Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
سنڌي سپوتن ۽ انٽر نيٽ تي سنڌي ٻولي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سنڌي ليکڪن، لاءِ هي خبر انتهائي ڏک سان ڏيئي رهيو آهيان، سنڌ فورم کي نامعلوم وجوهات جي بنا تي بند ڪيو ويو آهي. لاگ ان ٿيڻ کان پوءِ اتي هي تحرير ٿيل ملي ٿو ته
سنڌ فورم جي سڀني رُڪنن کي اطلاع ٿو ڏجي ته فورم کي بند ڪيو پيو وڃي.
جنهن کي به پنهنجو ڇپيل مواد گهرجي. اهو رُڪن هن لنڪ تان لاگ ان ٿي پنهنجو مواد ڪاپي ڪري سگهي ٿو.
دوستو، ان فورم جي انتظاميه مطلب اصل مالڪان، هونئن ته مرضي وارا آهن، جڏهن چاهن سنڌ فورم بند ڪري سگهن ٿا، پر مونکي انهيءَ ڳالهه جو انتهائي ڏُک رسيو آهي، ان فورم تي مُنهنجي لکڻين يا پوسٽن جو تعداد ساڍا ڇهه سئو کن هو، ان فورم تي مونکي اعزازي طور ايڊيٽر، ۽ ائڊمنسٽر طور ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، جيڪا مون جهڙي اڻ پڙهه ماڻهو لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪونه هُئي، اڻ پڙهه انهيءَ لاءِ ٿو چوان ته ڪمپيوٽر جي لوازمات يا آئي ٽي لاءِ جيڪي صلاحيتون گهربل هُيون انهن کان مان بلڪل ڪورو هُئس، ان هُوندي به سنڌ فورم جي ائڊمنسٽريٽر ۽ مالڪ ادا اڪبر لاکو جنهن کي آئون پيار مان ”وڏي ائڊمن “ ڪري سڏيندو هُئس ان جا وڏا وڙ جو مونکي فورم تي ايڊيٽر کان وٺي ايڊمن لاءِ منتخب ڪيائين. هاڻ ان ڳالهه ۾ مان ڪيترو اهل ثابت ٿيس، يا مون ڪيتري جاکوڙ ڪئي اهي سنڌ فورم تي رهندڙ سمورا دوست بخوبي ڄاڻن ٿا، اتي سنڌ فورم جي چند دوستن پاران اهڙا به الزام مون تي لڳايا ويا، جنهن جو مان سري کان قصور وار ئي ڪونه هُئس، خير مان احتجاج ته ڪونه ٿو ڪريان پر سنڌ فورم جي بند ٿيڻ جي لاءِ صرف ادا اڪبر کي اها گُذارش هڪ اردو شعر جي ٽنگ ڀڃي ڪريان ٿو ته
ڀل هُو مون کان ڪاوڙيو آهي مونکي منظور آ ليڪن
يارو کيس سمجهايو، سنڌين جو سنڌ فورم بند نه ڪري
سنڌ سلامت & ۽ سنڌ فورم جي سمورن دوستن کي گُذارش آهي ته پنهنجي اي ميلن جي ذريعي سائين اڪبر لاکي کي منٿ ڪئي وڃي ته دنيا جي سمورن سنڌين کي سنڌ فورم جو اڱڻ واپس ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾گهٽ ۾ گهٽ مان پنهنجي لکڻين کي ٻُنجو ڏيئي دنيا جي سمورين سنڌين سان ”بي وڙو ۽ بي مهابو ٿي “ پنهنجي تخليقن جو گلو گُهٽي هر سنڌي فورم کان الله وائي به ڪري سگهان ٿو
سڀني دوستن ۽ (خاص ڪري) سائين نثار جي مهرباني جن هن غير اهم موضوع کي هتي بحث هيٺ آندو.
سنڌ فورم انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري جي جاکوڙ ۾ ٻين انهن سنڌي دوستن جي کنيل وکن سان گڏ هڪ وک هئي، جن دوستن سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان پنهنجون بي لوث خدمتون پيش ڪيون هيون. سنڌ فورم هڪ سوشل نيٽ ورڪ ٽائيپ فورم تي مشتمل ويب سائيٽ هئي. جنهن ۾ هر فرد جي شموليت صرف لکڻين، بحث ۽ نظرياتي موقف جي حمايت ۾ اخلاقي دائري ۾ رهندي چٽاڀيٽي ڪرڻ لاءِ هئي. ان سان گڏ فورم ڪمپيوٽر سائنس تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم هو. فورم ۾ ڪنهن موضوع تي لکڻ لاءِ ڪنهن خاص نظريي، فرقي يا مذهب جي حد بندين جي ضرورت نه هئي. اخلاقي دائري ۾ رهندي فورم ۾ حصو وٺندڙن تي ڪا سختي نه ڪئي وئي. فورم جي شروعات مايوسي جي اونداهي کان بچندي هڪ اميد سان ڪئي وئي ته شايد هي فورم ڪنهن گروهي يا قبيلائي حد بندين کان آزاد ٿي پنهنجا پرڙا آزاد فضا ۾ کولي سگهي. فورم جي شروعات ۾ اهو خيال به رکيو ويو ته هڪ ميمبر ٻئي ميمبر تي پنهنجو نظريو زبردستي مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪري، شروع ۾ هڪ مذهبي تحرير ۾ ترميم تان هڪ تڪرار اٿيو ته ان کي اتي ئي ختم ڪيو ويو. فورم جي دوستن کي ياد هوندو ته جڏهن ڪنهن ميمبر ڪنهن به ٻئي ميمبر تي ڪنهن به قسم جي بهتان بازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي سختيءَ سان روڪيو ويو. ان عمل جي ردعمل ۾ ڪجهه دوستن جو پورو هڪ گروپ فورم کان پاسيرو ٿي ويو. انهن جي الزامن جي فهرست تمام ڊگهي هئي. پر انهن الزامن کي رد ڪندي فورم جي اڻ ڌرئي هجڻ کي يقيني بڻايو ويو. ڪوشش ڪري نون دوستن جي رهنمائي ڪئي وئي. انتظاميا (مون کان سواءِ به) دوستن کي ڪافي همٿايو. ۽ فورم جي رڪارڊ ۾ ڪافي سُٺيون شيون به جمع ٿيون. فورم جو رڪارڊ ان ڳالهه جو شاهد آهي ته فورم جي پوري سال ۾ ڪنهن به تڪرار کي پيدا ٿيڻ کان اڳ ختم ڪيو ويو. سنڌ فورم ڪو هڪ عام فورم ان لاءِ به نه هو جو سنڌي ٻوليءَ جي سڀني ويب سائيٽن کان هٽي ڪري هن فورم تي هر ڪو شريڪ ٿي سگهيو ٿي. فورم هڪ شخص جي ماتحت نه ڏيک ڏئي ان جي لاءِ فورم تي انتظاميا جي فهرست ۾ آهستي آهستي واڌارو ڪيو پئي ويو ۽ ان انتظاميا جي ڪنهن به منتظم يا ايڊيٽر جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي وئي.
فورم تي موضوعن جي چونڊ هجي يا قائدا يا قانون ان سلسلي ۾ سڀني جي راءِ وٺڻ اوليت ۾ شامل هئي.پي ايڇ پي بي بي جا ڪجهه ايڪسٽرا ٽولز استعمال ڪرڻ سان فورم کي اپگريڊ ڪيو ويو پر ڪجهه فني خرابين جي ڪري فورم کي واپس پي ايڇ پي بي بي جي اصل فارميٽ ۾ آندو ويو.
پر اهو ئي جيڪو هتي جي ريت يا رواج رهيو، اهو ئي ٿيو. پوين پنجن مهينن کان غير محسوساتي طريقي سان فورم کي پٺتي ڌڪڻ جي ڪوشش وئي. پهريان ڪجهه عجيب و غريب دوستن جن جي فورم تي ڪا خاص سرگرمي نه هئي انهن اوچتو پنهنجيون ٽيڪنيڪل صلاحيتون آڇڻ چاهيون. فورم انتظاميا جي هڪ اهم رڪن پهريان ته انهن کي مون ڏانهن موڪلڻ جي ذميواري قبول ڪئي. پر پوءِ ان به پنهنجي هڪ ذاتي پيغام ۾ اهو لکيو ته ” ادا اڪبر مهربان جو موڪليل هي پيغام ڪالهه ئي مون کي به مليو هيو ڇو ته هن BCC ۾ مون کي به شامل ڪيو هو... مون کي ته هن جي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي“. ڪجهه ڏينهن جي وٿيءَ کان پوءِ جڏهن مذڪوره انتظامي عهديدار سان پهرين فون ڪال ٿي ته ان اهو چتاءُ ڏنو ته مذڪوره مهربان فورم تي ٽيڪنيڪل مدد جي بهاني سان فورم جي ڊيٽابيس تائين رسائي چاهي ٿو. جنهن ڪري توهان ان کان هوشيار رهو“ خير ڪجهه ڏينهن جي وٿي کان پوءِ انهن ٻنهي دوستن (جنهن ۾ فورم جي انتظاميا جو هڪ عهديدار به شامل هو) ڪجهه ٻين دوستن جن سان هنن جي ذاتي عليڪ سليڪ هئي يا ٿي وئي هئي، گڏجي هڪ گروپ ٺاهيو جنهن فورم تي ايندڙ هر سنجيده رُڪن لاءِ فورم کي سوڙهو بنائي ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن جي وٿي کان پوءِ حادثاتي طور تي آئون سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ياهو گروپ تي موڊيريٽر ٿي ويس. اهو عهدو عارضي بنيادن تي سائين ماجد جي واپسي تائين لاءِ هو. انتظاميا جي ساڳئي فرد مون کي هڪ اي ميل ڪئي. جنهن ۾ مونکان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي قائدن جي باري ۾ پڇيو ويو. سنڌي ڪمپيوٽنگ پوين ڪيترن سالن کان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان ڪافي مشهور هو ۽ ان جي 2000 تحريرن ۾ ڪاٿي به ڪنهن اسپام ميل جو تصور نه هو. ان دوست جي هڪ اي ميل کي ياهو گروپ جي پاليسي مطابق اسپام ڪري روڪيو ويو ۽ ان کي گروپ جي موڊيريشن جي منظوري جي انتظار ۾ رکيو ويو. اسپام ميل کي قبول يا رد ڪرڻ جو سڄو اختيار جيئن ته فورم جي مالڪ يعني سائين ماجد صاحب جي ٽيبل تي هو. سو ان تحرير کي آئون نه ڏسي سگهيس.
ريپڊ شيئر تي موجود ڪيترن ئي غيرقانوني سافٽ ويئرن جي سنڌي ۾ تشهير ڪري مشهوري جو شوق رکندڙ ان دوست کان اها ڳالهه هضم نه ٿي. ۽ ان جي اي ميل منهنجي ان باڪس جو در کڙڪايو. جنهن کان پوءِ ڏي سوال ۽ وٺ جواب جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. اها ڳالهه جيئن ته سنڌ فورم کان ٻاهر ٿي پر ان جو سڌو اثر فورم تي پيو.ان سڄي گروپ پنهنجي آمد جي سلسلي کي فورم تي روڪي ڇڏيو ۽ فورم جي متحرڪ رُڪنن کي ذاتي ڪچهرين، چيٽ رومن ۽ اي ميلن جي ذريعي پنهنجي مظلوميت جو داستان جو ٻڌائي انهن کي فورم کان بدظن ڪرڻ جي ڪوشش وئي. ان صورتحال ۾ مون فورم جي هڪ منتظم ۽ بزرگ شخصيت کي هڪ ذاتي پيغام ۾ لکيو.
” سنڌ فورم تي موجود هڪ گروپ فورم کي غير فعال ڪرڻ لا پنهنجي تحريرن جي سلسلي کي روڪي ڇڏيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته منتظم جي حيثيت سان مون کان ڪا اهڙي غلطي نه ٿي آهي جيڪا ڪنهن مسئلي کي جنم ڏئي. جيڪڏهن منهنجي انتظاميا ۾ ڪا غلطي آهي ته منهنجي نشاندهي ڪيو. سنڌ فورم ڪنهن ڪمرشل پروجيڪٽ جو نالو نه آهي. نه ئي مون هن فورم کي پنهنجي ذات لا استعمال ڪيو آهي. توهان کان آخري صلاح اها وٺڻي آهي ته جيڪڏهن فورم پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪو آهي ته ڇا فورم کي هاڻي بند ٿيڻ گهرجي؟؟“
فورم کي غير فعال ڪرڻ جو اهو سلسلو لڳاتار پنجن مهينن کان هلندو رهيو. جيئن ته اهو فورم منهنجي ذاتي فائدي جي لاءِ نه هو. سو هڪ اميد رکي ته فورم پنهنجو جڏو سڏو سفر جاري رکي، فورم کي هلائيندا رهياسين.
”هن جي تحرير کي هٽايو نه ته آئون فورم ڇڏي ويندس، اسان سان ڦٽائين ٿو توکي ڪري ڏيکارينداسين، اڪبر جي رويي جي ڪري اسان ان کي سبق سيکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڪبر اسان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي“ جهڙا جملا مختلف پاسن کان ٻڌڻ ۾ آيا. جن دوستن تي اعتبار ڪري انهن کي انتظاميا جو اڻ ٽٽ حصو بڻايو، انهن پنهنجي ئي فورم تي گروهه بندي ڪندي پنهنجي مستقبل جي پيڪيجن لاءِ راهه هموار ڪئي.
فورم جي ڪجهه هڏ ڏوکي دوستن به ان روين کي محسوس ڪندي سخت قدم کڻڻ جي گهر ڪئي ته ڪن ان سڄي سلسلي کي ئي بند ڪرڻ جي راءِ ڏني.
آئون بحيثيت هڪ فرد جي پنهنجي ذاتي زندگيءَ جي ضرورتن ۽ خفن جي ڪري به فورم کي گهٽ ٽائيم ڏنو. نتيجو اهو نڪتو جو فورم تي سواءِ هڪ ٻن ريگيولر رُڪنن جي باقي سڀني خاموشي اختيار ڪئي. جيڪا ڪنهن ٻئي پروجيڪٽ جي شروعات جي نشاني هئي. پنهنجي ذاتي مجبورين جي ڪري آئون انٽرنيٽ تي فورم کي ٽائيم نه پئي ڏئي سگهيس ان لاءِ فورم کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. فورم تي جيئن ته ڪجهه دوستن جون قيمتي تحريرون هيون ان ڪري فورم تي موجود مواد کي ڪنهن بهتر جڳهه تي منتقل ڪرڻ لاءِ تقريبن جنوري جي وچ ڌاري مون سائين ماجد ڀرڳڙي کي هڪ اي ميل ڪئي. جنهن ۾ ڄاڻايو ته فورم تي گروپ بندين جي آزار کان آئون فورم کي بند ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪڏهن توهان پنهنجي ويب سائيٽ تي اجازت ڏيو ته آئون توهان کي فورم جو سڄو ڊيٽابيس موڪليان. سائين سان فيبروري ۾ ٿيل ذاتي ملاقات ۾ به اها ڳالهه ويچار هيٺ آئي. پر سائين جو اهو زور هو ته فورم کي جاري رک، پر جيڪڏهن وري به تون جاري نه ٿو رکين ته لاڙڪاڻي مان واپسي تي آئون اهو ڊيٽابيس توکان هٿوهٿ وٺي ويندس.
فورم جي مواد جي مجبوري جي ڪري فورم کي آف لائين ڪري سائيٽ کي تقريبن هڪ سال لاءِ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. جيئن دوست پنهنجي تحريرن کي آهستي آهستي ٻين فورمن يا گروپن يا پنهنجي ڪمپيوٽرن تي منتقل ڪري سگهن.
سڀ کان پهرين ڪال ڄام شوري مان هئي. فورم جي هڪ پراڻي رُڪن ۽ فورم جي ايڊيٽر فياض خاصخيلي ان ڳالهه تي احتجاج ڪيو. ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ان بحث دوران ٻين هڪ ٻن دوستن ميسينجرن تي ڪيل ڪچهرين ۾ ان ڳالهه کي واضع ڪيو ته فورم کي آن لائين رهڻ گهرجي. فورم جي بزرگ منتظم نثار احمد سمون ان ڳالهه تي ضد هڻي بيٺو ته فورم تي موجود مواد کي فورم سان گڏ ئي ختم ٿيڻو پوندو. ۽ هو پنهنجي مواد جو هڪ اکر به فورم تان ڪاپي ڪري نه کڻندو. توڙي جو ان سلسلي ۾ منهنجي اها آفر به رد ڪري ڇڏي ته فورم تي موجود سڀني تحريرن کي آئون پاڻ انهن تائين پهچايان.
فياض جي آخري ڪال ڏاڍي سخت لهجي ۾ هئي. فياض ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته فورم کي ٻيهر آن لائين ٿيڻ کپي. سنڌ فورم بقول ان دوست جي ته ڪا اهڙي مينهن ناهي جيڪا مونکي روز کير ڏيندي هجي. فورم سنڌين جي مقدس امانت آهي. اهو انهن جو ذاتي فعل يا ڪردار آهي ته اهي انٽرنيٽ تي موجود پنهنجي قومي پليٽ فارمن تي ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا. انهن جي ڪردار جو تعين پاڻ وقت ئي ڪندو.
فورم جي ٻيهر فعاليت کان اڳ ۾ ڪجهه رُڪنن جي رُڪنيت کي رد ڪندي، انهن جي تحريرن کي ختم ڪيو ويو آهي. فورم جي شروعاتي نرم پاليسي کي تبديل ڪندي هاڻ ان ڳالهه جي لچڪ کي ختم ڪيو ويو آهي ته فورم جي خلاف سازشون ڪندڙن جي رُڪنيت کي بنا دير جي ختم ڪيو ويندو. جيڪڏهن هن فورم جي انتظاميا کي منهنجي هي تحرير نه ٿي وڻي. ته مهرباني ڪري هن تحرير کي ختم ڪيو وڃي. بهرحال هن تحرير ۾ آئون ڪنهن به ڪٽ پيسٽ يا ترميم جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهان.
ادا اڪبر اوهان جي درد ڀري ڪهاڻي پڙهي ڪري مان به سوچ ۾ پئجي ويو آهيان ته ڇا سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ياهو گروپ تان هلندڙ تڪرار ايترو ڀيانڪ نتيجو کڻي ايندو جو سنڌ فورم جي بند ٿيڻ جو ڪارڻ بڻبو ادا ڪجه به هجي اسان کي اوهان جي ڪهاڻي اڄ ئي ٻڌڻ لا ءِ ملي آهي ان ۾ ڪيتري سچائي اهي اها ته ٻين دوستن جي جوابات کان پوء ئي خبر پوندي پر ادا جي مان اوهان جي جاء تي هجان ها ته اهو فيصلو هرگز نه ڪيان ها ۽ مان به هزار کان وڌيڪ اردو ۽ عربي فورمن جو ميمبر آهيان ۽ منهنجون پنهنجون به ويب سائيٽون ۽ ٽاپ جا فورم آهن ڏکيا مرحلا دوست دشمن سڀ جا هونداآهن ان ڪري انسان کي همٿ نه هارڻ گهرجي مهنجي هڪ ننڍ پڻ جي دوست آهي جڏهن مان ان قسم جي مشڪلات جي ڪري پريشان ٿي ويندو آهيان ته هو چوندي آهي ته ظفر ان چهوٽي چهوٽي پريشانيون سي گهبرايا نه ڪرو يه تجهي سٽرونگ بناني ڪي ليئي آتي هين ان ڪا مقابلو ڪيا ڪرو يهي مردانگي هي ۽ پوء اقبال جو شعر پڙهندي آهي ته تند مخالف سي نه گهبرا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔يه تو چلتي هي تجهي اونچا اڙاني ڪي لئي ادا ڪڏهن ڪڏهن مان به اهو سوچيندو آهيان ته نيٽ جي دنيا ۽ هي سڀ ڪجه ڇڏي ڪري دور ڪاڏي هليو وڃجي پر دوستن جي محنتن ۽ محبتن کي ياد ڪري مان ائين ڪڏهن به ناهيان ڪري سگهيو شايد اهي اسان جي زندگي بڻجي ويون آهن ۽ ان جو هڪ حصو آهن
ادا هڪ شي مون ۽ ڪجه دوستن اها ضرور ملاحظه ڪئي يا انهن جي تنگ نظري هئي جو اوهان جي اعلي ظرفي کي نه سمجهي سگهيا يا ڪو ٻيو مسئلو هو جن ڪري انهن سنڌ فورم تي اچڻ گهٽ ڪري ڇڏيو ته انهن جو چوڻ هيو ته اسان کي ادي اڪبر لاکي جن کان اهورسپانس نه مليو جنهن جا اسان لائق هئاسين ۽ اها ڳاله مون اوهان تائين ڪجه دوستن ذريعي به پهچائڻ جي ڪوشس ڪئي هئي پوء خبر ناهي اها اوهان تائين پهتي يا نه ادا اسان سڀ جي ڀلي لاء سوچڻ وارا آهيون سڀئي سنڌي دوست اسان جا ڀاء آهن باقي ننڍا ننڍا اختلاف دوستن سان ۽ دشمنن جي منهن مان کوڙ ساريون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اينديون آهن پر انسان ايترو وڏو قدم ناهي کڻندو وڌيڪ اوهان اسان جا بزرگ ۽ اسان لاء قابل احترام آهيو اوهان جي مرضي آهي اسان جي دعا آهي ته shal judy hujeen
ادا، اڪبر لاکي کي هي ناچيز چوڻ چاهيندو، ته انسان ڪنهن به منزل تي هجي پنهنجن پرين پيارن کي ۽ خاص ڪري انهن کي جن پنهنجو خون پسينو وهائي انهي کي هڪ اعليٰٰ مقام تي پهچايو انهن کي وسارڻ نه گهرجي۔
جتي پوري دنيا اوهان جي منتظر آهي، پر شايد توهان کان اهو وسري ويو آهي ته توهان کي انهي مقام تي پهچائڻ تي سنڌ جي ماروئڙن جي ڪافي محنتون شامل ٿيل آهن، سو توهان کي گذارش ڪندس ته انهن ماروئڙن کي گڏ کڻي هلو ته توهان کي دعائون ڏيندا ۽ توهان کي ڪڏهن به جهڪڻ نه ڏيندا
ادا وحيد ڦلپوٽا، يار انهيءَ هل چري واري ٽيمپليٽ ۾ گنجو دل کي چميون پيو ڏي، يا ڊريڪولا بڻجي ويچاري دل جو رت پيو پيئي ۽ ڪڍيس پيو ٽائر ڏيس پيو ٽانڊا ۔ مٺا سنڌ سلامت ۾ اصل گنجن جا راڄ لهي پيا اٿئي باقي دوست مگسي صاحب کي جس هُجي جو مُسڪراهٽون جن کي مان سدائين گنجا سمجهندو آهيان کي سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪري اسان سان شيئر ڪيا اٿس۔ بهرحال سنڌ فورم جو اڱڻ سنڌين جو هو، سدائين سنڌين جو رهندو۔چنڊ کي ڪڏهن به کاري جي هيٺان لڪائي نٿو سگهجي۔
توهان جي وڏي مهرباني ادا اڪبر لاکو صاحب جو سنڌ سلامت جهڙي ننڍڙي انڱڻ تي موجود سکيا وٺندڙ سنڌين سان پنهنجا ۽ پنهنجي فورم جا مسئلا ونڊيوَ۔۔ اسان جون دعائون اوهان سان گڏ آهن اميد ته فورم تي توهان جي نئين انتظاميه توهان سان سهڪار ڪندي۔۔۔
جيئين ته فورم واپس دڳ تي اچي ويو آهي ان ڪري هن موضوع کي هتي بند ڪيو پيو وڃي