اوچتو آئون هڪ حادثي سبب مري پيس پوءِ منهنجي مائٽن روئي پٽي، مونکي ڏاڏاڻي قبرستان ۾ وڃي دفن ڪيو. جڏهن سڀ ڪانڌي دعا گهرڻ کانپوءِ هليا ويا ته قبر ۾ منهنجو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو، مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳا ۽ منهنجي دل زور زور سان ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. مون قبر ۾ هٿ پير هڻي ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي پر منهنجي مٿان تمام گهڻي مٽي پيل هئي. ان مان ٻاهر نڪرڻ آسان ڪم نه هو. جيئن ته اها مٽي اڃا آلي هئي. مون زور لڳائي نيٺ قبر ڀڃي وڌي ۽ ٻاهر نڪري آيس. منهنجو ڪفن قبر ۾ ئي رهجي ويو. منهنجو سڄو جسم ڌوڙ سان ڀريل هو. اڃا آئون پاڻ کي ڇنڊي رهيو هوس ته پويان کان انتهائي خوبصورت ۽ نوجوان ڇوڪرين جو وڏو ڌڻ پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم. سمجهه ۾ نه آيو ته هيءَ ماجرا ڇا آهي. آئون ڪٿي اچي نڪتو آهيان. ايتري ۾ اهي نوجوان ڇوڪريون مونکي گهيري ويون. مون شرم کان پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو سڀ زور زور سان ٽهڪ ڏينديون رهيون. نيٺ تنگ ٿي پڇيوم، اوهان ڪير آهيو ۽ آئون ڪٿي اچي ويو آهيان. ان تي چيائون ته تون جنت ۾ آهين ۽ اسين سڀ حورون آهيون. مون دل ۾ سوچيو ته اهڙا ڪهڙا چڱا ڪم ڪيا اٿم جو مونکي جنت ۾ وڌو ويو آهي. مون ته ڪڏهن پوري عبادت به نه ڪئي. ان تي هڪ حور منهنجي اڻ تڻ سمجهندي چيو ته تو سدائين مذهبن کان مٿانهون انسان ذات لاءِ سوچيو، ان ڪري توکي جنت ۾ وڌو ويو آهي. هونءَ به الله سائين مرضيءَ جو مالڪ آهي جنهن کي وڻيس ان کي جنت ۾ جايون ڏي. ضروري ناهي ته فقط عبادت ڪرڻ وارن کي جنت ۾ وڌو وڃي. ان تي مون پڇيو ته هيتريون ساريون حورون ڇو مونکي گهيري بيٺيون آهن.ان تي ساڳي حور چيو ته اهي سڀ تنهنجي لاءِ آهن. تون پريشان نه ٿي هل ته توکي وهنجاريون پوءِ هنن مونکي گلاب ۽ موتيءَ جي پاڻيءَ سان وهنجاريو. وهنجارڻ کانپوءِ هنن مونکي ماکي مليل کير پياريو. هڪ انگور، کجور ۽ ٻيا ڪيترائي ميوا به کڻي آيون. آخر ۾ شرابن طهورا آندائون. پوءِ ته آئون هوس ۽ حورون هيون. سچ پڇو ته ستر حورون به گهٽ لڳيون. (يوسف شاهين جي اڻ ڇپيل ڪتاب ”شعور جو سفر“ تان ورتل)