وتايو فقير ڪنهن مسافريءَ تان موٽي رهيو هو، پنڌ تمام گهڻو هو، سو الله کي سوال ڪيائين ته مولا، ڪا سواري ڏيار ته پنڌ کان ڇُٽان ۽ جهٽ پهچان. اهو خيال ڪري اڳڀرو ٿيو ته هڪ سپاهي بيٺو هو. جنهن جي گهوڙي تازي ويائي هئي. سپاهي حيران هو ته ڪيڏي مهل ڦَرُ اُٿي هلڻ جهڙو ٿيندو جو ٿاڻي تي پهچندس. اوچتو جو وتايي کي اٻالين حالين رستي تان ايندو ڏٺائين ته سڏ ڪري چيائينس ته سگهو ٿيءُ هي ڦر ڪنڌ تي کڻ ۽ مون کي ٿاڻي تي پهچائي پوءِ وڃ! وتائي چيو آءٌ غريب مسافر آهيان پري وڃڻو اٿم، مون کي ڇڏ، پر سپاهيءَ هڪ ٻه چهبڪ ڪشي ڪڍيس ۽ زوريءَ ڦر کڻي ڪنڌ تي رکيائينس. فقير لاچار ٿي ڦر کڻي اٿي هليو. واٽ تي نماڻيون اکيون کڻي چيائين ته: ”اي موليٰ سڻئي سهي، پر سمجهئي ڪونه!“ مون چيو ته مون کي ڪنهن وهٽ تي سوار ڪر، پر تو وري ماڳهين منهنجي مٿان وهٽ چاڙهي ڇڏيو.