جاويد قاضي هيءُ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومتي دور جي ڳالهه آهي. 1972 يا 73 جو وقت آهي ته منهنجي والد قاضي فيض محمد ۽ والده جيڪي عمري لاءِ وڃي رهيا هيا تن کي رن وري تي هلندڙ جهاز کي روڪرائي ان مان لاٿو ويو ته توهان لاءِ حڪم آهي ته اوهان کي عمري لاءِ وڃڻ نه ڏنو وڃي اجازت ناهي. انهيءَ واقعي مهل ٻنهي کي باقاعدي احرام پاتل هيو. تڏهن منهنجي عمر اٺ سال کن هئي، بابا فوري طور تي تڏهوڪي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽي سان ملڻ جي خواهش ڏيکاري کيس جڏهن ممتاز ڀٽي سان ملايو ويو ته قاضي فيض محمد کين چيو ته هي ڇا ڪيوَ؟ ممتاز ڀٽي وراڻيو ته ”وڏي صاحب“ جو حڪم هيو. قاضي صاحب کي چيو ته حڪومت ۾ آيا آهيو ته ايڏي گُهمند ۾ وٺجي ويا آهيو. مون فقير کي ائين خوار ڪري جهاز مان لاٿو اٿوَ. اهڙي حڪومت آخر اوهان ڪيترا ڏينهن هلائي سگهندئو ؟ تنهن تي وڏي وزير ممتاز ڀٽي چيس ته دعا ڪيو اسان ته سمجهون ٿا ته ڏهه سال ڪڍي وينداسين. تنهن تي قاصي فيض محمد کيس چيو ته منهنجا هي لفظ ياد رکو ته جنرل جڏهن ڦري ويوَ ته رات جي اونداهي ۾ ئي توهان جي حڪومت ختم ڪري ڇڏيندا. ممتاز ڀٽي سان ملاقات بعد هو ٿر وارو بارڊر پار ڪري 60 ميلن جو پنڌ ڪري هندستان هليو ويو. هندستان ۾ قاضي صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ته هن بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ مجيب سان ملاقات جي خواهش ڏيکاري. ڀارتي حڪومت شيخ مجيب جي حڪومت سان رابطو ڪيو ته مجيب صاحب کين چيو ته هي واقعي به منهنجو گهاٽو دوست آهي، کيس آزاد ڪري مون ڏانهن موڪليو. ائين قاضي فيض محمد ڍاڪا پهتو ۽ شيخ مجيب جو مهمان بڻيو. شيخ مجيب سان ملندي قاضي فيض محمد چيس ته بس هاڻي اسان کي سنڌ آزاد ڪرڻ ۾ مدد ڏيو. شيخ مجيب چيس ته ٺيڪ آهي سوچيون ٿا. هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ شيخ مجيب چيس ته سنڌ جي آزادي في الحال ممڪن ناهي. اهو خيال لاهي ڇڏ ٻيو ته منهنجي پنهنجي پوزيشن به بهتر ناهي. منهنجي فوج اندر پڻ بغاوت ٿي رهي آهي. ٻيو ته مون کي ڊڄ آهي ته ڪٿي ذوالفقار علي ڀٽي کي به پاڪستان ۾ فوج مارائي نه ڇڏي. شيخ مجيب جو اهو جواب ٻڌڻ کانپوءِ قاضي فيض محمد لنڊن هليو ويو ۽ پوءِ واقعي به شيخ مجيب ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي زنده نه ڇڏيو ويو ۽ ٻنهي کي مارايو ويو.