سڀ ادا سليمان وساڻ کي نيڪ دعائون سان گڏ جنم ڏينهن جون کوڙ ساڙيو وڌايون هجن سدائين آباد رهن آمين مون کي خبر ناهي ادا سليمان وساڻ سنڌ سلامت تي ڪهڙي چارج تي آهن پر مان سنڌ سلامت کي شروع ۾ ڏٺو ته صرف ادا سليمان جي ذريعي ئي ڏٺو انهن 2011 ۾ ڪئين گروپن تي سنڌ سلامت جا مواد رکيا پوءِ اتان ئي مان سنڌ سلامت کان واقوف ٿيس.......ادا سليمان انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي کي اجاڳر ۽ عام ڪرڻ لاءِ اعظيم کان اعظيم تر ڪردار ادا ڪيو آهي مان ته انهيءَ حوالي سان ٿورائتي آهيان سنڌ سلامت جي مون اتي سنڌي جو ڪم ڏسي ئي پيجن ۽ گروپن تي ڪم ڪيو هڪ اڌ ويب سائٽ تي به.. مون کي خواهش هئي ته مان نيٽ جي ئي دنيا ۾ سنڌي ۾ ڪو ڪم ڪيان سنڌ سللامت مون کي اتساهه ڏنو....... ادا سليمان جي ڄاڻ لاءِ ڪي به لفظ ناهن ڇو ته اڃان ته مون کي خبر ناهي ته ادا جن جي ڄاڻ جو سمنڊ الائي ڪيترو وسيع آهي... تنهنڪري بس جيتري مون کي ادا جن جي انٽرنيٽ جي دنيا تي ڄاڻ حاصل آهي ان حساب سان مان ادا کي سلام پيش ڪندس ته ان جو ڪوششون اسان لاءِ انمول خزانو آهي... کين دعا آهي ته هو پنهنجي انمول ڪوششن جا خزانا اسان سان ونڊيندي رهن جيئن اسان وڌ کان وڌ علم حاصل ڪري سگهون...آمين
الله سائين ان کي پنهنجي خاندان سان پوڙو ڪري مان سمجهان ٿو ته جيتريون تحريرون سائين سلمان وساڻ جو هن ويب سائيٽ تي آهن ٻيو ايتريون ڪنهن جون نه آهن
منهنجي مَدايُنِ جِي، جي ڪَلَ پِرِيان پيئِي، ته ڪَڏهِن ڪوسا نه ٿِيا، ڏوراپو ڏيئِي، ساجنَ سَڀِيئي، ڍَڪِيم ڍول ڍِلائِيُون. رب پاڪ جو شڪر گذار آهيان جنهن ڪرم ڪيو آهي ۽ زندگيء جو هڪ ٻيو سال ڏنو آهي ته جيئن سندس نعمتن تي شڪر گذار رهان ۽ سندس بندن جي خدمت ڪيان۔ ڀيڻ اوهان جا ٿورا جو اوهان مان ڏنو. سچ اهو آهي ته ايڏو اندازو ڪونه هئو ته دوست ايڏو پيار ۽ محبتون ارپيندا، مان ته ڪجهه به ناهيان، ٻه لفظ لکي ۽ ٻه سٽون سرجي دوستن لاء شيئر ڪندو آهيان، پر موٽ ۾ دوستن جو ايڏو پيار ... اکين ۾ لڙڪ اچي ٿا وڃن. سڀني دوستن جا قرب جن منهنجي جنم ڏينهن تي سهڻا ڪارڊ ٺاهي، فون ڪال ڪري، واٽس ايپ ۽ موبائل تي ميسيج ڪري، فيسبوڪ تي شيئرنگ ڪري اهڙي ته لفظن سان پيش ڪيو آهي جو سندس ٿورا لاهڻ لاء ڪي لفظ ئي ڪونه ٿا ملن۔ اوهان سڀني پيار، خلوص، محبتن، يادن ۽ دعائن سان گڏ پنهنجائپ ۾ ياد رکيو آهي ان لاء اوهان سڄڻن جو قرضدار آهيان۔ اوهان ڪارڊ نه ٺاهي سگهيا ڪا ڳالهه ناهي، اوهان جا احساس، اوهان جون محبتون قدر رکن ٿيون، جن جو احساس اٿم. سنڌ سلامت مونکي سڃاڻ ڏني آهي، سنڌ سلامت سٿ جو ٿورائتو آهيان. اڄ صبح فيسبوڪ سڄو منهنجي ڪارڊز سان ڀريل هو .... خوشي سان گڏ اهو احساس به پئي ٿيو ته مونکي موٽ ۾ ٻوليء لاء اڃان وڌيڪ ڪرڻ گهرجي، جيڪو نه ڪري سگهيو آهيان. سنڌ سلامت سميت سڀني دوستن جي سڪ ۽ پيار لاء سندن احسانمند آهيان۔
معذرت ادا سليمان اوهان لاءِ ڪارڊز نه ٺاهي سگهيس پر ڪا ڳالهه ناهي مان ٻي ڀيڙي ضرور اهڙي ڪوشش ڪندم اصل ۾ منهنجي لاءِ نيٽ جي دنيا هڪ رهنما دوست جيان آهي جتي مان هري هري شيون اڃان سکي رهي آهيان سو ڪجهه وقت اڃان گهربل آهي گهڻو ڪجهه سکڻ لا......تيستائين اوهان هي ننڌڙو گلن جو گفٽ قبول ڪري ڇڏيو ته مهرباني ٿيندي
اوهان پاران لکيل لفظ ۽ هي گل سڀ ڪجهه آهن .... اوهان جا احساس سمجهي سگهان ٿو. اها ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته نيٽ جي دنيا گهڻو ڪجهه سيکاري ۽ مان به جڏهن نيٽ شروع ڪئي ته گهڻي ڄاڻ ڪانه هئي.