عورتن جي بيماري (لڪوريا) جي خاتمي لاءِ ڪڪر جو وڻ افضل آهي

'صحت سرير جي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    عورتن جي بيماري (لڪوريا) جي خاتمي لاءِ ڪڪر جو وڻ افضل آهي
    ڪڪر جو وڻ پاڪستان ۽ سڳوري سنڌ امڙ جي هر علائقي ۾ ملي وڃي ٿو. هن وڻ ۾ الله جل شانهُ شفا ڏيڻ جا گهڻا ئي جُزا رکيا آهن جيڪي انساني جسم لاءِ ڪنهن ٽانڪ کان گهٽ هرگز ناهن. هن کي مختلف طريقن سان ٺاهي مختلف استعمالن سان استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن وڻ جي پاڙن کان وٺي، گُل، ڦليون، ٿُڙ، کل ، پن غرض هر شيءِ مان دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون. هن جي ٽاري کي عام طور مُساڳ لاءِ استعمال ڪبو آهي جنهن سان ڏندن ۾ ڪيڙو لڳڻ ۽ ڏندن ي ٻين بيمارين جو خاتمون اچي ٿو. پر آئون هن جي جنهن افاديت جي ڳالهه پيو ڪريان ، اُها آهي عورت جي حُسن کي اڏوهيءَ وانگر چٽي پوري ڪرڻ واري بيماري (ليڪوريا) جي. ڪڪر جو وڻ ليڪوريا کي پاڙ کان ئي ڪٽي ڦٽو ٿو ڪري ڇڏي. توهان (عورتون) ڪڪر ۽ ٻيرن کي ملائي هڪ اهڙو معجون ٺاهي واپرائي سگهو ٿا هي ليڪوريا کي ختم ڪري توهانجي پٺن (مسلس) کي به طقتور بڻائي ٿو. جيڪڏنهن توهانجي معده ۾ تيزابيت هُجي يا گهٽ بُک لڳندڙ هُجي ته هن جو شربت ٺاهي پيئڻ سان فائدو رسندو.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو