بُڪين جي اِها بيماري مريض کي مشين جو محتاج بڻائي ٿي ڇڏي. بڪين جو ڪم آهي خون مان خراب مادا جهڙوڪ: يوريا، ڪريئٽنين ۽ ٻيا انيڪ زهريلا مادا صاف ڪري پيشاب رستي ٻاهر ڪڍڻ. بڪيون جڏهن خراب ٿي وينديون آهن ته اهي خراب مادا جسم ۾ رهجي ويندا آهن ۽ مريض کي بي حال بڻائي ڇڏيندا آهن. بڪين جي مستقل خرابي جو مقصد آهي بڪين جو تاحيات خراب ٿي وڃڻ. ٻارن ۾ اها بيماري ڪيترن ئي سببن ڪري ٿي پوندي آهي. وڏن ۾ ان بيماري جي سببن ۾ مٺا پيشاب سڀ کان وڏو سبب آهي. مٺن پيشابن جي بيماري وارا مريض احتياط نه ڪرڻ ڪري پنهنجا گردا وڃائي ويهندا آهن. وڌيل بلڊ پريشر هڪ ٻيو وڏو سبب آهي. ٻين سببن ۾گردي جون بيماريون، پيدائشي بيماريون، پيشاب مان چرٻي جي ضايع ٿيڻ واريون بيماريون ۽ پٿريءَ جي بيماري عام آهن. ٻارن ۾ گردي جون بيماريون جهڙوڪ گلومرولر بيماريون، پيدائشي بيماريون جهڙوڪ: پيشاب جو مثاني مان گردن ڏانهن واپس وڃڻ، پيشاب جي ٻاهر خارج ٿيڻ ۾ رڪاوٽ، پٿري جي بيماري وغيره وغيره. انهن بيمارين جي سڃاڻپ پيشاب جي چڪاس، خون جي چڪاس، الٽراسائونڊ، ايڪسري ۽ گردي جي بائپسي ذريعي ڪري سگهبي آهي. اسان جي ملڪ ۾ جيئن ته مريض دير ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ڊاڪٽرن تائين پهچندي انهن جا گردا سُڪڙجي ننڍا ٿي ويندا آهن ان صورت ۾ بائپسي به ڪونه ڪري سگهبي آهي. تنهن ڪري اسان وٽ ٻار ۽ وڏا جيڪڏهن گردن جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ۽ دير ڪري ڊاڪٽر وٽ پهچندا آهن ته انهن ۾ مرض جو سبب به اڪثر صورتن ۾ معلوم ڪونه ٿي سگهندو آهي. گردي جي بيماري ۾ مبتلا مريضن کي ڪڏهن پيشاب ۾ خون جي شڪايت ٿيندي آهي ته ڪڏهن وري مرض ايترو ته وڌي ويندو آهي جو اچانڪ گردي جي صفائي (ڊائلسس) جي ضرورت پئجي ويندي آهي. اها بيماري ڪجهه حالتن ۾ انتهائي خاموشيءَ سان وار ڪندي آهي. انهيءَ ڪري ئي سڄي دنيا ۾ گردن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ته جيئن ماڻهو هر سال پنهنجا گردا چڪاس ڪرائين ۽ اوچتو ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا نه ٿين. اها بيماري ٻارن ۾ ڳلي جي انفيڪشن (اسٽريپٽڪوڪِل انفيڪشن) جي ڪري به ٿي سگهي ٿي ڪڏهن وري ليوپس واري بيماري ڪري به گردا خراب ٿيو پون. ڪڏهن ڪڏهن اها بيماري لڪي لڪي ايندي آهي ۽ اندران ئي اندران گردن کي خراب ڪندي رهندي آهي. ان بيماري ۾ پيشاب ۾ چرٻي ضايع ٿيڻ ڪري جسم تي سوڄ ٿي ويندي آهي. پٿريءَ جي بيماري کي جيڪڏهن وقت تي نه پڪڙبو ۽ علاج نه ڪرائبو ته گردن جي مستقل خرابي کي جنم ڏئي سگهي ٿي. اهڙي نموني وڌيل بلڊ پريشر ۽ ڪنٽرول کان ٻاهر مٺن پيشابن جي بيماري (Diabetes) به گردن کي مستقل خراب ڪري سگهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن اها بيماري بلڊ پريشر ۽ ساهه جي تڪليف جو سبب به بڻبي آهي، اهو ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ ڪري ٿيندو آهي. خون جي ڪمي ۽ هڏين جو ڪمزور ٿي وڃڻ به هن بيماري جي نشانين ۽ خرابين ۾ شامل آهي. خون ۾ يوريا جي وڌي وڃڻ ڪري هيٺيون نشانيون ظاهر ٿي سگهن ٿيون. بُک جو نه لڳڻ، دل ڪچي ڪچي ٿيڻ، اُلٽي جو هر وقت خيال، اُلٽي، دل جي پردي ۾ سوڄ، دماغي خرابيون جهڙوڪ: جهٽڪا، بيهوشي ۾ موت به واقع ٿي سگهي ٿي. اِهي نشانيون يوريا جي خون ۾ مقدار سان ٻڌل ناهن. نشانيون شديد ۽ يوريا گهٽ يا يوريا وڌيڪ ۽ نشانيون گهٽ ٿي سگهن ٿيون. گردي جي خرابي ڪڏهن ته آهستي آهستي وڌندي آهي ته ڪڏهن وري تيزي سان ان جو دارومدار گردي جي بيماري جي قسم، ماڻهو جي معاشي صورتحال ۽ ڪجهه ٻيا سبب جهڙوڪ جِين (Gene) جو قسم ۽ بُڻ بنياد به ٿي سگهن ٿا. گردي جي بيماري جي سڀ کان عام نشاني پيشاب ۾ چرٻي جو ضايع ٿيڻ آهي. گردي جو ڪم ۽ پروٽين جو ضايع ٿيڻ 24 ڪلاڪن واري پيشاب سان چڪاسبو آهي. گردي جي مستقل خرابي جو دل جي بيمارين سان لاڳاپو: گردي جي خرابي جا مريض دل جي بيمارين ۾ وڌيڪ مبتلا ٿيندا آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته گردي جي خرابي وارن مريضن ۾ ڪئلشيم جي ڪمي ٿي ويندي آهي ۽ انهن کي ڪئلشيم جون گوريون ۽ انجيڪشن ڏنا ويندا آهن، اها ڪئلشيم دل جي شريانين (نالين) ۾ اندر ڄمي ويندي آهي ۽ نالين کي سوڙهو ڪري ڇڏيندي آهي ۽ ائين دل جي دوري جا امڪان وڌي ويندا آهن. اهڙن مريضن ۾ نمونيا ۽ انفلوئنزا به گهڻي ڏٺي وئي آهي، تنهن ڪري انهن مريضن کي مٿين بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا لڳرائجن ٿا. علاج: مستقل خرابي وارن مريضن جو: گردي جي خرابي جي رفتار کي گهٽائڻ جا طريقا (1) جسم ۾ پاڻي جي ڪمي جا سبب بڻجندڙ بيماريون جهڙوڪ: دست، الٽيون، خون جو ضايع ٿيڻ، بلڊ پريشر گهٽائيندڙ بيماريون، جهڙوڪ: دل جون بيماريون، انفيڪشن (جسم ۾ جراثيم)، گردي جي ڪم ڪرڻ واري صلاحيت گهٽائڻ واريون دوائون جهڙوڪ: بروفن وغيرهه کائڻ کان پاسو ڪرڻ. ڪجهه ٻيون دوائون جهڙوڪ: جينٽامائسن انجيڪشن به اڳ ۾ ئي موجود گردي جي عارضي خرابي کي وڌيڪ خراب ڪنديون آهن. وڏي عمر جي مريضن ۾ غدود جي ڪري گردن تي سوڄ جي پيدا ٿيڻ ڪري به متاثر گردن جي ڪم تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا. جن مريضن جي پيشاب ۾ چرٻي ضايع ٿئي ٿي انهن ۾ مٺن پيشابن تي قابو پائڻ، بلڊ پريشر کي 120/80 mm of Hg جي حد ۾ رکڻ، بلڊ پريشر جون دوائون جهڙوڪ: ACE انهيبيٽر ڏيڻ گردي جي خرابي ۾ تيزي کي گهٽ ڪن ٿيون پر اهو سڀ بيماري جي شروع ۾ ئي ٿيڻ گهرجي يعني جڏهن خون ۾ ڪريئٽنين جي مقدار مردن ۾ 1.5 ملي گرام کان گهٽ ۽ عورتن ۾ 1.2 ملي گرام کان گهٽ هجي، جيئن هن بيماري ۾ اهو ضروري هوندو آهي ته ان کي شروع کان ئي پڪڙجي ۽ علاج ڪجي ته ڪم آسان ٿيو پوي. کاڌي ۾ به ڪجهه تبديلي ڪرڻ سان بڪين جي مستقل خرابي وارن مريضن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. گوشت جو مقدار اڌ گرام کان مني گرام في ڪلو وزن تائين روزانو ڪرڻ گهرجي. خون ۾ چرٻي جي مقدار کي به قابو ۾ آڻجي. سگريٽ ڇڪيندڙ سگريٽ/ٻيڙي/حقو ڇڪڻ بند ڪن ته بڪين جي خرابي ۾ تيزي کي روڪي سگهجي ٿو. گردي جي مستقل خرابي جي ڪري هيٺيون پيچيدگيون پيدا ٿي سگهن ٿيون: جسم ۾ پاڻي جو واڌو جمع ٿيڻ: لوڻ ۽ پاڻي جو تناسب متاثر ٿيڻ ڪري جسم ۾ واڌو پاڻي جمع ٿيو وڃي، لوڻ جي استعمال کي گهٽائڻ سان به بڪين جي خرابي ۾ تيزي کي روڪي سگهجي ٿو. خون ۾ پوٽاشيم جو وڌي وڃڻ: خون ۾ پوٽاشيم جي وڌي وڃڻ ڪري ماڻهو جو موت به واقع ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري پوٽاشيم جي روزاني مقدار کي گهٽائڻ گهرجي ۽ اهڙا کاڌا نه کائڻ گهرجن جن ۾ پوٽاشيم گهڻي مقدار ۾ شامل آهي. ميوا، ميون جو رس، ڳاڙهو گوشت، سُور ختم ڪرڻ جون ڪجهه دوائون، ڪجهه بلڊ پريشر ڪنٽرول ڪرڻ واريون دوائون اهي سڀ خون ۾ پوٽاشيم جي مقدار کي وڌائين ٿيون. هڏين جو ڪمزور ٿي وڃڻ: گردي جي مستقل خرابي وارن مريضن ۾ هڏين جو ڪمزور ٿي وڃڻ به هڪ پيچيدگي آهي. ڪئلشيم جي ڪمي ڪري هڏيون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽٽي به پونديون آهن. بلڊ پريشر: 80 کان 85 سيڪڙو گردي جي مستقل مريضن ۾ بلڊ پريشر وڌيل هوندو آهي. بلڊ پريشر کي قابو ۾ رکڻ انتهائي ضروري آهي. خون جي ڪمي: ان بيماري ۾ خون جو ٺهڻ گهٽجي ويندو آهي تنهن ڪري خون جي ڪمي ٿي پوندي آهي. ان ۾ گردي جي هڪ رتوبت اريٿرو پوئٽن خون ۾ گهٽجي ويندي آهي. ان ڪري ڳاڙهي خون جي جزن جي عمر به گهٽجي ويندي آهي. تنهن ڪري خون جي ڪمي Anemia ٿي پوندي آهي. اهڙن مريضن ۾ اريٿرو پوئٽن جون سُيون لڳرائڻيون پونديون آهن. اها انجيڪشن هفتي ۾ هڪ دفعو لڳرائبي آهي. خون ۾ چرٻي جو وڌي وڃڻ: ان بيماري ۾ خون ۾ چرٻي يعني Lipid وڌي ويندي آهي تنهن ڪري چرٻي گهٽائڻ جون دوائون واپرائڻيون پونديون آهن. ازدواجي زندگي ۾ رُخنو: انهن مريضن جو 50 سيڪڙو مرداڻي ڪمزوري، خواهش گهٽجي وڃڻ ۽ ٻارن جي پيدائش نه ٿيڻ جي شڪايت ڪندو آهي. جيئن ئي اهي مريض گردن جي بلڪل خراب ٿيڻ جي ويجهو پهچندا آهن ته پوءِ خون ۾ يوريا جي وڌي وڃڻ ڪري بک جو نه لڳڻ، الٽي، جلدي ٿڪجڻ، ڪمزوري ۽ دل جي پردي ۾ پاڻي جمع ٿي وڃڻ جهڙن مسئلن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن. ڊائلسس: جڏهن مٿين صورتحال ٿيڻ لڳي ته پوءِ مريض کي خون جي صفائي واري مشين تي لڳائڻو پوندو آهي. ڊائلسس ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. مشين رستي يعني هيموڊ ڊائلسس يا وري پيٽ رستي يعني پيريٽونيل ڊائلسس. هيموڊائلسس: لاءِ ڪنهن وڏي نس ۾ هڪ ٻه منهن نلڪي وجهبي آهي ۽ ان نلڪي رستي مريض کي مشين سان جوڙي ڇڏبو آهي. نلڪي جي هڪ مُنهن مان خون جسم مان نڪري مشين مان ٿيندو ۽ اُتان هڪ عمل ذريعي صاف ٿي نلڪي جي ٻئي منهن کان جسم ۾ واپس ويندو آهي ۽ اهو عمل 4 ڪلاڪن لاءِ جاري رهندو آهي ۽ هفتي ۾ ٻن کان ٽي دفعا اهو عمل دهرائبو آهي. پيريٽونيل ڊائلسز: پيٽ ۾ هڪ نلڪي وجهي هڪ ڪيميائي مادي جنهن کي پيريٽونيل سوليوشن چئبو اهي پيٽ ۾ وجهبو آهي ۽ ڪجهه وقت ان کي پيٽ ۾ ڇڏبو آهي ۽ ان کان پوءِ اهو واپس نلڪي رستي ئي ٻاهر اچي ويندو آهي. اهو عمل وري وري ڪبو آهي ته جيئن خون مان يوريا ۽ ڪريئٽنين صاف ٿي وڃي. اهو عمل به هفتي ۾ ٻن کان ٽي دفعا دهرائبو آهي، ڪن صورتن ۾ روزانو به ڪبو آهي. هيمو ڊائلسس ٻانهن ۾ هڪ ننڍو آپريشن ڪري جنهن ۾ ٻن نسن کي پاڻ ۾ ملائبو آهي جنهن کي AV Fistula چئبو آهي جي رستي به ڪري سگهبي آهي. گردي جي تبديلي: گردي جي مستقل خرابي جو مستقل علاج گردي جي تبديلي آهي. ان آپريشن ۾ مريض جو رشتيدار پنهنجو گردو عطيو ڪندا آهن ۽ پوءِ اهو گردو مريض ۾ لڳايو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن مريض وٽ پنهنجو ڪو رشتيدار پنهنجو گردو ڏيندو هجي ته پوءِ ان مريض لاءِ هڪڙو ئي آسرو ٿو رهي ته موت جي منهن مان بچائڻ جي لاءِ عطيو ٿيل گردو ئي کيس لڳائي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ کيس سڄي زندگي مشين جو محتاج ٿي رهڻو پوندو آهي. ويجهڙائي ۾ اسان هڪ ڪوششن سان به موت کان پوءِ عضون جي عطيي وارو قانون عمل ۾ اچي چڪو آهي. قانون مطابق ماڻهو پنهنجا عضوا موت کان پوءِ به عطيو ڪري سگهي ٿو اهڙو قانون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لاڳو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ساليانو هزارين ماڻهو عضون جي مستقل خرابي ۾ مبتلا ٿي پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ڇڏين ٿا جنهن ۾ جگر، گردي، دل، لبلبي جا مريض شامل آهن، انهن جون جانيون عضون جي پيوند ڪاري سان بچائي سگهجن ٿيون. اهو اهم آهي ته ”احتياط علاج کان بهتر آهي.“ گردي ۾ پٿري جي بيماري دستن جي بيماري ۽ اڻپوري غذا ٻارن ۾ مثاني جي پٿري جا وڏا سبب آهن. پٿري جي بيماري جا اندريان سبب هيٺيان آهن. (1) پيشاب جو گهٽ ٺهڻ (2) پٿري ٺاهڻ وارا مادا به پيشاب ۾ گهڻا هجڻ (3) پيشاب گهٽ ٺهڻ ۽ پٿري ٺاهڻ وارا مادا ٻئي پيشاب ۾ گهڻا هجن (4) گرم آبهوا (5) پگهر جو گهڻو وهڻ ۽ جسم ۾ پاڻي جي ڪمي ٿيڻ (6) پيشاب ۾ رڪاوٽ (7) پيشاب ۾ جراثيم پٿري ٺاهڻ جا ٻاهريان سبب: (1) پاڻي گهٽ واپرائڻ (2) لوڻ جو غير ضروري استعمال (3) گوشت خاص ڪري ڳئون ۽ ٻڪري جو گوشت وڌيڪ کائڻ (4) کنڊ جو ضرورت کان وڌيڪ استعمال (5) وٽامن ڊي جو گهڻو استعمال (6) آگزليٽ وارن کاڌن جو گهڻو استعمال جهڙوڪ پالڪ، چانهه ۽ ڪافي. پٿري ٺاهيندڙ مريض کي هڪ گلاس کير جو روزانو پيئڻ گهرجي. ڪجهه پٿر سور نه ڪندا آهن ۽ پيشاب ۾ خون اچڻ جهڙيون علامتون ظاهر نه ڪندا آهن، اهي، ڏاڍا خطرناڪ هوندا آهن. جڏهن اهي، پٿر سور ڪندا آهن ته اهو شديد هوندو آهي. هيئن ۾ هنڊائيندڙ گفتا ٿولهه کان بچو. بلڊ پريشر چڪاس ڪرائيندا رهو. جيڪڏهن اوهان ذيابيطس (شوگر) جا مريض آهيو ته ان جي علاج ۾ سستي نه ڪريو. روزانو ورزش ڪريو. بلڊ پريشر وارن مريشن کي ان جو علاج باقاعدگيءَ سان ڪرائڻ گهرجي. غير ضروري دوائن جو استعمال ۽ غير سند يافته طبي عملي کان علاج ڪرائڻ کان پرهيز ڪريو. هر سال پنهنجي بڪين جي چڪاس ڪرايو. تماڪ جي استعمال کان پاسو ڪريو. جيڪڏهن اوهان پٿري جي بيماري ۾ مبتلا آهيو ته ان جو علاج جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي ڪرايو. گردي جي پٿري کان ڪيئن بچجي اهو بهتر ٿيندو ته گردي جي پٿري جو علاج ڪرائڻ جي بجاءِ گردي جي پٿري جي مرض کان بچجي. پاڻي گهڻو پيئجي ڇاڪاڻ ته پاڻي جو گهٽ واهپو جسم ۾ پاڻي جي ڪميءَ کي جنم ڏيندو آهي ۽ اهو پٿر ٺهڻ جو سڀ کان وڏو سبب آهي. جيڪڏهن پٿري هڪ دفعو اڳ به نڪري چڪي آهي ته ان جي ليباريٽري ۾ چڪاس ڪرائجي ۽ پوءِ ان مطابق کاڌي پيتي ۾ پرهيز ڪجي. چوويهن ڪلاڪن جو پيشاب به چڪاس ڪيو ويندو آهي. ”سڀ کان اهم آهي گهڻو پاڻي واپرائڻ، ايترو جو پيشاب بلڪل سفيد پاڻي جهڙو اچڻ لڳي“. احتياط علاج کان بهتر آهي.“ ڪتاب ”صحت سڀني لاءِ“ جي ٿورن سان پيشاب ۾ رت جو اچڻ (ڳاڙهو پيشاب) ڳاڙهو پيشاب خطرناڪ به ثابت ٿي سگهي ٿو. ان جي چڪاس ڪرائڻ ضروري آهي. اهو مثاني، بڪي ۽ غدود جو ڪينسر به ٿي سگهي ٿو. اها بڪي ۽ مثاني جي ٽي بي هجڻ ڪري به اچي سگهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اها رت فقط خوردبين ۾ نظر ايندي. خوردبين ۾ نظر ايندڙ ڳاڙها جزا بڪين جي سوزش ڪري به اچي سگهن ٿا. ٻنهي صورتن ۾ بڪين جي ماهر ڊاڪٽر سان رابطو ڪريو.