غرق ٿيڻ جو مقام _____

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    اسان جي وارڊ جي هڪ هيٺين محنت ڪش طبقي جي اڻپڙهيل فيمليء جي هڪ 5 سالن جي معصوم ٻار کي رات سوپاري کائيندي سندس ساه جي نليء ۾ هلي وئي ، انهن مالڪن انهيء ڳالھ کي ڪا گهڻي اهميت نه ڏني ، صبح جو مون وٽ گھر آيا ، مونکي ٻڌاين . مان انهن کي ايڪسري جو چئي ٻارن جي ڊاڪٽرن ڏانهن روانو ڪيو ، ( سول اسپتال نوشهرو فيروز ۾ ٻارن جي علاج لاء اهري ڪا به سهوليت ميسر ناهي جڏهن ته وزير اعلي سنڌ سيد قائم علي 18 آڪٽوبر 2008 ۾ وڏيون ڀڙڪيون هڻي تقرير ڪري رهيو هيو ته توهان کي اسان نوشهرو فيروز ۾ اهريون سهوليتون ۽ هر بيماريء جا وڏا ڊاڪٽ ڏينداسين جو توهان کي نواب شاه يا ڪراچي نه وڃڻو پوندو جڏهن ته اٺائي سالن کان هتي هڪ پيٿالاجسٽ به ناهي )
    لوڪل ٻارن جي ڊاڪٽر انهيء ٻار کي نوابشاه اسپتال جي هڪ ٻارن جي پروفيسر ڊاڪٽر ڏي روانو ڪيو ، انهيء ڊاڪٽر وٽ تمام گهڻي رس هجڻ جي ڪري انهن هڪ ٽرڪ ڪري ڊاڪٽر صاحب ڏي پنهنجي نمبر کان اڳ پهچي ويا
    انهيء ڊاڪٽر انهيء ٻار کي دوائون وغيره ڏئي هڪ ٻئي ٻارن جي سرجن ڊاڪٽر جي سرڪاري وارڊ ڏي روانو ڪيو،
    اتي سرڪاري اسپتال ۾ ايڪسري لاء انهن 5 ڪلاڪ انتظار واري لائين ۾ بيهڻو پئجي ويو .هيء ٻار جي برونڪو اسڪوپيء جو ٻڌي سموري رات سول اسپتال ۾ ئي ٻاهر رلي وڇائي سموري رات اتي گذاري صبح جو انتظار ڪرڻ لڳا
    صبح جو ٻار کي ( عليء ) کي تمام گهڻي تڪليف ٿي ته هيء انهيء وارڊ تي روانا ٿيا ،
    مگر
    ڊاڪٽر ڪونهي .
    ڊاڪٽر اڄ موڪل تي هفتي کان وڃي رهيو آهي
    جڏهن ته اهو ڊاڪٽر صاحب ان وقت ڪالهوڪا آپريٽ ڪيل ڪيس ڏسي رهيو هيو .
    صحت مند پرائيويٽ گارڊن کي ڊاڪٽر جو ويجھو به وڃڻ نه ڏنو ۽ نه ڪنهن وارڊ جي ڪنهن عملي لفٽ ڪرائي. بلڪه آخر ۾ اهو چئي مريض کي واپس ڪيو ويو ته ” ٻيو ڪو به ڊاڪٽر هتي برونڪو اسڪوپي ناهي ڪندو ، انهيء ڪري هفتي کان پوء اچجو . پهرين ٻڏي مرن گهرجي سول اسپتال جي لاپرواه ايڊمنسٽريشن کي .
    علي ، ايئن ٻي شام جو گھر نوشهرو فيروز واپس اچي ويو
    مريض جي سيورٽيء کي ڊاڪٽر جيڪڏهن نه سمجھي ته انهيء کي ٻي .....................!
    انهيء وچ ۾ مون هنن کي ڪراچيء جو چيو ،
    هيئين ڪلاس جي توڪل به ڪمال جي هوندي آهي ته
    سڀني ٻڌل ڳالهين کانپوء ته اسان جي الله تي آهي ، ڏنو به انهيء آهي ته جيڪڏهن وٺڻو اٿس ته ڀلي ايئن ئي وٺي “
    انهن جي ڪمال جي توڪل ۽ اسان جي دعا
    صبح جو اچڻ جو کين چيو
    علي پڻ آيو
    مائٽن کي وري وري سمجھائڻو پئجي ويو ته هتي ڪجھ به ناهي هتي ڪجھ به نه ٿيو هتي ته ڪسجي ڪسجي مرڻ کانسواء ته ڪجھ به ناهي توهان ڪراچي وڃو .
    مائٽن جو چوڻ ته
    وري ڪراچيء جو ڏکيو لڳندڙ سفر ڪير ڪندو؟
    انهيء لاء اسان ٻنهي ڊاڪٽرن ( زال مڙس ) انهن کي ڪراچي پهچائڻ تي قائل ڪري روانو ڪيو
    الحمدالله
    علي هاڻي 15 مارچ تي 29؛7 تي جناح اسپتال جي ڄلڊرين اسوتال پهچي ويا ، جٿي همراه انهن کي وٺڻ لاء بيٺا هئا
    عليء کي ايمرجنسيء ۾ پهچايو ۽ اتي موجود عملي ”عليء “ کي هٿن تي کڻي ورتو ۽
    20 منٽن ۾ سمورو ايمرجنسي سلسلو مڪمل ڪيو ويو
    انهن آچر جي ڏينهن ۾ رات جو ايمرجنسيء ۾ عليء کي ريسيوو ڪيو ۽ انهن مائٽن کان بروڪو اسڪوپيء جي لاء ڪنسينس ( راضپو ) پڻ ورتو
    هيء تمام جان ليوا پروسيز پڻ ٿي سگھي ٿو
    ڪجھ ئي منٽن کانپوء
    عليء کي ٻرونڪواسڪوپيء لاء تيار ڪيو ويو ۽
    الله جي مدد سان
    عليء جي ساه جي ناليء مان ” سوپاري “ ڪڍي سندس حياتي بچي پئي ۽ هو سموري رات اسپتال ۾ داخل رهيو ۽ اڄ منجھند عليء کي اسپتال مان دوا درمل ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي
    هيء آهي هڪ معمولي نوعيت جو شديد ايمرجنسيء جو ڪيس
    جيڪو
    ڪراچيء ۾ ڪلاڪ اندر ٿيو وڃي جڏهن سنڌ جي ٻين علائقن جي اسپتالن ۾ ذليل خوار ، نااميد پرِيشان ٿي موت جي منهن ۾ هليو وڃي
    مگر ڪاسائي ، جلاد نما پروفيسر ، ڊاڪٽر ۽ پي جي شاگرد سنڌ جي ۽ پنهنجي تعليم ڪيئن نه ضايع ۽ تباه ڪري قوم جي اولاد کي دربدر ڪرڻ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيا آهن .
    رحم ۽ مسيحائي ختم ، پرائيويٽ اسپتالن ۾ اهڙيون معمولي نوعيت جو سهوليتون نه هئڻ برابر
    نواب شاه ميڊيڪل يونيورسٽيء جا حال به توهان پڙهيا
    لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل يونيورسٽي مان جڏهن برونڪو اسڪوپيء جي سهوليت جو معلوم ڪيو ويو ته خبر پئي ته هتي 3 اسپيشلسٽ ڊاڪٽر آهن ، هتي رسڪ نه کڻو ، ڇو ته جيڪڏهن توهان جي ” عليء “ کي وينٽيليٽر جي ضرورت پئي ته پوء هتي لاڙڪاڻي ۾ وينٽيليٽر جي سهوليت ناهي ، انهيء ڪري بهتر آهي ته ڪراچيء هليا وڃو
    اهڙيء طرح ، هيء آهي دهشتگردن جي ڪراچي ۽
    باقي ٻيون سنڌ جون ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ علاج جون سهوليتون تتوهان پڙهيون
    جڏهن اسان وٽ به
    ڪراچيء جهڙيون بنيادي سهوليتون ميثر ٿي وينديون ته انهيء ڏينهن پاڻ کي سمجھنداسين ته سنڌ ۾ اهيون نه ته
    جاهلن ، جاهل وڏيرن ۽ نااهل ڪرپٽ ڊاڪٽر ۽ ٻيوروڪريسيء جي رحم و ڪرم تي موت جي انتظار ۾ رهندڙ صديون پوئتي جي جاهليت ۾ مري ويندڙ بي حس نعريباز قوم .......................................!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو