ايازجي شاعري جو مزاحمتي پهلو

'شيخ اياز' فورم ۾ حميده ميربحر طرفان آندل موضوعَ ‏19 مارچ 2015۔

  1. حميده ميربحر

    حميده ميربحر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    اياز جي شاعريءَ جو مزاحمتي پهلو

    حميده ميربحر

    شيخ اياز سِنڌ ۾وِيهيِن صدِيءَ جي شاعِرنِ ۾ هِڪُ سگھارو آوازُ، سندسِ شاعِري جيڪا هُونءَ ته گھڻ پاسائِين آهي پر فِڪِري حوالي سان اها ٻِن دورن يا لاڙن جِي ترجمانِي ڪري ٿِي,هِڪ اُهو جيڪو ترقِي پسند، قوم پرسِتي ۽ جدِيد فڪر جي نمائندگِي ڪندڙُ ته ٻِيو وري بين الاقوامي ويدانِيت يا تصوف جِي ترجمانِي ڪندڙ دور آهي.اسِين هِتي سندسِ ترقِي پسند قوم پرسِتيءَ واري فِڪِر کي سمجھڻ جي ڪوششِ ڪنداسِين.اياز جِي شاعِريءَ ۾ وِرِهاڱي کان اڳِ ۽ وِرِهاڱي کان پوءِ جي تاريخِي سانحي ۽ ان کان پوءِ واري آمِرِيت ۽ ونِ يُونِٽ جو لاڳو ٿِيڻ ۽ ان جو اثر چِٽو ۽ نمايان نظرِ اچي ٿو.هِن جي شاعِريءَ جا ڪِردار به ترقِي پسند ۽ قوم پرستِيءَ جي جذِبي سان سرِشارنظر اچنِ ٿا.جڏهِن اسيِن سندسِ لِکِيل سنگِيت ناٽڪ ڀڳت سِنگھ کي ڦاسِي تي نظر وِجھُون ٿا ته اُن جا سڀُ ڪِردار ۽ خاصِ طور تي ناٽڪ جو مُکيه ڪِردار ڀڳت سنگھ ،ان جي زِندگِي ۽ سندس سياسِي ڪِردار ڏاڍو سگھارو نظرِ اچي ٿو.اياز تمام خُوبصُورِتيءَ سان تاريِخ جي هِن اڏول ڪِردار ڀڳت سنگھ ۽ ان جي ساٿيُن جِي آزادي ۽ وطن دوستِيءَ جي جذِبي ۽ سندن سامِراج سان جوٽِيل جنگِ کي پنهنِجي ڏاتِ ۽ ڏانءَ سان جنهِن انداز ۾ چِٽيو آهي اُهو پڙهندڙن تي گهِرو اثر ڇڏي ٿو.عام طور تي اهو چيو ويِندو آهي ته جنهِن ماڻهوءَ يا ڪِردار کي سمِجھڻو هُجي ته لازمِي آهي ته پهِريان ڏِسوُن ۽ سمِجھُون ته اُهو ماڻهُون يا ڪِردار ڪهِڙي دور ۾ پيدا ٿِيو ۽ اُن دور ۾ ڇا وهِيو واپِريو ٿي.اسِين اياز جي لِکيل سنگيِت ناٽڪ ڀڳت سنگھ کي ڦاسِي جي مُکيه ڪِردار ڀڳت سنگھ ۽ سندسِ ساٿِين کي چار حوالن ۽ پهلوُئن سان ڏِسڻ ۽ سمِجھڻ جي ڪوشِشِ ڪنداسِين. پهِريون اِهو ته اُن وقت ۾ ماڻُهن جو مذهبِي لاڙو يا سوچ ڪهِڙي هئِيٻيو ته سياستِداننِ جو رويو ڪهِڙو هوٽِيون ته عام ماڻهوءَ تي حُڪومتِي ڏاڍ۽ چوٿون آزادي انسانِي بُنِيادِي حق.جيِئن ته اِهو دور برطانوي راڄ جو دور هو ۽ پوري برصغيِر تي انگريز حڪومت ڪري رهيو هو ۽ جيڪِي اصل ملڪ جا والِي وارِث هُئا اُهي انگريز سرڪار جي ظلم کان تنگِ ٿِي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهِيا هئا. نوجواننِ ۾ باغي سوچُون جنم وٺِي رهِيون هُيون. هڪ پاسي سِوِل نافرمانِي جِي تحريِڪ هلي رهِي هُئي ته وري ٻِئي پاسي اهنِسا جو درسُ به ڏِنو پِئي وِيو . اهِڙِي صورتِحال ۾ خاصِ طور تي نوجوان طبِقو ويڙهاڪ ۽ با غِي سوچ رکي پِيو ۽ اُنهن جو خِيال هو ته آزادي بِنان ويڙه جي حاصل ٿِي نٿِي سگھي. انهن ئي نوجوانن ۾ ڀڳت سنگھ ۽ ان جا ساٿِي دوست چندر شيکر آزاد، ڪِشوري لال سُکديو، راج گُرو ۽ ڊاڪٽر گِيا پرساد جو خِيال هو ته جيستائِين هٿيار نٿا کڻون ۽ ويڙه نه ٿا ڪرِيون ته اسانکي انگريز سرڪار ايئن آسانيءَ سان آزادي ڪونه ڏيِندِي جيڪو اسانجو بُنيادِي اِنسانِي حق آهي اِيئنءَ ئي جڏهن هِي نوجوان ڏِسن پِيا ته عام ماڻهُون ڀلِي پوءِ ڪهڙي بِه مذهب سان لاڳاپِيل هُجي اهي هِن سڄِي مُصِيبت مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪي مندرن ۾ پُوڄا پاٺ پِيا ڪن ته ڪي وري مسِجِدن ۽ درگاهُن تي دُعائون پِيا گھُرن، جيڪو ڀڳت سنگھ ۽ ان جي ساٿيِن جي خِيال مُطابق ته مسئلي جو حل نه هو. جِيئن اياز هِنن سِٽُن ۾ چوي ٿو ته

    ڪي جيءُ وِجھن ٿا جاڙن ۾،

    ۽ جھاڳي پنڌ پهاڙن ۾،

    ٿا شرڌا سان ڪيلاش ڏسن؛

    ڪي ڏس ته قواليون ڳائن ٿا،

    ۽ پيِرن کي پڙ پائِن ٿا

    ٿا داتا جي درٻار وڃن

    ۽ ڀيرو پنهنجو ڪون ڀڃن...

    هنن جو خيال هيو ته هڪ پاسي اسانجو عام ماڻُهو پنهنِجو پاڻ کي پُوڄا پاٺ ۽ پراٿنائن ۾ گُم ڪيو ويٺو آ ته ٻِئي پاسي وري اسانجا ڪُجھ سِياسِي لِيڊر وري انگريز بهادُر سان گڏ ويٺا آهن ۽ انهن جي ها ۾ ها مِلائي رهيا آهن. پر جيڪا اصل ديس جِي حالت آهي ان تي ڪير به ڳالهائِڻ لاءِ تِيار ناهي.اياز چوي ٿو ته

    ڇا ڪِيچڙ ڪيِچڙ ڪِيڙا آ!

    جا ديس سڄي جي پِيڙا آ!

    ڪنهن سوچِي آ ڪنهن ڄاتِي آ؟

    ڪنهن ان ۾ جھاتِي پاتِي آ؟

    هِي جيءُ جڏهن آهي جُٺ ۾،

    انگريز بهادر جي پُٺ ۾،

    هِي راءِ بهادر ها ها ها!

    هِي خان بهادر آ ها ها!

    هي ويهِي روز فِرنگيءَ سان

    سڀ ڪارا ڀُوري ڀنگيءَ سان

    ڪي ٺاه ٺڳيءَ جا ٺاهِن ٿا،

    ڇا سوچِن ٿا ڇا چاهِن ٿا...

    اهڙي گُھٽ ٻُوسٽ ۽ اُونده انڌوڪار جي ڪيفِيت مان نِڪرڻ لاءِ اياز جو قلم پنهنِجي امر ڪِردارن جي واتان مسِئلن جو حل ٻڌائي ٿو ته هاڻِي جڏهِن ظلم وڌندو پيو وڃي ته پوءِ اهِڙي حا لت ۾ ڇا ڪرڻ گُھرجي ۽ ڪهِڙي طرح پنهنجي لاءِ پنهنجي ايندڙ نسُلن لاءِ ڪُجھه ڪجي ته جِيئن هِن غُلا مِيءَ ۽ انڌوڪار مان جانِ آجِي ٿِئي.اياز جي خِيال ۾ ته ان سڄي اونده انڌوڪار مان نِڪرڻ جو حل هٿيار کڻِي ويڙه ڪرڻ ۾ ئي آهي

    هِي مُڪتي آ، هي ڀڳتي آ،

    هِي بم گولو سا شڪِتي آ،

    جا ناهي ڪنهِن جپ تپ ۾

    هِي بم گولو مُنهِنجِي لپ ۾

    سو دُشٽ اُڏائي سگھندو آ

    سو راوڻ گھائي سگھندو آ...

    هاڻِي نوجوانن جا خِيال ۽ عمل ته با غِي آهن پر ان وقت جا جيڪي سياسِي لِيڊر آهِن جيِئن گانڌِي ته اهي وري بِلڪُل الڳِ سوچ رکنِ ٿا اُنهن جو خِيال آهي ته هٿياربند ويڙه سان ڪي به مسئلا حل ٿِي نٿا سگِھجن سو پنهِنجا اعتِراض هٿياربند ويڙه سان نه پر پُر امن تحريڪن وسيِلي پنهنجي مسئلن جو هل ڳولِجي.اياز اهڙي وقت اُن اهنِسا جي خِلاف آ واز بُلند ڪندي چوي ٿو ته

    هي ڪُوڙو ڍونگ اهنِسا جو

    جو ڪنهِن کي ڪون ڪندو آجو...

    وري چوي ٿو ته

    هِي ڀونءِ نه ٿِيڻي آ آجي

    اڄ وِڙهڻو آ اڄ وِڙهِڻو آ...

    جو پوڙهي جُھور سِياست جي

    سو سالن مُور نه پاتو آ

    اڄ ماڻُهو ما ڻهُو ٻاتو آ

    هي بم ڌماڪي سان ڦاٽِي

    هر تارونءَ کي تڙِڦائِيندو

    ۽ اُڀِري هرِڪو ڳائِيندو

    ڪي گِيت انوکا ڌرِتيءَ جا

    ۽ کڻندو جوکا ڌرتيءَ جا

    ۽ آزاديءَ جي سئِن هڻِي

    هر ڏيهِي ٿيِندو ڏيه ڌڻي...

    جڏهن پُر امن ريلين تي لاٺِي چارج ڪئِي پئي وڃي ۽ اهڙي ئي هڪ ريليءَ جي اڳواڻي ڪندڙ لالا لجِپت راءِ تي لاٺي چارج ٿئي ٿِي ۽ ڌڪن جي سٽ نه سهندي ڪُجهه ڏيِنهن ۾ لالا لجِپت راءِ جو موت ٿئي ٿو ته اهڙي ڪيفيت م هِي نوجوان اڃان وڌيڪ جذباتِي ٿِي وڃن ٿا ۽ بدلي وٺڻ جي ڳالهِه ڪن ٿا اهو پڻ سوچِين ٿا ته خالِي روئڻ ۽ ڳوڙها ڳاڙِڻ ڪافِي ناهي جيڪِي ان وقت جا سياستدان ڪري رهيا هئا.اهڙي ڪيفِيت کي اياز تمام بهتريِن انداز ۾ لفظن جو ويس ڍڪائي چوي ٿو ته

    ڪلهه لالا لجِپت راءِ مُئو،

    ڇا مڻيا وارو مُڙس هُئو؟

    هِي تنهن لاءِ هر هر روئن ٿا

    ۽ روئي ڏُک کي ڌوئِن ٿا...

    اياز پنهنجي ڪردارن جي واتان ان ڪيفيت مان نِڪري ۽ نئيِن واٽ جو ڏسُ ڏئي ٿو ۽ پُر جوش انداز ۾ نئين سوچ ۽ واٽ تي هلڻ لاءِ چوي ٿو

    اچُ سڀئِي گڏِجي قول ڪرِيُون

    بس سڀ ڪُجھ ڊاوان ڊول ڪرِيون...

    اڄُ اُٿِڻو آهي شيِنهن جِيان

    ڪنهِن آنڌِي آندل ميِنهن جِيان

    ۽ ٻوڙان ٻوڙ اُسهڻو آ

    ها تابڙ توڙ اُسهڻو آ...

    اياز آزادي پسند آهي ۽ هو اُنکي انسان جو بُنيادي حق سمجھي ٿو. جڏهن هو ڏسي ٿو ته ڏاڍا ڏيهه کي ڏهڪائي ويٺا آهن ۽ مظلومن جي آه ۽ دانهن ٻُڌڻ وارو ڪو ڪونهي ته ان حالت ۾ هو ماٺ ڪري ويهِي رهڻ ۽ چڱي وقت جو اِنتظارڪرڻ کي بي معِني سمجھي ٿو ،هو جِدوجهد ۾ يقين رکي ٿو ۽ ان ئي جِدوجهد کي جاري رکندي ،اياز چوي ٿو ته آ زادي ڪا چُوري ناهي ۽ نه وري ڪا گُھرڻ سان ڪير توهانکي ڏيندو اها توهانکي پاڻ وٺڻِي پونِدي

    جي ڪو ئي چاهي آزادي

    ڪا چُوري نا هي آزادي

    جو ڳِنهندو هو گِهه َ ڳرانديءَ کي

    هيءَ اڻ سرندي هر سرنديءَ کي

    جڏهن اياز جي امُلهه ڪِردارن ڀڳت سنگھ ۽ انجي ساٿِين کي ڦاسي گھاٽ ڏانهن وٺيو وڃن ٿا ته ان مهل به انهن جا حوصِلا ڏِسڻ وٽان آهن. رات جي پوئين پهر ۾ ڦاسِي گھاٽ ڏانهن ويِندي سندن چپن تي مُرڪ آهي ۽ موت کي ڳلي لڳائڻ جو اتِساه آهي اهو اياز جي سمورن سٽن مان بخوبي پسي سگھجي ٿو.

    نوٽ : ليکڪا سنڌ يونيورسٽي جي شعبي انگريزيءَ ۾ ايم فل جي شاگردياڻي آهي شيخ اياز ۽ شيلي جي شاعريءَ تي تقابلي تحقيق ڪري رهي آهي
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    سٺي ونڊ.....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي شاعري جي مزاحمتي پهلو بابت هڪ بهترين تحرير.
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه واهه ادي

    اوهان ڇا ته سهڻي انداز سان اياز صاحب جي مزاحمتي پهلو کي اجاگر ڪيو آهي.

    اميد ته اڳتي به پنهنجون لکڻيون شيئر ڪنديون رهنديون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو