دهشتگردي هڪ وڏو ناسور بڻجندو پيو وڃي، اهو به ان ڪري جو حڪمرانن جون ترجيحات عوام نه پر انهن جا ذاتي ۽ پارٽي جا مفاد آهن، حڪمران ڳالھ ته عوام جي حقن جي ڪندا آهن پر صرف انهن حقن جي جنهن م اناه جا مفاد هوندا آهن. ان ڪر ئي عوام انتشار جو شڪار ٿيندو پيو وڃي ۽ ان سبب جي ڪري جيڪڏهن ڪو اڻوڻندڙ واقعو ٿئي ٿو ته پوءِ هر ڪو هلڙبازي ۾ هلي ٿو پئي جنهن جي نتيجي ۾ ويچارو عام انسان انهائي تڪليف ۾ ٿو اچي وڃي. ڪو راهگير لٽجي ٿو وڃي يا ماريو ٿو وڃي، ان جي گاڏي کي باھ ڏيئي ساڙيو ٿو وڃي مطلب ته سورن ۾ وري به سادو ماڻهو ۽ اهڙن واقعن ۾ تاڙ ۾ ويٺل تخريب ڪار پنهنجي ڪاروائي آساني سان ڪري نڪري ٿا وڃن.