• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اندر مان ڪجه ٻوليو يار

اندر مان ڪجه ته ٻوليو يار
________________________

ڇو خاموش هو سائين اندر مان ڪجه ته ٻوليو يار ...
پنهنجي دل کي کوليو يار.نه ڪنهن کي راه روليو يار....

توهان جي ڪجه چوڻ سان هت دل دلگير آٿت ٿي
مندون هي موسمون مرڪن ائين پنهنجو پيار ڦوليو يار

اسان جي ماندڪائي جو پڇو ڪنهن قرب واري کان
عذابن جون گهڙيون هن يار جنهن کي آ قبوليو يار

اسان جي هي نراسائي وفائن تي ڪري ٽهلون
اسان تي قرب جون ڪهلون ۽ پنهنجي دل کي کوليو يار

ائين محبوب موهي پو ڪٽاري اک ڪٽيو ٿا ڪيئن
ادائون هي نراليون هن جفائن ۾ نه جهوليو يار

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top