بي اولاد مرد جي ٻانجه پن جو علاج اُهي (مرجان) جو استعمال ڪن

'صحت سرير جي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    بي اولاد مرد (مرجان) جو استعمال ڪن
    قرآن شريف ۾ بهترين شين جو ذڪر انتهائي بهترين انداز ۾ (وره رحمٰن) ۾ ڪيو ويو آهي. (انهن مان نڪرن ٿا موتي ۽ مرجان) هتي ٻن سمنڊن جو ذڪر ڪري ٻُڌايو ويو آهي ته جيڪي پاڻ ۾ ملن ٿا ته هنن مان ي قيمتي عنصر (موتي ۽ مرجان) ملن ٿا. جنت ۾ ملڻ وارين حورن جي ماهيت جي باري ۾ فرمايو ويو آهي ته (هو پنهنجي چمڪ ڌمڪ ۽ جسماني ساخت ۾ اهڙيون هونديون جهڙوڪ اُهي (ياقوت ۽ مرجان) مان ٺهيون هُجن ۽ پوءِ توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ٺڪرائيندئو). الله جل شانهُ مرجان جي هر هر تعريف ڪئي آهي ان لاِ ءِان ۾ يقينن فائدا به گهڻا ئي هوندا. قديم طبيبن جي اڀياس، مشاهدي ۽ تجربن موجب (مرجان) مردانه بانجه پن يعني (اولاد پئدا نه ڪري سگهڻ جهڙي ڪمزوري) کي ختم ڪري مرد کي اولاد پئدا ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. هاڻ سوال اهو پئدا ٿئي ٿو ته اولاد ڇو نٿو پئدا ٿئي. ته ياد رکڻ گهرجي ته اولاد به هڪ ميوي جيان آهي ۽ انساني معشره جي بقاءَ جو دارومدار به اولاد جهڙي نعمت تي ئي موقوف آهي ڇو جو اولاد ئي نسل کي اڳتي وڌائڻ جو ذريعو آهي. پاڪستان ۾ته ٻه ٻار ئي پيار جو نعرو ٿو هلي پر جن ماڻهن کي بلڪل اولاد پئدا نٿو ٿئي ڪو انهن جي دل ۾ به جهاتي پائي ڏسي. بدقسمتيءَ سان اسانجي سماج جو جاهل طبقو صرف عورت کي ئي اولاد پئدا نڪ ڪري ڏيڻ جو ذميوار قرار ڏي ٿو ۽ مرد خاص طور اُهي موالي جيڪي نشي جا عادي آهن پاڻ تي توجه ڏين ئي نٿا. ريسرچ ٻُڌائي ٿي ته گهڻي ڀاڱي اولاد جو نه هُئڻ مرد جي ئي (ٻانجهه پن) هُئڻ جو ڪارڻ آهي پر هو پنهنجو علاج ڪرائڻ ۾ شرمسار ٿين ٿا. ته طبيبن مرجان جي استعمال سان مردن جي ٻانجه پن ختم ڪرڻ جو علاج ڳوليو آهي باقي جيڪا رب جي رضا.
    [​IMG]
    مرجان جي جيتري قدر تعريف ڪجي اُها گهٽ آهي، چهري جي فالتو ورن کي به مرجان جي پوڊر سان مٽائي سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح رائي يعني سُره (مسٽرڊ) جو ذڪر به سوره لقمان ۾ ملي ٿو قديم طبيبن جي مشاهدن مان خبر پوي ٿي ته مرجان، رائي (سره) ۽ جانڊ ۾ اهڙا ُزا ملن ٿا جيڪي عورت جي هارمونڪس کي اعتدال ۾ آڻي چهري، بُڪي جي فالتو وارن کان هميشه لاءِ ڇٽڪارو ياري ڇڏين ٿا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 مارچ 2015
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو