بغداد کان عباسي خليفن جي ڏاڍ ۽ ڏمر مان تنگ ٿي، جڏهن سيدن پهه ڪيو ته هجرت ڪجي ته وچ ايشيا کان ٿيندا جڏهن سنڌ پهتا ته هت مڃتا جو جهان مليو، بڪار ترسي پوءِ سائين پير شاهه نالي سيد زادو هنباهه نالي وستي ۾ پنهنجو تڪيو رکيو، ڳالهه ڪندا آهن ته هنباهه ان وقت مال ويهارڻ ۽ چارڻ جو هڪ ڳتيل وٿاڻ هو، سائين پير شاهه جي اچڻ سان هنباهه پنهنجي شڪل مٽائڻ لڳو، سائين پير شاهه جي معلومات وٺاڻ لاءِ سائين نادر شاهه ۽ راقم جڏهن شر ٻروچ جي هڪ ڳوٺ ۾ پهتاسون ته اتي فقير مصري شر ٻڌايو ته منهنجو ڏاڏو ڳالهه ڪندو هو ته سائين پير شاهه خاموش طبع منش هو. جڏهن شڪارپور جي چڪ هنباهه آيا ته ماڻهن کان پري هڪ واريءَ جي دڙيءَ جي دڙي تي پنهنجي خاندان جو تڪيو رکيو، سخت پرهيزگار قسم جا انسان هئا، نماز ۽ روزي سان عشق جي حد تائين محبت رکندڙن مان هئا، انهيءَ شريعت سان عشق ڪري هنباهه ۾ پهرين مسجد جو بنياد وڌائون، جيڪا جامع مسجد جي نالي سان اڄ به موجود آهي، ڀٽائي گهوٽ جو ان وقت کان گادي نشين شير سائين جن هئا، سائين محمد شاهه جو به انتها شير سائين سان عشق هوندو هئن، محبت جي ان مانڊاڻ ۾ ٻئي هڪ ٻئي جا طالب ۽ مطلوب لڳندا هئا، محبت جو اهو عالم هوندو هو ته ڪڏهن شير سائين مٿاهون ويٺا هوندا هئا ته ڪڏهن محمد شاهه”مست“ مٿانهون هوندو هو. پڙاڏو سوئي سڏ جيان هئا، ڀٽائي گهوٽ جي گادي نشين شير سائين کي اولاد نه هئي، سو مغمور رهندو هو، هڪ ڏينهن سائين محمد شاهه مست پڇا ڪيس ته ”شير سائين مون کي ائين لڳندو آهي ته ڪو توکي درد آهي، جيڪو تو کي ڪوري ٿو پيو، شير سائين وراڻيو ته ”سائين مست“ مولا جو ڪرم آهي، باقي پٽ نه آهي، سو ڪڏهن ڪڏهن مونجهه وٺي ويندي آهي، سائين محمد شاهه مولا جو پيارو هو، سو دعا جا هٿ مٿي ڪري ڪرم جي صدا ڪيائون، ڪجهه وقت کان پوءِ شير سائين کي پٽ ڄميو، تنهن جو نالو ”سائين محمد جڙيل شاهه“ رکيائون، شير سائين چوندو هو ته محمد شاهه مست ان مون کي پٽ وٺي ڏنو آهي، انهي ڪري ”محمد جڙيل“ نالو رکيو آهي. سرڪاري عملدارن جي وڃڻ کان پوءِ عطراڻي فقيرن کي گهرائي سندن عضون کي تلڙن سان مرمت ڪري ڀنگ پٽرائي ڇڏيائيون، سائين محمد شاهه”مست“ اوپري ماڻهو کي حوالي جو ڪم نه ڪرائيندا هئا، هميشه درگاهه ۽ رياضت لاءِ هنباهه جو فقراءُ هوندو هئن، ”مست“ هميشه منڊلن سان هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساڄو هٿ مٿي ڪري ”مست لقاءُ“ جو نعرو هندو هئا، بعد ۾ فقير معلوم ڪندا هئا ته سائين اها ڪهڙي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ توهان جو رنگ ”مست“ ٿيو پوي، سائين مست چوندو هو ته جيڪا شيءِ جي نالي تي اچي ان کي ان جي نالي تي ورهائي ڇڏيو. ”محمد شاهه مست“ جڏهن برقعو مٽايو ته عالم جا ماڻهو ۽ پکي پڻ رنا هئا، سائين محمد شاهه جي گادي سندس پٽ حبيب شاهه سنڀالي، سائين حبيب شاهه يگانو فقير منش ماڻهو هو، خاموش طبع ۽ تنها پسند سبب هو ڪنهن به آدم ذات سان ملڻ نه چاهيندو هو ۽ چوندو هو ته مون کي ڪو ڪو ماڻهو نظر اچي ٿو، تنهن ڪري مون کي هر ماڻهو نظر نه ايندو آهي، سائين محمد شاهه”مست“ جي روحاني گادي جو وارث سائين مهدي شاهه ٿيو. جنهن جو لقب بابي سائين طرفان ”گهوٽ“ مليس، سائين مهدي شاهه مستي جي ڪيفيت سان پوري ملڪ کي واسي ڇڏيو، سائين مهدي شاهه هڪ ارڏو ۽ اڙٻنگ سيد زادو هو، گهڻ صلاحيتن جو مالڪ هيو، جنهن هڪ دفعو ديد ملائي صدرن جا سودا ٿي ويندا هئا، ديد ۾ دوستن کي رام ڪندا هئا، فطرت سان عجب قسم جو لڳاءُ هوندو هئن، گهوڙن سان انسيت هوندي هين، سائين مهدي شاهه جي گهوڙي جو نالو ”لال پر“ هو، چوندا آهن ته گهوڙو نه ڪو ملائڪ هو، شهزور گهوڙو هو، جڏهن سائين مهدي شاهه گهوٽ”گهوڙي تي ويهندو هو ته زناور کي خبر پئجي ويندي هئي ته اڄ ڪو ملائڪ سوار ٿيو آهي، يقين ۽ ويساهه جا مجسمه هئا، روح ۾ راڳ هئس، ڪا گهڙي اهڙي نه هئي جنهن ويل پرين جي وائي وات نه هجي، جيءَ جون جڙيون راڳ ۾ کتل هئس، نواب نوتلي وڃائڻا جيسين مهدي شاهه گهوٽ وٽ منڊل نه ڪن، تيسين ڀلا ڪو سنڌ ۾ استادن ڪوٺائڻ جا لائق ٿي سگهن ٿا؟ اهڙو ئي هڪ ڪلاڪار خان صاحب استاد ڇٽل فقير (شڪارپور) شرنائي وڄائيندو هو ۽ سر ڪيڏاري تي حسينيت وڄائيندو هو، ڳالهه ڪندا آهن ته پکي به روئندا هئا، سائين محمد شاهه مست جي چائنٺ تي ۽ سائين مهدي شاهه”گهوٽ“ جي سامهون راڳي پنهنجي خان صاحبي جي سند وٺندا هئا، عشق او تيل هئس، دم جو سخي مرد سڏي سروٺ واري جهان جو سيد زادو پنهنجي دور ۾ پنهنجو جمالياتي رنگ ڏيکاري ويو، مهري اٺ چوگان ۾ چرندا هئا، اٺ به اهڙا جو جتن به نه ڏٺا هوندا، اٺ تي سواري وڏي شوق سان ڪندا هئا، مورن سان پيار هوندو هئن، چوگان سارو مورن سان ڀريل هوندو هو، گهوٽ مهدي شاهه منڊل سان پريت جي تنوار ۾ پوري حياتي سفر ۾ رهيا، فطرت هر شيءِ سان پيار هوندو هئن، ڏاند به اهڙا جو ڏسي سيني تي هٿ هڻي چوندا ته مرحبا! مرحبا پوري سنڌ جا ملهه سائين مهدي شاهه گهوٽ وٽ محمد شاهه مست جي ميلي تي ايندا هئا، \سائين جو هڪ شعر آهي ته: گهوڙو ڪو نتل هجي، پيالو پيتل هجي، حسن هوٽل هجي، ٻي نه ڪا کيچل هجي، مهدي محفل هجي، (سائين مهدي شاهه) سائين مهدي شاهه”گهوٽ“ سان هنباهه ۾ ويجهو سائين ولايت شاهه هو، جيڪو ”گهوٽ“ کي ادا جي نالي سان سڏيندو هو ۽ گهوٽ به کيس ڀاءُ جيان محبت رکندو هو، ڪيترائي فقير سائين مهدي شاهه”گهوٽ ۽ داتا ولايت شاهه کي سڳا ڀائر سمجهندا هئا، پڙاڏو سوئي سڏ هو، فقير چوندا آهن ته جڏهن اسان کي قرباني لاءِ تڪبير وجهبي هئي ته سان جهل ۾ نه ايندو هو ۽ فقير سائين مهدي شاهه وٽ ايندا هئا، تنهن تي سائين داتا ولايت شاهه کي ساڻ وٺي ايندا هئا، سان ٻن ۽ شينهن کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي هو ته رب جي رضا تي راضپو ڏيکاريندي سيس نماڻي ڇڏيندو هو. اڄ به داتا ولايت سائين جي اولاد ”مست“ جي ٻچڙن ۽ فقيرن جو ساڳيو ئي احترام رکن ٿا. سائين مهدي شاهه”گهوٽ“ کان پوءِ سندس ڀائيٽو سائين نادر شاهه”اول“ گادي نشين ٿيو. سائين نادر شاهه پرهيز گار سيد هو. ان دور ۾ روحانيت سنڌ ۾ زوال پذير هئي ۽ شفا ڏيڻ بدران ناسور پئي پيدا ڪري، ماڻهن جو بددعائون ۽ بڇڙا فعل ڏسي اوتڙائو قسم جي ماڻهن کي درگاهه تي بندش وجهي ڇڏي هئي، سائين نادر شاهه اول فيصلا ڪن قوت جو مالڪ هو ۽ نه نبيريندڙ فيصلا جلد حل ڪري ڇڏيندو هو، علائقي جا بااثر زميندار جتوئي سردار، قلندر بخش خان مهر ۽ گل محمد خان مهر مرشدن وارو مان ڏيندا هئا، سائين نادر شاهه خاموش طبع سيد زادو هو، جنهن پنهنجن ابن ڏاڏن جي مليل ولايت کي سنڀالي رکيو. سائين درگاهه کان گهٽ نڪرندو هو، جي نڪرندو هو ته مسيتيءَ وٽ ناپرن وٽ ڪافي ڏينهن ترسي پوندو هو، اڄ به ناپر ان درگاهه جا مريد آهن، سائين نادر شاهه جي برقي مٽائڻ کان پوءِ سائين سڪندر شاهه گادي نشين ٿيو، فقير سڪندر شاهه کي بادشاهه چوندا آهن ۽ سندن طبيعت بادشاهن جيان بي نياز ۽ بي غرض آهي، زماني جي ماڻهن ڌيان ڏيڻ سبب فقير درگاهه ڇڏي هليا ويا. گذريل ويهن سالن کان سائين سڪندر شاهه هنباهه ڇڏي هليو ويو. ماڻهنجون جفائن سائين کي غمگين ڪري ڇڏيو. هاڻ درگاهه ۽ درگاهه جا مسئلا سائين نادر شاهه ۽ حبيب شاهه ۾ آس رکيون انتظام ڪن ٿا ته ڪڏهن ٿي تبديلي اچي، سائين نادر (ٻيو) سائين جي ايم سيد سان والهانه محبت رکڻ سبب سنڌ جي عاشقن ۾ شمار ٿيندو آهي، فقير منش ۽ تنها پسند سيد ڪامريڊ جيان مريدن ۽ طالبان سان سلوڪ رکندو آهي، جيڪا شيءِ عام سيد ۾ نظر نه ايندي آهي، ايمان ۽ غيرت جي قبا ۾ ويڙهيل نادر شاهه جي حوالي جون ڀتيون ڪچيون ۽ ڀڳل آهن، پاڻ ”مست“ جي صحن ۾ ڪلر جي کوڙ تي پراڻي رلي تي ويهي مطمئن زندگي ٿو گذاري، هر نشي کي حرام چوندڙ نادر شاهه اڻ ڏٺل ماڻهن آڏو پاڻ کي سيد نه سڏرائيندو آهي ته جيئن اڳلو نه سڃاڻي ۽ چوندو آهي ته مون ۾ سيدن واري خوبي به نه آهي، هو قرآن پاڪ جو مثال ڏيندي چوندو آهي ته احترام لائق اهو آهي جيڪو هادي جي حڪم تي هلي، هادي جي احڪامن تي نبين جي اولاد نه هلي ته اهي به غرق ٿي ويا. صديون گذري ويون، سائين محمد شاهه ويو، سائين شير سائين ويو، هاڻ انهن جي پنجين نسل جي اولاد رهي آهي، جيڪا اڄ هڪ ٻئي کي ڀائيندي آهي ۽ ساڳي بابي ڏاڏي واري محبت هڪ ٻئي کي آڇيندي آهي، ڀٽائي گهوٽ جو هاڻوڪي گادي نشين هم صفت لطيف سردار اقبال سائين ڀٽائي به ساڳئي شير سائين واري نظر ڀورڀٽ جي درگاهه وارن سان رکن ٿا. عزيز الله سومرو