غريب گل
سينيئر رڪن
پرڀات جو مسافر
غريب گل سيتائي
هو جنهن جي سنگيت ۽ سُرن ۾ سمايل صدائن جي درد تي صحرائن جي دل ٻڏڻ لڳندي هئي ، هو جيڪو ٿر جي ڀٽن لاءِ ڪنهن ڀرجھلو ڀاءُ جهڙو سڀاءُ رکندو هو، جنهن جي آڱرين جي ڇهاءُ سان، ساز ڪنواري بدن جيان آرس ڀڃي جاڳي پوندا هئا، هن جي دوستيءَ تي ڪارونجھر کي ناز هيو، هن جي آلاپن تي، جهومندڙ مور پنهنجي رقص جا نُقص جاچيندا هئا، هن جو آواز پره جو پيغام بنجي محبت ڪندڙ دلين لاءِ آٿت جا کوڙ سارا آسرا ۽ اسباب پيدا ڪندو هيو ،هن جي ورلاپن جا وراڪا آريسر صاحب (عبدالواحد) جهڙي جرئت ۽ جذبو کڻي ڪارونجھر جي ڪُک ۾ رهندڙ روپي جي روح کي ساڻ ڪري سنڌ جي نوجوان نسل کي عشق جو فلسفو سيکارڻ جي لاءِ نڪري پوندا هيا، هن جي ذات توڙي ڏات سُرن جي قافلن کي ساڻ ڪري ڪنهن بيقرار روح جيان لطيفي لات سان لوڪ جاڳائڻ جا جتن ڪندي هئي ، هن جا نيڻ سونهن ۽ سرحد جي محافظ جيان جاڳڻ ئي سکيا هيا ، هو پرڀات جو مسافر هو ، جنهن جي ڀاڪر ۾ محبوب جي ٻک جهڙو سڪون ۽ مرڪ جو مٺاس ماڻهو جي من تان گناهن جا ڪيئي غبار ڌوئي ڇڏيندو هو ، پنهنجي سموري زندگي ۾ سونهن ، سڪ ۽ سنڌ جي سلامتي لاءِ دعاگو رهندڙ صادق فقير پنهنجي مٺيءَ کان موڪلائي مٽيءَ جو مهمان ٿيو .
موت مهڻو ناهي ڇو ته هر جيو پنهنجي مقرر مدت ۾ مري وڃڻو آهي ، ليڪن ڪمهلو وڇوڙو هڪ فرد کان وٺي پوري قوم جي هيئانءُ سان جيڪي هاڃا ڪندو آهي انهن جي ڪٿ ڪرڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه هوندو آهي، ۽ جنهن طرح سان سنڌ جي موجوده صورتحال آهي انهيءَ دور ۾ سنڌ کي صادق فقير جھڙي صوفي منش انسان جي تمام گھڻي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته سنڌ غلامي جي جن بدترين حالتن کي منهن ڏئي رهي آهي ، اتي صادق جي ساز جي صدا جو اهو ڪمال هيو ته ڪيترا ئي نفيس جسم رکندڙ نوجوان پنهنجن هٺيلن محبوبائن جي ڀاڪرن مان ڇرڪ ڀري اٿي پوندا هيا، ڪيتريون ئي محبوبائون پنهنجي پرينءَ جي پيشاني چمي کين سنڌ جون پارتون ڪندي آزادي جي اجري صبوح ۾ ملڻ جي آس تي خوش نظر ايندويون هيون .
هو شيخ اياز جا انقلابي گيت ڳائڻ ويل ايئن ويٺل نظر ايندو جهڙوڪ دراوڙن جو ديوتا ، جنهن جي سٽن کي سمجھڻ لاءِ سپوت پنهنجا ساه روڪي بيهندا هيا، حليم باغي ۽ اياز گل جي غزل ڳائڻ ويل انسان ته انسان ليڪن اپسرائون به پنهنجا زلف ڇوڙي رقص ڪرڻ لڳنديون هيون ، هن جي گائڪي ۾ گلابي چمين جو مٺاس به هيو ته ارڏي سپاهي جي مضبوط مٺ ۾ تلوار جو تاب به هيو ، صادق فقير چيڪي مٽيءَ جو اهو پنوڙو هيو جنهن پنوڙي ۾ پالڻهار پنهنجي پاران نفاستن ۽ نزاڪتن جو امتزاج ڪندي محبتن جي پاڻيءَ سان ڳوهي مورت جي صورت ڏئي ڳوٺاڻي نينگري جي نازڪ هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو ، انهي نينگري وري پنهنجي ٻانهن ۾ پيل چوڙين جو ترنم ، پنهنجا ٽهڪ ، خوبصورت خواب، راتين جا اوجاڳا، بدن جي سڳنڌ ۽ رقص جا سمورا راز ارپي سنڌ کي تحفي طور ڏئي ڇڏيو .
هن جي اکين جي خاموشي ۾ به خدا جي ٻاجهه جو پرتو نظر ايندو هو ، ۽ جڏهن ادائن سان صدا ڏيندو هو تڏهن به ڪيترن ئي ڪنوارين جا انگ آرس ڀڃڻ لڳندا هئا ۽ اکين تي خمارن جا کيپ کين کيرو ڪري وجهندا هئا، هن جي محبتن جا معيار به ڀٽائي جي سٽن ۾ سمايل مفهوم ”جيها ڪي تيها مون مارو مڃيا“ سان مطابقت رکندڙ هئا ، هن جو آڳند ۽ دسترخوان عاشق جي دل جيان ڪشادو هوندو هيو، جنهن تي کائڻ ۽ ڳائڻ گڏ گڏ هوندا هئا، هن جي آوازن ۽ آلاپن ۾ ڪنواري بدن جي اکين ۾ جواني جي آيل ڳاڙهي ڳانيءَ کان وٺي انهيءَ نوجوان جون ڪهاڻيون به شامل هونديون هيون ،جيڪو وطن جي آجپي لاءِ پهاڙن جي پاڇي ۾ ٻانهن وهاڻو ڪري پهه پچائيندي آزادي جا گيت ڳائيندي ڳائيندي گھري ننڊ ۾ سمهي پوندا هئا . هو گلابن جي ديس جو رهواسي نه ئي سهي ليڪن سنڌ جي اهڙي خطي سان سلهاڙيل هيو جتي مور ٽهوڪن سان وکون واريندي ”محبوبن منٿون ڪري سڪڻ سيکاريوم“ جهڙين لافاني سٽن جو مجسم ڀاسندا هئا، صادق فقير جي سُرن تي رامائڻ واري والميڪي جهڙيون صفتون رکندڙ سائين آريسر صاحب جهڙو ماڻهو ائين ئي مرڪي پوندو هو جهڙوڪ سندس ننڍڙِي اندرا کيس ڳراٽڙيون پائي ساڻس ڳالهيون ڪندي هجي . صادق فقير سان اسان جون محبتون ڪنهن به ريکا جون محتاج ناهن، ڇاڪاڻ ته غلام قوم جو صادق سِرن ۽ سيمائن جي آبرو ۽ بقا لاءِ سُرن جي صدا سان ضميرن تان زنگ لاهي کين زندگيون ۽ زنده دليون بخشيش ۾ ڏيندو آهي ، محبتن جي سفير صادق فقير پنهنجي حياتي جي هر پل ۾ اتساه ۽ پنهنجائپ ايئن ونڊيندو رهيو جيئن ديوتا مها پرش جا دامن دان سان ڀريندو آهي، هو صادق سان گڏوگڏ امين به هيو جنهن ساز ۽ آواز کي هن قوم جي امانت سمجھندي پنهنجي ڏات ۽ ذات ڪنهن به ڪم ظرف دليز جي دروازي جي زينت بنجڻ نه ڏنو. هن وٽ ٿر ، ٿوهر ۽ مٺي ئي سڀ ڪجهه هئا، هو ٿر جي اڪن جي ڦلڙين سان محبوبا جي نڪ جي ڦليءَ جيتري محبت ڪندو هيو ، برسات جي بوندن سان ڀنل ڀٽن تي ويهي ملهار ڳائڻ ويل ديوتائن کي حيران ڪري وجھندڙ صادق فقير ”سڪڻ ڪيا شهيد مارو ملڪ ملير جا “ جهڙين سٽن تي سڏڪو ڀريندي فطرت کي ميار ڏيندي اهو ضرور چيو هوندو ته اي ڏيهه جا ڏاتار ! جيڪڏهن تون پنهنجي ٻاجهه ڪرين ها ته خيرپور جي شودي شاه (قائم علي شاه) جي ڪهڙي مجال جو اهو ” آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ جهڙن شُڪرگذار انسانن جي شان جي خلاف زبان درازي کان ڪم وٺي معصوم ۽ مشڪور ماڻهن جي بکن تي بي لغامي سان لفظن جا وار ڪري ها، ڇاڪاڻ ته صادق فقير جھڙا انسان جتي پهاڙن جهڙو حوصلو رکندڙ هجن ٿا ته اتي وري ڪنواري ڪرائي ۾ پيل چوڙيءَ جهڙن نفيس جذبن مالڪ به هجن ٿا،اهڙن انسانن جو هجڻ هر دور جي گھرج هجي ٿي، خصوصا جڏهن وطن جون چانڊوڪيون ۽ چيٽ غلامي جي خونخوار حالتن سان منهن مقابل هجن ، اهڙين حالتن ۾ صادق جي اچانڪ موڪلاڻيءَ احساسن جي تتل صحرائن تي ڪربلا پربا ڪري وجھنديون آهن ، آزادي جي آرڻ ۾ مرڪندي موڪليل محبوبن جي پريميڪائن جي سڊول سينن جا اوچا ڳاٽ آس ۽ نراس جي جهڙي ٻڏ تر ۾ جهڪي پوندا آهن. ۽منهنجي دل گواهي ڏئي ٿي ته ڀٽ ڌڻي جي پيراندي ۾ ستل شيخ اياز ڀٽائي جي قدمن تي اکيون رکي روئي ڏنو هوندو ، مڪلي جي ميدان ۾ دريا خان ڄام نندي سان ڳراٽڙي پائي سڏڪا ڀريا هوندا، ۽ سنڌ جا سمورا سورما سن جي سرزمين تي گڏ ٿي ان ٻڍڙي سيد کي ڪلهن جو سهارو ڏئي ٽلٽي جي ڌڻي کي ساڻ ڪري صادق فقير جي سيراندي کان بيهي عبدالواحد آريسر جي اکين سان کيس سلام آڇيا هوندا ، ۽ يقينن صادق فقير جي خاڪي جسم مڪي جي پهاڙن کان مٺيءَ تائين پهچڻ جي ڪٺن مسافتن واري ٿڪاوٽ اڇلائيندي مخدوم بلاول ۽ سن جي سيد جا هٿ چمي اکين سان اجازت وٺندي هي ٻول ضرور ورجايا هوندا ته
وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو
ختم اونداه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو