هيپاٽائٽس جي خاتمي لاءِ (ڪاسني) استعمال ڪريو. طب نبوي مان هڪ نسخو !

'صحت سرير جي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هيپاٽائٽس جي خاتمي لاءِ (ڪاسني) استعمال ڪريو
    ڪاسني هڪ عام لڀڻ واري (ٻوٽي) آهي. هن جا (پَنَ) ويڪرا، پالڪ جي پتن جهڙا ٿين ٿا ۽ (گُلَ ) بِلو يعني نيرا هوندا آهن. هن ٻُوٽيءَ جو (ٻج اڇائڻ مائل ڀوري رنگ جو ۽ پنَ ايترا ته ڪڙا هوندا آهن جو چوپايو مال به کاڻ گوارا نه ڪندو آهي. مگر قدرت سڳوريءَ هن ٻُوٽيءَ ۾ هڪ صفت پئدا ڪئي آهي ته اها هيپاٽائٽس جي خاتمي لاءِ جادوئي ڪمالن جهڙو ڪم ٿي ڏي. ڪاسني هڪ اهڙي برڪت ڀري ٻوٽي آهي جنهنجي فائدي بابت نبي سائين (صلي الله عليه وسلم) جن به فرمايو آهي ته جنهن به ڪاسني کاڌي ته ڄڻ اُن تي جادو ۽ زهر جو اثر نٿو ٿي سگهي. ڪاسنيءَ کي بطور دوا استعمال ڪرڻ وقت ڌوئڻ نه گهرجي ۽ جديد تحقيق موجب به خبر پئي آهي ته جڏنهن انهن جي پنن کي دوا جي استعمال لاءِ ڌوئجي ٿو ته پوءِ اها ٻُٽي پنهنجو اثر وڃائي ويهي ٿي. ڪاسنيءِ بابت (حڪيم سيف الله سيکو) پنهنجي ڪتاب طب نبوي ۽ ايڪيهين صدي ۾ لکي ٿو ته ڪاسنيءَ کي اصل شُهرت نبي سائين (صلعم) جي ارشاد ڪرڻ سان ملي ڇو جو پوري دُنيا ۾ طب جي ڊاڪٽرن ۽ سائنسدانن جي ڳالهه ته غلط ٿي سگهي ٿي پر اسانجي بني سائين (صلم) جن جي وات مُبارڪ مان نڪتل ارشاد غلط نٿا ٿي سگهن. حڪيم صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته (ڪاسني) هيپاٽائٽس جو شافي علاج آهي ۽ چند ڏينهڙا انهن پتن کي کائڻ سان اُهي (هيپاٽائيٽس) کي پاڙ مان ئي ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏين ٿا. جڏنهن ته عام ڊاڪٽرن جو خيال آهي ته (هيپا ٽائٽس بي ۽ سي جو حتمي علاج ڪونهين) اها ڳالهه حقيقتن جي بلڪل خلاف ۽ لا علميءَ جي نتيجي طور اُڀري ٿي جڏنهن ته حقيقت اها آهي ته اڪثر بيمارين جا علاج ماڻهن جي طلائيءَ لاءِ (نبي سڳورا عليهم الصلات والسلام ) ئي ٻُڌائيندا رهيا آهن. ۽ نبي سڳورن جو چيل ڳالهيون همشه (وحي الاهي) هونديون آهن. الله جل شانهُ بيماريون نازل ڪرڻ کان پهرئين اُنهن جا علاج به پنهنجي نبين تي وحي ڪري ٻُڌايا آهن ان ڪري علم طب جي تايخ به ايتري ئي پُراڻي آهي جيتري انساني تاريخ . علم علاج ۾ الله جل شانهُ سڀ کان پهرين پنهنجي پهرئين پيغمبر (حضرت آدم عليه السلام) ج ذريٿي انسانن لاِ نازل ڪيو ۽ پوءَ حضرت (شيت عليه السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام کان ٿيندو اسانجي پياري ۽ آخري نبي حضرت مُحمد صلي الله عليه وسلم تائين . چوڏنهن سئو سال گُزرڻ کان پوءِ اڄ به (طب نبوي) صلي الله عليه وسلم پنهنجي اندر موذي بيمارين ک ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ڪي ماڻهون يوناني دوائن کي قديم تصور ڪن ٿا ۽ اها سندن ا علمي آهي ڇو جو طب کي الله جل شانهُ پنهنجي نبين جي ذريعي ڦهلايو ايستائين جو يونان جي بابائي طب به حضرت شيت عليه السلام کان فيضيابي ورتي هُئي. اڄ اسانجي چ ۾ نبي سڳورن جون طبون موجود آهن مگر بدقسمت آهيون ته ان عظيم سرمائي تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ مصنوعي طريقن ۽ تجربن تي اڙي ويٺا آهيون. هي (طب نسخو) استعمال ڪريو ۽ فائدا مشاهدي ۾ آڻيو . (جزا ڪ الله)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ادا مفيد معلومات ۾ جي کائڻ جو طريقو به ٻڌايو وڃي ها، مضمون وڌيڪ ڪارائتو ٿي پوي ها.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو