سنڌ جو سيد غلام مرتضيٰ شاه (17 جنوري 1904ع جنم ۽ 25 اپريل 1995ع وفات)

'سائين جي ايم سيد' فورم ۾ محمد يوسف جويو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2015۔

  1. محمد يوسف جويو

    محمد يوسف جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2015
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    محمد يوسف جويو، ڄام شورو

    سنڌ جو سيد غلام مرتضيٰ شاه (17 جنوري 1904ع جنم ۽ 25 اپريل 1995ع وفات)

    پيدائش

    سيد غلام مرتضيٰ شاه جنهن کي سنڌ جا عام ماڻهو پيار مان ”سائين جي ايم سيد“ جي نالي سان سڏيندا آهن. هي سيدزادو تاريخ 17جنوري 1904ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ” سن“ تعلقي مانجهند ۾ ڄائو، هي ٻالڪ اڃا ٽن سالن جو مس ٿيو هو ته انگريزن جي چرچ ۽ ڏيهي دلالن سازش جي ڪري سندس والد ماجد سيد محمد شاه کي فجر جي نماز پڙهي واپس ورندي شهيد ڪرايو ويو، جنهن کي وري پوءِ وري خانداني دشمنيءَ جو رنگ ڏنو ويو. سندس شادي ننڍي هوندي پنهنجي عزيزن مان ٿي ان مان کيس پنج ٻار پيدا ٿيا جن ۾ ٻه فرزند ۽ ٽي نياڻيون جن ۾ پهريون فرزند امير حيدر شاه ۽ ٻيو فرزند سيد امداد محمد شاه، سنڌ اسيمبلي ۽ پاڪستان قومي اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ مختلف وزارتن ۾ رهي چڪا آهن. ٽن نياڻين مان هڪ نياڻي سيد درشهوار ”شاه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ عورت جو ڪردار“ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي ڪري چڪي آهي باقي ٻ نياڻيون گهريلو خاتون ٿي رهيون.

    ابتدائي تعليم

    سائين جي ايم سيد پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن ۾ ماستر درمداس، ريواچند ۽ ماستر وسڻ مل کان حاصل ڪئي، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي محمدهاشم سنائي، مولوي محمد صالح سيال ۽ مولوي ڊاڪٽر الله بخشدادوي کان ورتي ان کان علاوهٰ انگريزي ٻوليءَ جي تعليم مولوي ڊاڪٽر حامد هالاڻيءَ واري وٽان حاصل ڪئي.

    عملي زندگي ۽ سياسي، سماجي ڪم

    سائين جي ايم سيد چوڏهن سالن جي ننڍي عمر۾ ئي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ سياست کي لوڪ جي خد مت سمجهندي، پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. 7،8 ۽ 9 فيبرورٿ 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل ٽي روزهٰ سنڌ خلافت ڪانفرنس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ان کان پوءِ جلدي هن پنهنجي ڳوٺ سن ۾ هڪ ٻي سنڌ خلافت ڪانفرنس 17 مارچ 1920ع ۾ حڪيم فتح محمد سيواهاڻيءَ جي صدارت ۾ ڪرائي جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جا ناليوارا ڏاها ۽ سياستڪار شريڪ ٿيا. هن سياست ۾ اچڻ سان ڏٺو ته سنڌ ۽ دنيا جي سامهون هي ٽي وڏا ۽ مکيه مسئلا ڪّر کنيو بيٺا آهن، هن وڏي غور ويچار سان انهن مسئلن جا ڪارڻ پڻ معلوم ڪيا ته هن کي خبر پئي:

    پهريون مسئلو ”غربت“: غربت لاءِ ڌارين جي غلامي، وڏيرڪو نظام ۽ سرمائيداري نظام مکيه ڪارڻ آهن.

    ٻيو مسئلو ”جهالت“: ان لاءِ خانه بندوش(روزگار خاطر لڏپلاڻ) زندگي، شهري زندگيءَ ۾ سهولتن جي عدم مجودگي، تعليم جي وسيلن جي کوٽ ۽ مهانگائي مکيه ڪارڻ آهن.

    ٽيون مسئلو”بدامني ۽ خوف“: ان لاءِ عالمي سطح تي خونخوار ۽ وحشياني عالمي جنگيون ۽ مقامي سطح تي انتظامي زندگيءَ جي بيترتيبي، وهم پرستي ۽ انڌي عقيدي پرستي، دهشتگردي ۽ ڏاڍين قوتن جي حملن جا خطرا مکيه ڪارڻ آهن.

    هاڻ سيد جي سياست جي باقاعدي شروعات آل انڊيا ڪانگريس پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ سان ٿي پر هن جي سياست جو مرڪزي نقطو هميشه سنڌ ۽ سنڌ جي آزادي ئي رهيو، تنهن ڪري هن بريصغير جي مختلف سياسي پارٽين سان گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ نتيجي ۾ پنهنجي عمر جو اڌ کان وڌيڪ حصو جيل جي سختين ۽ نظربندين ۾ گذاريو.

    پاڻ سڀ کان پهرين 1925ع ۾ لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر، پوءِ صدر 7 اڳتي هلي 1929ع ۾ لوڪل بورڊ ضلع ڪراچيءَ جو صدر چونڊيو ويو. سائينءَ سياست کي خدمت سمجهندي، هن سماجي ڪم پڻ ڪرڻ شروع ڪيا 1925ع ڌاري هن پنهنجي ڳوٺ سن ۾ انگريزي اسڪول ۽ نائيٽ اسڪول کولائي بورڊنگ هائوس جو بنياد وڌو. غريب سيدن جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ هن 1921ع ۾ مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏائي ”انجمن سادات، مٽياري“ جو بنياد وڌو.1929ع ۾ ”ڳوٺ سڌار تحريڪ“ نالي هڪ سماج سڌارڪ تنظيم جو بنياد وڍائين. انکان علاوهٰ هن هارين جي حالت بهتر ڪرڻ ۽ سڍارڻ، کين تعليم ۽ صحت جي بهتر سهولت ڏيارڻ، امن امان ۽ تحفظ ڏيارڻ لاءِ پنهنجي ساٿين سان گڏجي 1930ع ۾ ميرپورخاص ۾ ” سنڌ هاري ڪاميٽي“ جو بنياد وڌو، جنهن هارين جي حالت کي بهتر بنائڻ لاءِ تمام ڊگهي ۽ ڪامياب جدوجهد ڪئي.

    1843ع ۾ هڪ خونخوار جنگ کان پوءِ آزاد سنڌ ملڪ تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو، ۽ سنڍ کي هڪ الڳ غلام ملڪ جي حيثيت ۾ چئن سالن تائين جدا گورنر سر چارلس نيپئير جي انتظام هيٺ رهي، ان کان پوءِ انگريزن 1847ع ۾ سنڌ جي اها الڳ حيثيت ختم ڪري ان کي بمبئي صوبي جو حصو بنائي ڇڏيو هو؛ سائين جي ايم سيد سنڌ کي آزاد ۽ اصل حيثيت ڏيارڻ خاطر وقت به وقت پنهنجي تقريرن، تحريرن، تجويزن ۽ تحريڪن جي وسيلي نيٺ سنڌ کي پهرين اپريل 1936ع ۾ بمبئي کان دائمي طرح جدا ۽ آزاد حيثيت ۾ خودمختيار اسيمبلي جو وجود قائم ڪرايو. جئين ته انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ سنڌ جا ڪي با اثر ۽ انگريزن جا ايجنٽ وڏيرا ۽ خود غرض هندو، بمبئيءَ کان سنڌ جي آزاديءَ جي حق ۾ نه هئا، ان وقت سنڌ اندر فرقيواريت جي باه به ڪنهن ساذسن تحت دکائي وئي هئي، امن، محبت ۽ رواداريءَ واري سنڌ، فرقيورانه ۽ مذهبي منافرت واري ماحول جو شڪار ٿي چڪي هئي، ان ماحول کي سمجهندي سائينءَ 1936ع ۾ هڪ غير فريقيوار جماعت ”سنڌ اتحاد پارٽي“ قائم ڪئي. ڪانگريس جي اڻوڻندڙ رويي کان بدظن ٿي سائين جي ايم سيد 1938ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ جو صدر بنايو ويو. 1940ع ۾ پاڻ وزير تعليم بنيو ۽ پنهنجي وزارت دوران هن وڏا ڪم ڪيا جن مان ڪجهه هيٺ ذڪر ٿا:

    سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڪوششون ورتائين.

    ”سينٽرل ايڊوائزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ برپا ڪيائين، جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان مستقل ۽ ازاد حيثيت سان ادارو قائم ڪيائين.

    سنڌي ثقافتي بورڊ لاءِ اڌ ڪروڙ رپيا منظور ڪرايائين جيڪو اڳتي هلي”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز“ جي نالي سان قائم ٿيو.

    ڪانگريس جي سخت مخالفت جي باوجود 3 مارچ1943 تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان کي قائم ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو پوري اڻ ورهايل هندستان ۾ پهريون ٺهراءَ هو ۽ هي ٺهراءُ وڏي اڪثريت سان پاس ڪيو ويو.

    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو چونڊن ۾ هي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊ جي آيو.

    ون يونٽ دوران صوبائي اسيمبلي ميمبر کان چونڊون ڪرايون ويون، انهن چونڊن ۾ هي مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ستن ميمبرن سان گڏ چوندجي ايو ۽ ون يونٽ جي خلاف مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ جو ٺهراءُ آڻائي 310 ميمبرن جي اڪثريت کان اهو ٺهراءُ پاس ڪرايائين، ان ٺهراءُ جي مخالفت صرف چئن ميمبرن ڪئي.

    1966ع ۾ هن ”بزم صوفيائي سنڌ“ تحريڪ جو بنياد وجهي عام ماڻهن جي اخلاقي، نفسياتي ۽ ذهني درستي جي تربيت لاءِ ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي ڪلچرل پيغام کي پکيڙڻ لاءِ خطبا ڏيڻ شروع ڪيا، جن ۾ مرڪزي نقطا هي هئا؛ ” سر زمين سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم لاءِ ئي خاص طور ڪم ڪرڻو آهي“ هن وڌيڪ سمجهيو ٿي ته ” هتي مختلف نسل، تهذيبون، مذهبي فلسفا، سياسي ۽ سماجي طور طريقا ملي جلي يڪرنگي ۽ هم آهنگي اختيار ڪري ويا آهن. دنيا جي نئين تعمير لاءِ، جنهن ۾ مشرق ۽ مغرب جا ويڇا مٽجي، سڀ هڪ وحدت ۾ گڏجڻا آهن، سر زمين سنڌ کي انهيءَ پنهنجي تاريخي تجربي جي روشنيءَ ۾ دنيا جي اڳيان هڪ خاص ڪردار ادا ڪرڻو آهي“.

    علمي ۽ ادبي ڪم

    سائين جي ايم سيد هڪ سياستدان، مفڪر ۽ اديب هو، پاڻ سڄي عمر سرگرم عمل رهيو ۽ پنهنجي مختلف سرگرمين جي دوران سوين مضمون،خط لکيا ۽ تقريرون ڪيون، متفرقه تصنيفن کان سواءِ هن سنڌ جي تاريخ، ادب، ڪلچر، سياست ۽ فلسفي تي کوڙ سارا جن جو تعداد لڳ ڀڳ سٺ کن فڪر انگيز۽ نظرياتي ڪتاب لکيا آهن جن جا ڪجهه نالا هيٺ ڏجن ٿا:

    تاريخ تي ڪتاب

    * سنڌ جا سورما (تاريخ)

    * سنڌي ڪلچر (ڪلچر)

    * جيئن مون ڏٺو ( زندگيءَ جي تجربن ، مشاهدن ۽ حقيقتن تي فڪر انگيز تحرير)

    * سنڌ ڳالهائي ٿي (عدالتي بيان)

    * جديد سياست جا نورتن (تاريخ)

    * مانجهند محال ڪوهستان (تاريخ ۽ جاگرافي)

    * محال مانجهند جو تعليمي ۽ تنظيمي پروگرام (1928ع)

    * جي ايم سيد جون تقريرون : ٽي ڀاڱا. (تاريخ)

    سنڌ جي بمبئي کان آزادي (تاريخ)

    سنڌ متحده محاذ ۽ ون يونٽ . (تاريخ)





    ادب تي ڪتاب

    * پيغام لطيف ( شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر تي ڪتاب)

    * ديار دل داستان محبت ( ادب ۽ فلسفو)

    * منهنجي ڪهاڻي منهنجي زباني: ٻه جلد ( آتم ڪهاڻي)

    * ڪجهه خط (مختلف شخصيتن جا خط)

    * واڄٽ ويراڳين جا: ٻه جلد (امين کوسي ۽ سائين جي ايم سيد جا خط)

    * ساهڙ جا سينگار( علامه آءِ آءِ قاضي ۽ سائين جي ايم سيد جا خط)

    * رهاڻ ( ميران محمد شاه ۽ سائين جي ايم سيد)

    * خط ۽ مضمون (پير علي محمد راشدي جا خط)

    * سڏ پڙاڏو (جي ايم سيد ۽ محمد ابراهيم جويو جا خط)

    * آيو تڙ تماچي (رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جا خط)

    * اڄ پڻ چيڪيم چاڪ ( مختلف شخصيتن جا پروفائيل)

    * جنب گذاريم جن سين : ٻه جلد ( مختلف شخصيتن جا پروفائيل)

    * شاه لطيف جون چونڊ ڪافيون (ادب)

    * سنڌي ادب ڇوڇالاء (ادب)ِ

    * چونڊ ادبي مضمون (ادب)

    نظرياتي ۽ فلسفي تي ڪتاب

    سنڌوءَ جي ساڃانهه : ٻه جلد( فلسفو) *

    * سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ ( فلسفو)ِ

    * پاڪستان هاڻ ٽٽڻ گهرجي ( نظرياتي ڪتاب)

    نئين سنڌ لاءِ جدوجهد ( فلسفو)

    مسلم ليگ سان اختلاف ڇو ۽ڇا لاءِ (سياست ۽ تاريخ) ِ

    فرياد سنڌ (نظرياتي ڪتاب)

    پاڪستان جو ماضي، حال۽ مستقبل (نظرياتي ۽ تاريخ)

    خطباتي سيد (نظرياتي ۽ فلسفي جو ڪتاب)

    بزم صوفيا سنڌ جو آئين ۽ خطبا ( فلسفو )

    چونڊ سياسي مضمون (سياست)

    هندستان جا مسلمان ۽ پاڪستان (ترجمو مئي 1941ع )

    سنڌ جي عدالت جي انتظاميه کان جدائي. ( 1946ع) : هڪ جائزو

    مسلم ليگ جي مخالفت ڇو ؟ (نظرياتي جائزو)

    نئين سنڌ لاءِ جدوجهد : ٻه ڀاڱا (نظريات)

    پاڪستان ۾ قوميتن جو مسئلو ( نظريات ۽ فلسفو )

    مسلم سربراه ڪانفرنس جو تجزيو. ( جائزو)

    ههڙا هاڃا ٿين. (سياسي ۽ نظرياتي پمفليٽن جو مجموعو)


    سائين سيد غلام مرتضيٰ شاه عرف جي ايم سيد جي شخصيت تي جن ماڻهن ڪتاب لکيا تن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

    * سيد اعظم/ امين کوسو

    * جي ايم سيد/ عبدالواحد آريسر

    * ڇا ته شخص هو/ عبدالواحد آريسر

    * تصوف، عشق ۽ سائين جي ايم سيد/ الطاف ملڪاڻي

    * ڪالهه گڏيوسين ڪاپڙي/ نواز خان زنئور

    * لامون سي وڻ سنديو/ آزاد قاضي

    ان کان علاوهٰ سائين جي ايم سيد جي تاريخي لائبريري ۾ سندس اڻڇپيل ڪتاب ۽ آتم ڪٿا جو رهيل حصو، ڊائريون، مضمون خط ۽ ٻيو ڪيترو اڻ ڇپيل مواد اڃا موجود آهي. 17 جنوري 1904ع سندس جنم ڏينهن آهي ، هي ڏينهن سنڌين جي لاءِ خوشيءَ جو سبب انهيءَ لاءِ به آهي جو هن هستيءَ سنڌين کي ”هڪ قوم“ جي شناخت ڏني، هن جو اهو احسان سنڌ ملڪ ۽ سنڌي قوم تي سدائين قائم رهندو. هي عظيم سياستدان، اديب ۽ مفڪر پنهنجي زندگيءَ جا 32 سال قيد وبند ۾ گذاريا، سندس وفات به مسلسل ۽ ڊگهي نظربندي جي حالت ۾ 25 اپريل 1995ع ۾ اڱاري ڏينهن ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد يونس ٻرڙو

    محمد يونس ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2014
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    49
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    سرڪاري کاتي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    سکر (ڪراچي)
    تمام سٺي ڪارائتي ونڊ
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي سيد جي سوانح حيات تي سهڻو ۽ جامع مضمون ونڊڻ لاء لک لائق سدا سلامت هجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو