دهشتگرد، دين ڌرم، مدرسا ۽ يونيورسٽيون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نذير احمد لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2015۔

  1. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    هن وقت دنيا ۾ جيڪا به ۽ جتي به دهشتگردي ٿئي پئي ان کي هڪ وڏي منصوبه بندي جي تحت اسلام سان ڳنڍيو پيو وڃي، هن سڄي ڪاروبار ۾ غير مسلم سان گڏو گڏ مسلم به برابر جا شريڪ آهن. اهي هڪ ته انهن جا خريد ڪيل آهن ۽ ٻين جا مفاد لڪل آهن.
    اسان سڀ اهو به مڃون ٿا ته دنيا جو هر مذهب دهشتگردي، برائي ۽ بيحيائي کان روڪي ٿو پر پوءِ به اسان جا ڪجهه دوست اهڙا آهن جيڪي ڄاڻي واڻي اسلام ۽ دهشتگردن جو پاڻ ۾ ناتو ڳنڍيو بيٺا آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ مدرسن خلاف واويلا مچي پئي آهي ۽ انهن خلاف وٺ پڪڙ پڻ جاري آهي، ان لاءِ جوعالمي ميڊيا اهو افواھ پکيڙي ڇڏيو آهي ته انهن مدرسن مان دهشتگرد ٿا تيار ٿي نڪرن، پر جيڪي به دهشتگرد پڪڙيا ويا آهن يا ماريا ويا آهن انهن مان ڪنهن وٽ به مدرسن جي سند يا ڊگري ڪونهي پر پوءِ به واويلا آهي.
    هاڻي جڏهن 90 تان سزا يافته ۽ نامي گرامي دهشتگرد پڪڙيا ويا آهن ته پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته يونيورسٽيون به دهشتگرد ٿيون تيار ڪن ڇو ته انهن پڪڙيل دهشتگردن مان ڪجهه ڪراچي يونيورسٽي، ڪجهه اين اي ڊي يونيورسٽي ڪجهه اڙدو يونيورسٽي، سر سيد يونيورسٽي ۽ ڊاو يونيورسٽي ۾ پڙهيا آهن.
    آئون انهن دوستن کان سوال ٿو پڇان ته ڇا اسان جي سوچ ايتري ڪريل ٿي ويئي آهي جو بنا ڪنهن ويچار جي پنهنجي مذهب ۽ مذهبي ساٿين جي خلاف پيا واويلا ڪندا آهيون ۽ پاڻ کي پيا آپي مان ٻاهر ڪڍندا آهيون، اجايا پيا مختلف گروھ ۽ فرقا ظاهر ڪندا آهيون آخر ڇو؟؟
    گذريل ڪجهه مهينا اڳ آمريڪا ۾ هڪ ئي خاندان جي مسلم شاگردن کي قتل ڪيو ويو پر اتي ته ڪنهن به اهو ڪونه چيو ته عيسائي يا يهودي مذهب جي دهشتگرد قتل ڪيا آهن، پر اسان ته دهشتگردن کي يڪدم ڪنهن نه ڪنهن فرقي سان ملائي آخر ۾ دين اسلام تي ڇوھ ڇنڊيندا آهيون.
    90 تان پڪڙيل دهشتگردن کي پڻ ڏاڙهيون رکيل آهن ۽ اهي خدا نه خواسته ٻاهر ڪٿي پڪڙجن ها ته اسان جا سڀ همراھ انهن کي طالبان يا دائش يا اڃا ڪنهن ٻي گروھ جو ڪو ٻيو نالو ڏيئي مذب جي خلاف واويلا مچائن ها پر هن وقت ڪجهه ٺاپر ۾ آهن.
    هڪ ڳالھ جيڪا حقيقت آهي اها اها آهي ته دين اسلام ۾ ڪنهن به دهشتگردي، بيحيائي ۽ برائي جي گنجائش ڪونهي، جيڪڏهن جو ماڻهو يا گروھ پنهنجا ڪنڌا ڪرتوت دين اسلام جي کاتي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته پوءِ صرف ان کي سزا ملڻ گهرجي نه ڪي مذهب کي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغفار سنڌي

    عبدالغفار سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 جون 2014
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بهترين ويچار . . . . حقيقت پيش ڪئي اٿو . . . . . . اسان سدائين خبرن جي ظاهر کي ڏسي گهڻو ڪري منفي نتيجو ڪڏهڻ جا عادي ٿي ويا آهيون . . . اسان جي سوچ ۾ گهرائي نه آهي . . . . جذباتيت نهايت گهڻي آهي. . تحمل جو قحط آهي . . . . .. .. .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو