عاشق حسين ساند ثقافت لفظ جي وصف مختلف عالمن مختلف طريقن سان بيان ڪئي آهي. ثقافت جي لغوي معنيٰ عقل وڌائڻ آهي ۽ اصطلاحي معنيٰ انسانن جي زندگي گذارڻ جو طريقو آهي. جيئن ته انسان جو تعلق انهي زمين سان آهي جتي هو رهي ٿو، تنهنڪري انهي زمين جي ساخت، آبهوا، نهرون ، آبادي. جانور، پکي پکڻ ،جيت جڻيا ،وڻ ٽڻ ،گاهه ٻوٽا ۽ گهر گهاٽ سندس زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا. انهي ماحول مطابق ئي هو پنهنجي زندگي کي آساني سان گذارڻ لاءِ پوشاڪ پائي ٿو. کاڌو کائي ٿو رسمون رواج جوڙي ٿو ۽ انهن جي بيان ڪرڻ لاءِ پنهنجي ٻولي ۾ لفظن ۽ اصطلاحن جو اضافو ڪري ٿو. ثقافت جي موضوع هيٺ زندگي جا سڀ شعبا اچي وڃن ٿا جهڙوڪ؛ مذهب، تهذيب ، پهرڻ ، ٻولي، ترقي، انسانيت جو ظهور ، اختيار، آداب، اٿڻي ويهڻي ، ۽ ريتون رسمون وغيره. ان کان سواءِ انسان جو جياپو ۽ ان جا وسيلا، هلت چلت، هنر ، رواج ۽ کاڌو پيتو به ثقافت جي دائري ۾ داخل آهن. مجموعي طرح طرزمعاشرت کي ئي ثقافت جو نالو ڏنو وڃي ٿو. انگريزي ۾ ثقافت لا ڪلچر لفظ استمعال ٿئي ٿو. جنهن جي اصطلاحي مفهوم ۾ ذهني ترقي ،آداب ۽ اخلاق تهذيب ۽ تمدن جو خصوصيتون اچي وڃن ٿيون. ثقافت ماحول ۽ ضرورت هيٺ جنم وٺندي آهي انهي لحاظ کان ثقافت هر شخص جي ضرورت آهي ۽ هر شخص ثقافت ۾ پنهنجو پاڻ ڪردار ادا ڪري ٿو. تهذيب به ثقافت جي هڪ شاخ آهي جنهن ۾ شهرن جو وجود سياسي ردوبدل ۽ پشه وراڻيون خاصيتون شامل آهن. موجود دور جي محققن ثقافت جي دائري ۾ مذهب، فلسفي، ڪاريگرين آرٽ (فنون لطيفه) ۽ معاشرت کي به شامل ڪيو آهي، ۽ تهذيب ۾ خاص طور هر طرح جي ٽيڪنيڪي علمن کي به ثقافت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ثقافت جي ترقي تهذيب ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي . ثقافت ، تهذيب يافته به ٿي سگهي ٿي ته غير تهذيب يافته به. مطلب ته ڪنهن به قوم جي ذهني فڪري ۽ روحاني منظر نامي کي ثقافت چئبو آهي. جنهن ۾ مذهبي رسمون ، تهذيبي قدر، تاريخي روايتون، معاشرتي رواج، مجلس جا آداب، توهم پرستي، روحاني عقيدا، غذائي عادتون، لباس، ٻولي، ادب، رهڻي ڪهڻي، عبادت جا طريقا، ڳائڻ وڄائڻ، ساز سرود، نچڻ ٽپڻ، جا انداز ٻارن جا رانديڪا، عورتن جا زيور، روزمره ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَ، سيبي ٽوپي جا نمونا، ذهني جسماني تفريح، کيل تماشا، عرس، ميلا، عيدون ۽ مذهبي ڏينهن شامل آهن. جديد محققن موجب مذهب، تاريخ، جاگرافي، ٻولي ۽ لباس کي ثقافت جي بنيادي عنصرن ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي. سنڌ شروع کان ڪپڙي جي واپار ۽ صنعت جو مرڪز رهي آهي، سنڌ جي ٻهراڙي جون عورتون رنگ برنگي ڪپڙي جي ٽُڪرين کي وڏي مهارت سان ڳنڍي هڪ وڏي چادر جنهن کي مقامي ٻولي ۾ “رَلِي” ڪري سڏيو ويندو آهي تيار ڪنديون آهن. رلي اُتي جي مقامي لفظ “رلانا” مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي “ڳنڍڻ”، رلي پاڪستان جي ڏکڻ وارن علائقن جهڙوڪ سنڌ، بلوچستان ۽ چولستان سحرا سان گڏ انڊيا جي راجستان ۽ گُجرات وارن علائقن ۾ پڻ تيار ڪئي ويندي آهي. مسلمان توڙي هندو عورتن سان گڏوگڏ مختلف ذاتين، قبيلن، ڳوٺن توڙي خانه بدوش عورتون گھرن ۾ ويهي رلي جو ڪم ڪنديون آهن. رلي جو استعمال هنڌ يا بستري طور پڻ ٿيندو آهي، ٻهراڙي ۾ اڪثر ماڻهو مهمانن کي کٽ تي رلي وڇائي خاطر توازا ڪندا آهن. ان کان علاوه رليون شادين ۾ ڏاج طور نياڻين کي ڏنيون وينديون آهن، رلي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ هڪ خاص ثقافت طور سڃاتي وڃي ٿي. رلي آمريڪا جي ڪيترن ئي عجائب گھرن ۾ نمائش طور پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ سڀ کان پهرين رلي جي نمائش سن 2003 ۾ آمريڪا جي شهر هوسٽن ۾ هڪ ميلي ۾ لڳائي وئي، آمريڪا جي “نيبراسڪا لنڪن” نالي يونيورسٽي ۾ رلي جا تقريبن 150 مختلف قسم موجود آهن. رليءَ جو هنر آڳاٽي توڙي هاڻوڪي دور ۾ ، سنڌ جي عورتن جي سگهڙپائي ۽ ڏاهپ جو ضامن رهندو آيو آهي ۽ اڳتي به رهندو. سنڌي عورتون رلين کي مٽي ۽ دز کان بچائڻ لاءِ انهن کي ڪنهن پراڻيءَ وڏي رليءَ ۾ ٻوجهن جي شڪل ۾ سبي رکن ٿيون . جن کي هونءَ ته رلين جي ڳٺڙي چئي سگهجي ٿو ، پر عورتون پنهنجي مخصوص زبان ۾ اهڙي ڳٺڙيءَ کي لوندو يا رلين جو لوندو چون ٿيون. جنهن ۾ ڏهن کان ويهن تائين رليون اچي وڃن ٿيون. رلين جي تياريءَ جي سلسي ۾ گهر ۾ پيل پراڻن ڪپڙن کي گڏ ڪري انهن جا ٽڪر ڪٽي رلي ٺاهڻ جي ڪرتب آندا وڃن ٿا ، پر اڄڪلھ جي زماني ۾ نوان ڪپڙا به رلي ٺاهن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. رليءَ ٺاهڻ مهل سڀ کان پهرئين مٿيان پُڙ تيار ڪيا وڃن ٿا، ۽ پوءِ هيٺيان پُڙ تيار ڪبا آهن. ان کانپوءِ هيٺيون پُڙ زمين تي پٿاري ان جي مٿان لِھُ جو تھ ( ڪپھه جو تھه ) وڇائي تنهن جي مٿان مٿيون پُڙ پکيڙي ، ٽنهي تهن کي گڏي ، ڇڊا ڇڊا کڻ هڻي لھ کي قابو ڪبو آهي . انهن ڇڊن کڻن کي ” ڦانٽيا ” چئجي ٿو. ڦانٽين کانپوءِ ٻنهي پُڙن جي ڪنارن کي اندر موڙي کڻ هڻي رليءَ کي رکي ڇڏبو آهي . ان کانپوءِ گهر ۾ گڏ ٿيل ڪپڙن جا سمورا ٽڪر ۽ لِھُ کپي ويندا آهن ، تڏهن پاڙي وارين عورتن کي سڏي رليون سبيون وينديون آهن. رلين سبڻ جو اهو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي .جنهن ۾ کڻ ڪاريگري ۽ سڌائي سان گڏ تکائي جو به مقابلو هوندو آهي . انڪري مقابلي واريون ڦانٽيا وِرهائي رکنديون آهن ۽ پوءِ ٿيندو آهي سندن مقابلو . جنهن ۾ ” جانهجريون ” عورتون ٻه ٻه ـ ٽي ٽي سُيون گڏ استعمال ڪنديون آهن ۽ وري سُين ۾ ڌاڳا وجهڻ لاءِ سندن مددگار ننڍيون ننڍيون نينگريون ۽ نڪميون عورتون هونديون آهن. رلين سبڻ سنڌي قوم جي لباس ۾ اجرڪ کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. انهي ڳالهه جو اندازو پنج هزار سال قديم موئن جي دڙي جي آثارن مان نڪتل هڪ بادشاهه جي مجسمي مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن کي هڪ خاص قسم جي پوتِي اوڍيل هئي، جنهن کي پاڻ اجرڪ جي سڀ کان پهرين اصل حالت يا شڪل چئي سگھون ٿا. ڇو ته انهي جو رنگ، خاڪو ۽ مڪمل ٻاهريون نقشو اجرڪ جي نقشي سان گهڻي قدر مشابهت رکي ٿو. قديم عربي ادب ۾ اجرڪ کي “ازرڪ” چيو ويندو هو، جنهن جي معنيٰ آهي “نِيلو”. مصري پهنجي مَمِي (سانڍيل لاش) کي سوٽي ڪپڙي ۾ ويڙهيندا هئا جيڪو سنڌ مان گھرايو ويندو هو. جنهن کي هُو “سنڌِهن” ڪري چوندا هئا. پهرين ايراني بادشاه “دارا” جي تاج پوشي جي موقعي تي هن کي سنڌي اجرڪ ۽ لباس پيش ڪيو ويو هو. بنيادي طرح سان اجرڪ جا چار رنگ آهن ڳاڙهو، نِيرو، اڇو ۽ ڪارو. اجرڪ جو تَر (وچون حصو) نِيرو يا ڳاڙهو، پاسن کان هاشيون ڪاريون ۽ چِٽ گُل اڇي رنگ جا هوندا آهن. اجرڪ جي اها خصوصيت آهي ته ان کي هر موسم ۾ اوڍيو ويندو آهي، سنڌي ماڻهو پهنجي وڏن، پيارن ۽ خصوصن مهمانن کي اجرڪ سُوکڙي طور ڏئي پيار، محبت ۽ مهمان نوازي جو اظهار ڪندا آهن. اڄڪلهه وري شرٽون، ٽايون، عورتن جو لباس، کٽ جون چادرون، پردا اجرڪ جي ڇاپي مان تيار ڪيا وڃن ٿا. سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ اجرڪ جي صنعت پوين پساهن ۾ نظر اچي رهي آهي پرگهور نه هئڻ ڪري اجرڪ جو هنر ڏينهون ڏينهن گهٽجڻ لڳو آهي جنهن سبب ڪيترائي خاندان بيروزگار ٿي ويا آهن، خوشي ۽ غمي جي موقعي تي اجرڪ کي خاص اهميت حاصل آهي. ساڃاهه وندن پاران حڪومت کان پنج هزار سالن کان به وڌيڪ قديم تهذيب جي وارث اجرڪ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ عملي اُپاءُ وٺڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي. اجرڪ پندرنهن کان ويهن مختلف مرحلن مان گذري تيار ڪئي ويندي آهي. پهرين پنج مرحلن ۾ اجرڪ تي ڇپائي يا چِٽ گُل جو ڪم ٿيندو آهي، اهڙي ريت اڳين چوڏهن مرحلن مان گذري اجرڪ پهنجي اصلي حالت ۾ ايندي آهي. اعليٰ معيار جي اجرڪ جي تياري ۾ خاص قسم جو ڪپڙو استعمال ٿيندو آهي، جنهن کي الڪلي يا کار ۾ ٻوڙي رڱيو يا اُٻاريو ويندو آهي، ۽ پوءِ ڪڍي پاڻي ۾ نپوڙي ڪاڙهي تي سُڪايو ويندو آهي، ان کانپوءِ پنجن کان ڇهن ڏينهن تائين تيل ۾ ٻوڙي رکبو آهي، جنهن کانپوءِ ڪڍي ليمن جي پاڻي ۾ ڌوئبو آهي. انهن هڙني مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ ڪپڙو هلڪو پِيلو رنگ وٺندو آهي ۽ آخر ۾ ان تي ڇپائي ڪري تيز ڪاڙهي ۾ سُڪائبو آهي، انهي سڄي اجرڪ ٺاهڻ واري طريقي کي مقامي ڪاريگر “چُڙئي” ڪري سڏيندا آهن. هلڪي معيار جي اجرڪ اڳين مرحلن مان گذرڻ کان اڳ تيل ۽ صابڻ سان ڌوتي ويندي آهي، پر مختلف ڪاريگر مختلف طريقا استعمال ڪندا آهن. ڪي الڪلي سان گڏ اُٺ جو ڇيڻو ۽ ٻيون ٻُوٽيون استعمال ڪندا آهن ۽ انهي کي پوٽاش ۽ پائوڊر ۾ ٻوڙيندا آهن. اجرڪ جي تياري جا اهي هڙئي مرحلا ويهه کان پنجويهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندا آهن ۽ هر سال پنجن هزارن کان به وڌيڪ اجرڪون تيار ڪري ملڪ جي مختلف شهرن توڙي پرڏيهه ۾ روانيون ٿينديون آهن. اجرڪ جي تياري ۾ مختلف رنگ ۽ شيون استعمال ڪيون وڃن ٿيون جن ۾ ٻٻر جو کنئور، اُٺ جي لِڏ (ڇيڻو)، چانورن جو اٽو، ڦِٽڪي، ڦُلي، تيل، الِيجر، واڱڻائي رنگ وغيره اجرڪ جي تياري ۾ استعمال ٿيندا آهن ان کان علاوه قدرتي سج جي روشني ۽ خصوصن وڏي پاڻي واري جڳهه تلاءُ، واهه، ڍنڍ وغيره جنهن ۾ اجرڪ کي ٻوڙي ڌوتو ويندو آهي. انگريزن جي دور کان پهرين سنڌي تيل، رنگ ۽ ٻيا ڪيميڪل جڙي ٻوٽين مان پاڻ تيار ڪندا هئا، پر اڄڪلهه اهي هڙئي ڪيميڪل انڊيا، جرمني ۽ فرانس مان گهرايا ويندا آهن. هڪ ٻيو ڪيميڪل واڱڻائي رنگ (انڊِيگو) جيڪو اجرڪ رڱڻ ۾ ڪم ايندو آهي جرمني مان گھرايو ويندو آهي. جڏهن ته 17 صدي ۾ سيوهڻ شهر انهي ڪيميڪل جي تياري جو وڏو مرڪز هو. تاريخ مان پتو پئي ٿو ته آڪٽوبر 1613 عيسوي ۾ انگريز واپاري “نڪولس واشنگٽن” اِيسٽ انڊيا ڪمپني جي طرفان انڊِيگوخريد ڪرڻ لاءِ سيوهڻ موڪليو ويو هو. جڏهن ته رلي ٺاهڻ جو طريقو تمام سولو آهي، رلي ٺاهڻ لاءِ جن شين جي ضرورت پوندي آهي تن ۾ ڪپڙو، ڌاڳو، سُئي ۽ ڪينچي شامل آهن. رلي جو چئو طرف پاسن وارو حصو جيڪو وڌيڪ سينگاريل هوندو آهي، اهو اڪثر ڪري ڪا هڪ عورت ٺاهيندي آهي، جيڪا هو مختلف ٽُڪڙن يا بلاڪن جي صورت ۾ ٺاهي پوءِ سڀن کي ڳنڊيندي آهي. رلي جي تر ( وچ وارو حصو) به مختلف ٽُڪڙن کي پاڻ ۾ سُئي سان سبِي هڪ مخصوص خاڪو ٺاهي ملايو ويندو آهي اهو ڪم عمُومن گھر يا پاڙي جون ڪجهه عورتون ملي ڪري ڪنديون آهن. رليءَ جي بناوٽ پراڻن، ڦاٽلن ٽٽلن ڪپڙن جي ٽڪرن مان تيار ڪئي وڃي ٿي. ان هوندي به سيجن، پلنگن، اٺن جي گلشن ۽ ڏاندن جي جهلن ۾ ڪم ايندي آهي ۽ پلاڻن پاکڙن جي مٿان به ڪم ايندي آهي. منهنجي سنڌ سونهاريءَ جي رنگن واريءَ رليءَ بابت ڀٽائي گهوٽ چئي ٿو ته، ”جي ڀائين جوڳي ٿيان ته رلي کڻي مَ رل“ ان بيت ۾ ڀٽائي گهوٽ جوڳيءَ جي عظمت ۽ رليءَ جي عظمت کي ورجايو آهي ۽ رلي کي رلائڻ کان منع ڪئي آهي ۽ چئي ٿو ته، جوڳي (الله وارو) ٿيڻ، لاءِ اها ڳالهه ڪافي آهي جو رليءَ جي عظمت رکي کيس دردر رلائجي نه ۽ پنڻ جو هٿيار نه ٺاهجي. رلي ۽ اجرڪ جي صنعت ڏينهون ڏينهن پوين پساهن ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون صنعتون رهجي ويون. اجرڪ ۽ رلي جي صنعت جو وڏو حصو تباه ٿي چڪو آهي، باقي رهيل ٿورو گھڻو وري سرڪار جي بي ڌياني ڪري تباهي ڪناري تي وڃي پهتو آهي. سنڌ جي ورهاڱي کان ٽي ڏهاڪا پوءِ تائين سنڌ ۾ اجرڪ جي تياري جا 30 کان به وڌيڪ ڪارخانا ۽ لاتعداد ننڍيون صنعتون، گودام موجود هئا. پر اڄڪلهه ٻه يا ٽي ڪارخانا ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون صنعتون موجود آهن. اجرڪ جا دلڪش، من موهيندڙ ۽ چمڪندڙ رنگ هاڻي ڦڪا ۽ هلڪا ٿيندا پيا وڃن، بچيل اجرڪ جا مرڪز گھڻي قدر ڏکڻ سنڌ جهڙوڪ ٺٽو، نصرپُور، ٽنڊو محمد خان، شاه مير، سعيد پُور، مُلاڪاتيار، مٽياري، هالا، ڀٽ شاه ۽ ماتلي ۾ موجود آهن جڏهن ته اُترئين سنڌ ۾ فقط سکر بچيل آهي. حڪومت کي کپي ته پنج هزار سالن کان به وڌيڪ قديم تهذيب جي وارث اجرڪ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ عملي اُپاءُ وٺي ۽ اجرڪ جي ڪاريگرن جي مالي سهائتا لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ته جيئن اجرڪ جهڙي عظيم ثقافت کي مڪمل تباهي کان بچائي سگھجي