گُجَرِ گَهڻَا گَهائِيَا، پَاڻَا لَڳُسِ گَهاءُ مَينڌِرَي مُلَاءُ، لَڳُسِ ڪَانُ ڪَپَارَ ۾ سُرُ مُومَلَ رَاڻَو گُجَرِ = مومل، مومل ذات جي گجر هئي ان ۾ شڪ ڪونھي تہ گجر ھڪَ ذات جو نالو پڻ آھي جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جامع سنڌي لغات م ڄاڻايو آھي تہ: گُجَر = (اسم خاص) بلوچن ، چھواڻن ، راجپوتن ۽ سوڍن جي ھڪَ قوم جو نالو. پر جيئن تہ ھن بيت ۾ مومل جي سونھن ۽ سندس قاتل اکين جو ذڪر آھي سو ان جي معنى ۾ بلوچ صاحب وڌيڪَ لکيو آھي تہ : گُجَرِ = (جمع) گجريون (صفت) - سھڻي زال، حسين عورت، پَري، اپسراء، حَسين، ماھرو، خوبصورت زائفان، عورت. گَهائِيَا = گَهائيو، ڦٽيو، زخمي ڪيو پَاڻَا = پاڻان، پاڻ کي، اُٽِلَو، ويتر لَڳُسِ = کيس لڳو گَهاءُ = ڌَڪُ، زخم مَينڌِرَي = رَاڻَي، راڻو ذات جو مينڌرو هو مُلَاءُ = کان، وٽان ڪَانُ = تِيرُ ڪَپَارَ = ڪنڌ ۾، مٿي ۾ ، ڪاپار ۾ بيت جو پس منظر ~ مومل گهڻن کي گَهايو هيو پر اڄ پاڻ ئي ڦٽجي پئي آهي. ~ مينڌري وٽان جو تِيرُ لڳو ٿس ڪنڌ ۾، جدائيءَ جو. سمجهاڻي مومل پنهنجي حُسنَ، ناسي نيڻن، ريشمي زلفن، بخملي ويس وڳن ۽ ڪمال ادائن سان ڪيئي گهوٽ گَهايا هئا. ڪيترائي مير، پير، پنڊت، راجا ۽ شهزادا سندس سُونهَن جا قيدي بڻيا ها. ڪي ئي لٽجي ويا، ڦٽجي ويا، سٽجي ويا، هوش وڃائي ويٺا، ڪي دل ڦُرَائي ويٺا، ڪي سڀ ڪجھ ڦُرَائَي ويٺا ۽ ڪي هميشھ لاءِ دفن ٿي هن دنيا مان هليا ويا. اڄ مومل جو وارو آهي. هُوءَ اُداس آهي، سندس سڪون، سُرُورُ، راحتون، فرحتون ۽ مسرتون ڪير کڻي ويو آهي پاڻ سان. ڏئي ويو ٿس اوسيئڙا، اوجاڳا، انتظار، عذاب، اذيتون، ڪربناڪيون ۽ لڙڪن لارون، راڻو جو رُسِي ويو ٿَسِ. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل