1960 جي ڏهاڪي دوران جڏهن لاڙڪاڻي جي شهرين جي هڪ وڏي اڪثريت جي گهرن ۾ ريڊيو اڻ لڀ هوندو هو، تڏهن ان دور ۾ شهري روڊن ۽ اهم چونڪن تي لڳل لائوڊ اسپيڪرن وسيلي سنڌي، اردو گانا،گيت،خبرون،گم ٿيل ٻارن جا پڙها ۽ ٻيا اعلان هڪ مقامي ريڊيو اسٽيشن وسيلي ٻڌندا هئا،اهو مقامي ريڊيو جنهن عمارت ۾ موجود هو،اها شهر جي وچ ۾ تجر بلڊنگ جي نالي سان مشهورآهي ۽ اڄ جنهن باغ کي جناح باغ چيو وڃي ٿو،ان جو به نالو تجر باغ هو.اسان خود اها تجر عمارت ،پاڪستان نيشنل سينٽر،(جنهن کي چونڊيل نمائندن جي مافيا پاران پنهنجي ڪرپشن جي ديڳ ۾ وڌيڪ پئسا ڀرڻ لا۽ ڊاهي پٽ ڪري ان جي جاءِ تي هڪ لائبريري جوڙائڻ جو ڏيکاءُ ٿي رهيو آهي) ان جي ڀر ۾ ڏسندي وڏا ٿيا آهيون.شهر جي ڪجهه جهونن شهرين ايڊووڪيٽ امان الله شيخ ۽ سائين اعجاز پيرزادو ٻڌايو ته انهن پنهنجي اڀرندڙ جواني جي جوڀن جي ڏينهن ۾ شهر جي چونڪن تي لڳل لائوڊ اسپيڪرن وسيلي تجر بلڊنگ ۾ موجود مقامي براڊ ڪاسٽنگ سروس وسيلي گانا، ملڪي ۽ مقامي خبرون ٻڌيون هيون. لاڙڪاڻي جي جهونن جي لکيل يادگيرين ۽ شهر جي تاريخ تي لکيل ڪتابن جهڙوڪ ”لاڙڪاڻو ساهھ سيباڻو“ موجب تجر عمارت سن 1832 ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن جي دور ۾ خيرپور رياست جي وزير اعظم نواب ولي محمد خان لغاري جي لاش کي امانت طور دفن ڪرڻ لاءِ جوڙائي وئي هئي.بعد ۾ نواب صاحب جو لاش حيدرآباد نيو ويو، پر عمارت جي خوبصورتي ايتري ته دلڪش هئي،جو جڏهن انگريز بادشاهه آيو ته انهن ان عمارت ۾ هڪ جائلس نالي سان لائبريري قائم ڪئي.بعد ۾ اها عمارت سالن جا سال ويران ۽ بي ڌياني جو شڪار رهي، پاڪستان ٺهڻ بعد 1960 جي ڏهاڪي ايوبي مارشلا ئي حڪومت ۾ ان ۾ مقامي ريڊيو قائم ڪيو ويو.ان بعد وري هي عمارت عدم توجهه جو شڪار رهي.مرحوم ذولفقار ڀٽي جي وزيراعظم جي پوين سالن ۾ ان تاريخي عمارت جي وڃايل رونق کي ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ ڪجهه رنگ روغن شروع ڪري ڪم شروع ڪيو ويو،ان عمارت کي آرڪيالاجي سائيٽ ۾ ڏيڻ لاءِ ان کي پاڪستان نيشنل سينٽر جي تحويل مان ڪڍي آرڪيالاجي کاتي جي حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. پرملڪ ۾ ضياءِ جي مارشلا لڳڻ ڪري اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو ۽ بعد ۾ 1980 جي مئي مهيني جي 20 تاريخ تي هڪ نوٽيفڪيشن وسيلي ان کي باقاعده آرڪيالاجي کاتي حوالي ڪيو ويو،جڏهن ته تاريخ 07 آڪٽومبر 1981 ۾ هڪ لکت وسيلي شفقت حسين انڙ اسسٽنٽ ريزيڊ نٽ ڊاريڪٽر پاڪستان نيشنل سينٽر لاڙڪاڻو مس سلمه سلطانه ڪسٽوڊين آرڪيالاجي موهن جو دڙو کي تجرعمارت حوالي ڪئي وئي.ان ريڪارڊ موجب تجر بلڊنگ جي ايراضي 13،905 چورس فوٽ آهي. سال 2007 ۾ سپريم ڪورٽ ماڳن جي حفاظت لاءِ پهنجا ريمارڪس ڏنا هئا ۽ هاڻي به تازو گومي ٻائي ليڊيز ڪلب جي مسئلي تي جڏهن سپريم ڪورٽ پاڻ مرادو نوٽيس ورتو هو،تڏهن به ان قديم تاريخي ماڳن ۽ جاين مٿان قبضن جو نوٽيس وٺڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.پر لاڙڪاڻي ۾ آيل ڪليم لاشاري کان وٺي موجود ڪمشنر،ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي آ جي پوليس اڃان تائين تجر بلڊنگ جي اهم حصي ۽ آرڪيا لاجي جي وچ شهر ۾ موجود ملڪيت مٿان قبضي مافيا جو قبضو ختم ڪرائڻ ۾ دلچسپي نه وٺي سڌي طرح شهر ۾ قبضي خورن جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي،اها به شاباس آهي سپريم ڪورٽ کي جنهن گومي ٻائي ليڊيز ڪلب جي مالڪي ڪئي آهي،نه ته موهن جي دڙي تي ٿيندڙ قبصن خلاف به ڪو اڃان تائين وڏو قدم کڄي نه سگهيو آهي، تجر بلڊنگ جي حوالي سان اهم ڳالهه اها آهي ته موهن جي دڙي، جي تباهي ۽ اتي قبضن جي حقيقي آکاڻين وانگر شاه بهارو ۽ تجر بلڊنگ جي حصي تي به قبضي جاري رکرائڻ ۾ آرڪيالاجي کاتي جي وڏن ڪامورن جو وڏو ۽ بنيادي هٿ رهيو آهي،خاص طور 18 هين ترميم بعد آرڪيالاجي سنڌ حڪومت جي حوالي ٿيڻ بعد سنڌ جا ماڳ مڪان اڃان به وڌيڪ لاوارث ٿي ويا آهن، بلڊنگ جي ثقافت کاتي جي اڳوڻي وزير،سيڪريٽري کان وٺي موجوده وزير ۽ سيڪريٽري ۽ ڊاريڪٽر آرڪيالاجي تائين ڪنهن به نه فقط تجر بلڊنگ جي مالڪي نه ڪئي آهي، تجر بلڊنگ جي تباهي ۽ ان جي عمارت اندر ٿيل زبون حالت کي بهتر ڪرڻ ۽ ان جي اهم حصن مٿان ٿيل قبضا خوري ختم ڪرائڻ لاءِ هن وقت تائين لاڙڪاڻي کي عوامي ۽ سچارشهر دوست سياسي قيادت نه ملي سگهي آهي، تجر بلڊنگ کي لاڙڪاڻي شهر اندر آرڪيالاجي سائيٽ جو اهڙو ته خوبصورت مثال بنائڻ لا۽ اتي ڪو ننڍو ميوزم يا ڪا لائبريري يا آرڪيالاجي جي آفيس قائم ڪئي وڃي، اتي موجود باغ جو حدون مقرر ڪري عمارت کي ڪلر جي تباهي ۽ اتي ٿيندڙ لتاڙ ۽ ان جي دروازن ۽ ڀتين مٿان اڻ پڙهيل سياسي،مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن طرفان نعرن ۽ فرقي وارن نالن لکڻ واري عمل کي بند ڪيو وڃي.
اڳ ته غيرن کي ڏوھ ڏيندا هئا سون پر هاڻي ته پنهنجا پڻ لٽ مار پياڪن، لٽيرا به ائين پيا نڪرن ڄڻ ڪي گهر گهر مان ڀٽو ٿو نڪري جو نعرو پيو لڳي.