ميڊيا هڪ اهڙي انسان کي سڃاڻپ ٿي ڏئي جو انسان جي سمجھ کان اڄ جي دور ۾ بالا تر آهي. ميڊيا اسان مڃيو ٿا ته بهترين آهي پر ان لاءِ بهترين آهي جيڪو ڏاڍو آهي. پاڪستاني ميڊيا به اهڙن گروهن ۾ شامل آهي. جڏهن ته ميڊيا کي هڪ خد آزاد ڇڏيو وڃي ايترو به آزاد نه جو هڪڙي جي پٽيان لڳي. ميڊيا انسان جي سڃاڻپ ايتري ٿي ڪري جو اهو انسان وري پنهنجي پٽيان حفاظت لاءِ پوليس کي رکي هي ڪهڙي سڃاڻپ آهي. ان ڪري جو هتي واڳو ويٺا آهن جنهن جي سڃاڻپ ميڊيا ٿي ڪري ان جي پٽيان وري اهي ان کي لٽڻ جي لاءِ ايندا هي اسان جو ملڪ آهي جنهن جي امن جي صدر، وزيراعظم کان وٺي او عوام کي گهرجي ٿو. اسان کي جڏهن ڪنهن جي ضرورت پوي ٿي ته اها ضرورت اسان ڪيئن به ڪري حاصل ڪندا آهيون. ڦري لٽي يا وري منٿ ميڙ يا عزت سان به حاصل ڪندا آهيون. اگر اسان منٿ ميڙ يا عزت سان اهان ضرورت وٺندا آهيون ته پوءِ اسان جي معاشري ۾ اهو ماڻهو اسان جي ڀلائي واري ڳالھ ٻين سان ڪندا آهن. ڪا بري ڳالھ لڳي ته مونکي معاف ڪجو ڇو جو هي اسان جي ملڪ جا حال آهن.