پنهنجي ڪمينُ ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کي خواه مخواه جا دليل ڏئي لڪائڻ درحقيقت اهو رستو بند ڪرڻ جيان آهي جنهن سان اسان ۾ سڌارو ممڪن آهي. اسان وٽ پورهيي کي نيچ سمجھڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي ڦَني خان سمجھڻ، پر وري جيڪڏهن ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪبو به ته ان ۾ جڳاڙ ۽ شارٽ ڪٽ ڳولهڻ، پنهنجي پاڻ کي مهارتن ۾ ڀڙ نه ڪرڻ ۽ وري اهو ڀنڊڻ هڻڻ ته اسان کي موقعو ئي نه ٿو ملي! زندگي گذارڻ جو واحد رستو صرف نوڪري ئي سمجھڻ ۽ وري جيڪڏهن نوڪري ملي پوي ته ان ۾ کانچا هڻڻ وري مٿان ڏاڍ مڙسي ڪري مڙس ماڻهو سڏرائڻ اسان جي رڳ رڳ ۾ ائين شامل ٿي وئي آهي جو وڃي کڻي توبنهن ڪجي.. هاڻي جيڪڏهن اتي ڪو آڱر کڻي اهو سمجھائي ته بابا دڳ جام، ڇڙو هلڻ جي ڪريو، ايمانداري مڃئون ٿا ته ٿوري مار کائي ٿي پر صفا ائين به ناهي ته ميرٽ جو ماڳهين منهن ڪارو ئي مليو پيو هجي، سو ڪجھ فهم ۽ فضيلت سان هلئون ته اهو دليل ڏنو وڃي ته بابا غلام سماجن ۾ ائين ٿيندو آهي ته دل نه چوندي ته پنهنجا ڄنڊا پٽجن؟ مان ٻڌو ته: هڪ پرائمري ماستر پنهنجي هڪ گدلي شاگرد کي چيو ته بابا صبح صبح گھٽ ۾ گھٽ پنهنجو منهن ته ڌوئي ايندا ڪريو. شاگرد چوان ڏنو: سائين غريب آهيون. هاڻي ماستر جو مٿو ڦري ويو، بجو ڏيندي چيائينس: گھر کان اسڪول تائين ٽي واٽر ڪورس ٽپين ٿو، ٻه ٻڪ پاڻيءَ جا منهن تي هارڻ ۾ تنهنجي غربت جو ڪهڙو ڪم؟