٽ کي اچي وسايو هو ته سندس ساٿي روزانو پنڌ ڪري اتي پهچندا هئا، منهنجا وڏڙا ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ فقير محمد خان ڏاهري سرهاري مان پنڌ ڪري ڀٽ تي سندس ڪچهري ۾ شامل ٿيندو هو. رستي ۾ وڏيون وڏيون ڀٽون واريءَ جا دڙا ۽ بگهڙ به هوندا هئا، هو رات جو غائب ٿي ويندو هو ۽ فجر وقت واپس پهچي ويندو هو، مائٽن کي ڪيئن گمان پيا ٿيندا هئا، کين اها خبر ئي ڪا نه هئي ته هو ڪيڏانهن ٿو وڃي، هڪ رات جڏهن ان جو پيڇو ڪيائون ته هو اڳتي هلي رهيو هو ته بگهڙ سندس سلامي ڀري رهيا هئا، سندس مائٽ بگهڙن جي خوف سبب ڀڄي واپس پهتا، ٻئي ڏينهن پنهنجي مائٽن کان پڇيائين منهنجي مهمانن (بگهڙن) کي تنگ نه ڪيو. مون انهن کي پارت ڪري ڇڏي هئي، پر توهان واپس موٽي ويا، اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون جيڪي رقم ٿي نه سگهيون آهن، دنيا جي هن عظيم شاعر تي ايتري تحقيق نه ٿي سگهي آهي، جو اسان پنهنجي حالتن کي بدلائي سگهون، اسان فقط ان کي مذهبي ماڻهو سمجهي ماٺ ڪئي آهي، پر لطيف جهڙو سيڪيولر ذهن دنيا اڄ تائين پيدا ڪري نه سگهي آهي، جنهن عام طبقي جي ڪردارن هاري، ناري، موچي، واڍي، ڪوري ۽ ٻين ڪردارن کي عظيم بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سنڌي سماج جي شعور جا بنياد رکيا، کين عظمت کان آگاهه ڪيو، جنهن جي اڪثر شاعري ۾ مزاحمت جو رنگ نمايان ملي ٿو، ڪڏهن به دشمن جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو فن نه ٿو ٻڌائي، سندس محبت جو فلسفو پاڻ کي فنا ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. پنهنجو پاڻ کي ختم ڪري جيئڻ جو فن ٻڌائي ٿو، شاهه صاحب وٽ زندگيءَ جو فلسفو ابدديت وارو آهي، هو دنيا جي فاني حياتي کي کن پل جو کيل سمجهي لافاني زندگيءَ جو رستو ٻڌائي ٿو، هن پنهنجي دور ۾ ظلميت خلاف مزاحمت ڪئي ۽ پنهنجي شاعري ۾ انهن ڪردارن کي امر بنايو، جيڪي وطن پرست، سچا هئا، هن ڪڏهن به ڪوڙي ڪردار کي شاعري ۾ نه آندو، ۽ زندگي جي سفر کي مسلسل جدوجهد جو نالو ڏنو. سڌائتي سيڪا، بک نه باسي ڪا، جيهي ننڍ عي حال جي، جنبش ڪانهي جا، مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪي. (شاهه لطيف) شاهه عبداللطيف هر دور جو شاعر آهي، انسان جي هر جذبي، هر سوچ جو عڪس سندس شاعري ۾ موجود آهي، هن انسان جي اهڙن جذبن جو به عڪس چٽيو آهي، جنهنجو تصور ڪندي جان ڏڪي وڃي ٿي، وقت ۽ حالتن جا اسان تي ايڏا ته ناڪاري اثر ٿيا آهن جو لطيف جهڙو عظيم شاعر هوندي اسين پنهنجي دل جي اڪيلائي ۽ ننڌڻڪاڻي جو جهان آباد ڪري ٿا ڇڏيون حالانڪه سندس شاعري اسان لاءِ اهڙو هٿيار آهي، جيڪو بم بارود ۽ ائٽم کان وڌيڪ طاقتور آهي. پر اسان ماڻهن جي اها بدقسمتي آهي جو لطيف کي مذهبي سمجهندا رهيا آهيون، مذهب جي تشريح جيڪا لطيف سائين ڪئي آهي، اهڙي سمجهاڻي ڪو به مذهبي عالم نه ٿو سمجهائي سگهي پر ان سان گڏ لطيف جيڪو سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو، اهو جنونيت پسندن جي منهن تي چماٽ آهي. روزا ۽ نمازون، اي پڻ چڱو ڪم، اڃا ڪو ٻيو فهم، جنهن ۾پسجي پرين کي. لطيف سرڪار واضح طور ٻڌائي ٿو، مذهب انسان جو ذاتي فعل آهي، روزن، نمازن کان بهتر ڪم انسانذات سان محبت ڪرڻ آهي. لطيف سائين چئي ٿو سڀ کان وڏو عمل پاڻ کي فنا ڪري امر ٿيڻ وارو آهي لطيف جو محبوب جنهن کي هو ڪل ڪائنات سمجهي ٿو. ڪنهن پر رئان پرينءُ کي، پار نه ڄاڻا پنڌ، ڪيچين ڪارڻ ڪنڌ، نايو ٿي نعرو هڻان. لطيف سائين جو فڪر درگاهه تي پڙ چارهڻ ڪونهي درگاهه تي جاري لطيف جو راڳ ان پنڌ جو اهڃاڻ آهي، جيڪو اسان وساري ڇڏيو آهي، لطيف جي سنڌ ڏکين حالتن جي گهيري ۾ آهي، لساني ڇڪتاڻ کان ويندي گروهي فسادن برادري جهيڙن ۾ سنڌ جو عڪس ڏاڍو ڏکائتو منظر پيش ڪري ٿو، پر لطيف جا اهي ڪردار ڪيڏانهن گم ٿي ويا آهن، جيڪي زندگي کي معنيٰ ڏيڻ جي جستجو ۾ پاڻ وڃائي ڇڏيندا هئا. سر ها ڏٺم سي، جن جي ساءِ سراڻ سين، تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهن. (شاهه لطيف) لطيف سرڪار جي شاعري اهڙو وسيع سمنڊ آه، جنهن جي ڪٿ مون جهڙا جيتامڙا ڪري نه سگهندا آهن، پر جڏهن مون جهڙا اڃايل ان ڪنڌي رسندا آهن، ته لطيف ڀر جهلو ٿي پوندو آهي. ڪيئي ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار، جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درشن ڌارائون ڌار. (شاهه لطيف) اسان پنهنجي زندگي ۾ لطيف جا بيت نه پڙهندا آهيون، پر حالتن جي گهرائي ۾ وڃڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيون، شاهه صاحب جي سٽ سٽ وقت جو اهڙو اتهاس آهي، جيڪو ماضي حال ۽ مستقبل جو چٽو عڪس آهي، مايا جي موهه کان هٽي لطيف جيڪا چڻنگ دکائي، ان سنڌ ۽ سنڌ وطن جي ماڻهن کي امر بنائي ڇڏيو، دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ لطيف، سنڌ ۽ سنڌو آهي، لطيف سنڌوءَ جي مستي جو گواهه آهي. ان ته صديون اڳ اسان کي ايندڙ خطرن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پر اسان جي اک اڄ تائين پٽجي نه سگهي، لطيف جي هوندي اسين اونداهين جي انيڪ عقائن ۾ غرق ٿي وياسين، پر پنهنجي من جو سوجهرو ڳولي نه سگهياسين، ان ڪراڙ جي ڪڏي ٻه لڙڪ نه ڳاڙياسين، جنهن ۾ چون ٿا لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ جو وڏو حصو لوڙهي ڇڏيو هو، صدين کان وٺي اسان سندس قدر کي سڃاڻي نه سگهياسين ۽ لکن جي تعداد ۾ سندس مزار تي حاضري ڀريندي پوئلڳي جي دعويٰ ڪندي به کيس سمجهي نه سگهياسين. ڪوهه ٿو ڪاغذ ڪورين ويٺو وڃائين مس، ڏورڻ تئان ڏس، اکر جيئن جڙيا. (شاهه لطيف) محمد بخش ڏاهري