محمد خان سيال
سينيئر رڪن
هڪ دوست لکيو آهي: الطاف ڪلٽي. لڳي ٿو ڪم پورو ٿي ويس...............سائين جيڪڏهن ائين آهي ته ڇا انهن سنڌي قومپرستن جھڙوڪ جسقم، جسقم (آريسر)، جسمم سان عذرخواهي ڪريون جيڪي الطاف جي سنڌ کي چار ٽُڪر ڪرڻ واري بيان ڏيڻ ۽ واپس نه وٺڻ جي باوجود، لنڊن ۾ الطاف جي هڪ اڌ ڏينهن جي گرفتاريءَ خلاف سندس همدرديءَ ۾ لڳل ڪراچيءَ جي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا هئا؟ جڏهن ته پ پ پ تي ته ڪابه ميارڪونهي جو آصف زرداري جنهن ايم ڪيو ايم کي سنڌ سرڪار ۾ شامل ٿيڻ لاءِ منٿون ميڙيون ڪيون آهن سو ضرورت پوڻ تي سدائين وانگيان، سندن اڳيان گيسيون ڪرڻ لاءِ به تيار آهي، رڳو اشاري جي دير آهي ـ 19 مارچ 2015