رضا رباني بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين، غفور حيدري ڊپٽي چيئرمين طور ڪامياب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    رضا رباني بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين، غفور حيدري ڊپٽي چيئرمين طور ڪامياب

    اسلام آباد (آن لائن+م ڊ) پ پ اڳواڻ سينيٽر رضا رباني بنا مقابلي سينيٽ جو چيئرمين جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جو سينيٽر عبدالغفور حيدري ڊپٽي چيئرمين سينيٽ چونڊجي ويو آهي. سينيٽ جي چيئرمين لاءِ حڪومتي جماعت مسلم ليگ (ن) پ پ اميدوار رضا رباني جي حمايت جو اعلان ڪيو هو. ڊپٽي چيئرمين لاءِ ڪل چار اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جڏهن ته جي يو آءِ (ف) جي سربراهه فضل الرحمان مطابق حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ غفور حيدري جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي. سندس مقابلي ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار شبلي فراز هو. غفور حيدري کي 74 ۽ شبلي فراز 16 ووٽ حاصل ڪيا. جڏهن ته 6 ووٽ رد ڪيا ويا. رضا رباني ۽ عبدالغفور حيدري کان سندن عهدن جو حلف پرزائيڊنگ آفيسر سينيٽر اسحاق ڊار ورتو، جڏهن ته حلف کڻڻ کان اڳ رضا رباني پنهنجي بنا مقابلي چونڊ تي سياسي قيادت جو ٿورو مڃيندي چيو ته آئون چيئرمين جي حيثيت سان پارليامينٽ جي استحڪام ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڪم ڪندس. ان کان اڳ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه وزيراعظم نواز شريف کي ٽيليفون ڪيو ۽ اپوزيشن پارٽين طرفان ڊپٽي چيئرمين جو عهدو جي يو آءِ (ف) کي ڏيڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو. جڏهن ته هن نيشنل پارٽي جي حاصل بزنجو ۽ پختونخواه ميپ جي اڳواڻ محمود اچڪزئي سان ملاقات ڪئي ۽ غفور حيدري جي نالي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي ٻئي اڳواڻ ناراض ٿي ويا، جنهن کانپوءِ پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي صدارت ۾ اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن جو ٻيهر اجلاس ٿيو. هوڏانهن حاصل بزنجو ۽ محمود اچڪزئي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ دپٽي چيئرمين سينيٽ جي نالي تي صلاح مشورا ڪيا ۽ ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم آڏو غفور حيدري جي نالي تي اعتراض واريا. ان کان اڳ سينيٽ جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کنيو، جڏهن ته رضا رباني چيئرمين سينيٽ جو حلف کڻڻ سان گڏ ئي قائم مقام صدر به بڻجي ويو. هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف راجا ظفر الحق کي سينيٽ ۾ قائد ايوان مقرر ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم ميان رضا رباني کي بنا مقابلي سينيٽ جو چيئرمين چونڊجڻ تي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ن ليگ جمهوريت ۽ ڳالهين تي يقين رکي ٿي، رضا رباني جي بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ سان جمهوريت مضبوط ٿيندي. وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، وزيراعظم نواز شريف حڪومت ۽ اپوزيشن پاران نامزد ڪيل رضا رباني کي بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن. وزيراعظم نواز شريف چيو ته رضا رباني جي بنا مقابلي سينيٽ چيئرمين چونڊجڻ سٺو عمل آهي، ان سان جمهوريت مضبوط ٿيندي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ ن ڳالهين ۽ مفاهمت تي يقين رکي ٿي. جاري ڪيل پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف راجا ظفر الحق کي هڪ ڀيرو ٻيهر سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ اقبال ظفر جهڳڙا کي پارلياماني ليڊر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو