
ڀارت جيڪو 2015 ورلڊ ڪپ جو هن وقت تائين ناقابل شڪست رهيو آهي تنهن توقعات تي پورو لهندي اڄ ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهريون ڀيرو ايندڙ بنگلاديش جي ٽيم ۽ بنگالي تماشبين جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي. ڀارت 109 رنسن تان ڪاميابي ماڻي سيمي فائنل ۾ پهچندڙ ٻي ٽيم آهي.
ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ٿيندڙ ٻئي ڪاورٽر فائنل ۾ ڀارت جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. بهترين اوپننگ اسٽينڊ ملڻ باوجود ٽيهين اوور تائين ڀارت جا بيٽسمين دٻاء ۾ رهيا ۽ 100 رنسون به اوڻٽيهين اوور ۾ ٿي سگهيون. 79 رنسن تي ٻه وڪيٽون ڪرڻ کانپوء ڀارت دفاعي کيڏ شروع ڪئي پر پوء روهيت شرما ۽ سريش رائنا شاندار راند کيڏيندي 122 رنسن جي شراڪت قائم ڪئي. رائنا 65 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو ٻي طرف روهيت شرما 137 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڀارت جي ٽيم 50 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن عيوض 302 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ بنگلاديش اميدن جي برخلاف راند کيڏي ۽ ٿوري ٿوري وقفي کانپوء سندن وڪيٽون ڪرنديون رهنديون. سموري ٽيم 45 هين اوور ۾ صرف 193 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ناصر حسين 35 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو. ڀارت پاران اميش يادو 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.
مڪمل اسڪور هن لنڪ تي

روهيت شرما کي مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو