• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڻپورا خواب خادم گهراڻو

khadim ghirano

سينيئر رڪن
اڻپورا خواب خادم گھراڻو

هو جڏهن رستي تان اسڪول جي ڊريس ۾ گذرندو هو ته هن جي چهري تي خوشي ۽ مرڪ هوندي هئي هن جو پيءُ هڪ غريب مزدور هو هن ٻالڪ ۾ هن جا سپنا سمايل هئا هر ماڻهو هن ٻالڪ جي اخلاق جي واکاڻ ڪندو هو اسڪول ۾ هيءُ هوشيار هوندو هو جنهن ڪري اسڪول جا استاد ۽ ساٿي هن سان چاهت رکندا هئا مون کي به خوشي ٿيندي هئي جڏهن هن غريب جي آئون واکاڻ ٻڌندو هوس . پر هيءُ ڇا؟ هن ٻالڪ جي هٿن مان قلم ۽ ڪتاب ڪيڏانهن ويا هليا انهن جي جاءِ تي پانا آهن هن جي اسڪول جي خوبصورت ڊريس جي بدران ڪاري تيل سان رنڱيل ڪپڙا پاتل هئا هن جي چهري تي اها مرڪ نه هئي هيءُ اسڪول ويندڙ ٻارن کي اداس نيڻن سان ڏسندو رهندو هو . هن کان هڪ ڏينهن سوال ڪيم ته هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا جيڪي ڪنهن برسات جيان وهڻ لڳا جن ۾ هڪ ڏک جو سمنڊ سمايل هو هن لڙڪن کي ميري ٻانهن سان اگھندي چيو ته منهنجي پيءُ وٽ ايترا پيسا نه هئا جو منهنجي امتحاني فارم جي في ڀري سگھي ها جنهن تي هن کي چيم ته تعليم مفت آهي هن ان جو جواب ڏنو ته ڇا ڪتابن ڏيڻ سان تعليم مفت ٿي ويئي اڳيان ڪاپين جو خرچ به آهي امتحان جي في به آهي جيڪڏهن بابي وٽ امتحاني في هجي ها ته آئون به فارم ڀرائي سگھان ها منهنجي ڪنهن به مدد نه ڪئي ان ڪري امتحان ته نه ڏئي سگھان ها ان ڪري پنهنجو قلم ٽوڙي ڪتاب تاڪ تي رکي هن ڌنڌي کي اچي لڳو آهيان جيڪي منهنجا خواب هئا اهي اڻپورا ئي رهجي ويا هن جي جواب تي ڄڻ منهنجو جيءُ جھري پيو سوچڻ لڳس ته خبر نه آهي ڪيترا ٻار اهڙا ذهين هوندا جيڪي امتحاني فارم نه ڀرڻ سبب پنهنجي سپنن ۽ خوابن کي اڻپورو ٿيندي ڏسندا هوندا
 
Back
Top