
الطاف شيخ جو نئون ڪتاب ”وَسي وَڏ ڦڙو“
الطاف شيخ گهڻو ڪري سفرناما لکيا آهن. هن جي نوڪريءَ جي اهڙي نوعيت رهي جو هن کي هر وقت سفر ۾ رهڻو پيو ٿي ۽ سفر ختم ٿيڻ تي هن کي ڪنهن ڌارئين ملڪ جي بندرگاهه ۾ منزل انداز ٿيڻو پيو ٿي يا ڪنهن ڏورانهين ٻيٽ تي. ان ڪري سندس هر سفر ۾ ولايت جون ڳالهيون رهيون آهن. سندس هن تازي ڪتاب ”وسي وڏ ڦڙو“ ۾ به گهڻيون تڻيون ولايت جون ڳالهيون آهن پر سير سپاٽن ۽ گهمڻ ڦرڻ جي جاين جي ذڪر بدران سندس مشاهدن ۽ تجربن جي آڌار تي ولايت ۾ رهڻ، گهمڻ ڦرڻ، تعليم حاصل ڪرڻ يا نوڪري جي سلسلي ۾ اڄ جي نوجوانن کي نصيحتون ڪيل آهن ته هنن کي پرديس ۾ ڪيئن رهڻ کپي، ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ کپي ۽ ساڳي وقت والدين لاءِ به چتاءُ آهي ته هو پنهنجي نوجوان اولاد تي نظر رکن، کين ڇڙواڳ نه ڇڏين ۽ کين انهن ٺڳ ايجنٽن کان بچائي رکن جيڪي اسان جي غريب ۽ مجبور ماڻهن کي ولايت ۾ نوڪرين جا ڏٽا ڏئي ڪنگال ڪن ٿا ۽ ڪوڙين نوڪرين جي دلاسن ۽ نقلي ويزائن ذريعي اسان جي ماڻهن کي ڌارين ملڪن ۾ ڏوهاري بنائي جيلن ۾ داخل ڪرائين ٿا. ان کان علاوه الطاف شيخ هن ڪتاب ۾ مختلف مضمونن ذريعي شاگردن ۽ والدين کي پنهنجي مستقبل سنوارڻ لاءِ صحيح تعليم ۽ محنت ڪرڻ لاءِ پڻ نصيحت ڪئي آهي. جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
- ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ وارن لاءَ چتاءُ.
- شاگرد ڏنگا آهن يا استاد جاهل.
- پرديس ۾ پنهنجن سان ويجھڙائي رکجي يا نه؟
- اسانجو بيروزگار نوجوان ڇا ڪري؟
- پنهنجن ٻچن کي اوڙاهه ۾ نه وجھو.....
- پنهنجن ٻارن کي لاڏلو نه بڻايو.
- پرديس ۾ پهچندڙن سان جٺيون....
- ڇا ٻاهر اسان لاءِ چين ۽ سڪون آهي؟
- ٻارن کي مستقبل جو سوچڻ کپي.....
- ٺڳين جي ور چڙهي ويندڙ اسانجا سادا ماڻهو.
- اسان لاءِ ولايت ۾ نوڪري ڇو نه آهي....
- موڪلن ۾ اسانجا ٻار ڇا ڪن؟
- ولايت ۾ شراب ۽ ڇوڪرين جي چڪر ۾ ڦاٿل اسانجا نوجوان.....
- ننڍي عمر ۾ ٻارن کي ولايت موڪلڻ کپي يا نه؟
وغيره وغيره
الطاف شيخ جو هي ڪتاب لاهور مان پاڪستان جي نئين ۽ بلند معيار رکندڙ ”سنڌيا پبليڪيشن“ طرفان عقيل عباس سومرو ڇپرايو آهي اوچي پني ۽ اوچي ڇپائي واري هن ڪتاب جي قيمت 450 رپيا آهي. ڪتاب ۾ 432 صفحا آهن ۽ ڪل مضمونن جو تعداد 60 آهي جن ۾ ڪجهه معلوماتي ۽ مزاحيه مضمونَ پڻ آهن،
جيئن ته:
- ڇا ڪبوتر توهانجو به پير مرشد آهي؟
- هڪ ايجاد جي ڪُهائي....(Miscarriage)
- ايئر ڪنڊيشنر جو اهم ڪم ڇا آهي
- گهر ۾ رهان يا بيگم جي دل ۾....
- حجامن سان واسطو.....
- سئيڊش عورت جي سوچ
- ملائيشيا جي سيڪنڊ هوم اسڪيم يا ڪوڙڪو؟
- ڇا انب ميون جو بادشاهه آهي.....
وغيره.