سائين پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ: استاد، محقق،تاريخدان ۽ لائبريرين

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد يوسف جويو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2015۔

  1. محمد يوسف جويو

    محمد يوسف جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2015
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    محمد يوسف جويو

    صوفي منش انسان:

    سائين پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ: استاد، محقق،تاريخدان ۽ لائبريرين جي شخصيت ۽ سندس ادبي پورهيو



    هي صوفي منش، سٻاجهو، سادگي،نرم روي، حساس طبيعت،وابستگي رکندڙ شخص ڪردار ۽ فڪر جي لحاظ کان تمام مٿاهين حيثيت رکندڙ آهي،هي خوددار شخص پيشي جي لحاظ کان پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي لائبريري ۽ انفارميشن سائنس ۽ آرڪائيوز اسٽيڊيزشعبي ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي سڄي عمر درس تدريس ۽ تحقيق و تاليف ۾ گذاريائين. هن وقت سائين جن پاڻ بيماري جي حالت ۾ بستري تي آهن،اسان جي دعا آهي ته اﷲ سائين کين جلد کان جلد صحت عطا ڪري، آمين. سندن تحقيقي ۽ تحريري ڪم جو مختصر تفصيل/ تعارف هيٺ ڏجي ٿو.


    سائين پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ، دادو ضلع جي تعلقي ميهڙ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ٻٽ سرائي“ ۾ پهرين ڊسمبر 1946ع تي جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ٻٽ سرائي مان ئي حاصل ڪئي ۽ 1970ع ۾ بي ڪام جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ 1974ع ۾ ايم ـ اي لائبريري سائنس ۾ سٺي پوزيشن سان پاس ڪيائين، پاڻ وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ويو جتان هن پي ـ ايڇ ـ ڊي، جي ڊگري يونيورسٽي آف وليز لنڊن مان 1988ع ۾ حاصل ڪئي، اتان ئي وڌيڪ پاڻ جرمن ٻولي ۽ انگريزي ٻولي ۾ ڊپلوما جا ڌار ڌار ڪورس ڪري ڊگري حاصل ڪئي.

    هن پنهنجي مستقبل جي شروعات پروفيشنل ڊگري کي استعمال ڪندي، بطور لائبريرين، گورنمينٽ ڪاليج ڪنڊيارو، ضلع بينظير آباد (نواب شاهه) کان شروع ڪيو، ان کان ترت ئي پوءِ هي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ لائبريري ۽ انفارميشن سائنس ۾ بطور ليڪچرار جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو ۽ اتان ئي هي ترقي ڪندي پروفيسر جي حيثيت ۾ 2006ع ۾ ريٽائرڊمينٽ ورتائين.


    هن پنهنجي سرڪاري نوڪريءَ جي دوران مختلف ادارن ۾ مختلف عهدن تي رهي ڪري پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين، جيئن چئيرمين انٽرميڊيت بورڊ، سکر؛ ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي؛ چئيرمين انٽرميڊيت بورڊ،لاڙڪاڻو؛ رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۽ ايگزيڪيٽو اسسٽنٽ وائيس چانسلر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو رهيا. ان کان علاوهٰ پاڻ بطور هڪ استاد ۽ محقق جي درس و تدريس جي ڪم سان گڏ ، پاڻ کوڙ ساريو قومي ۽ بين القوامي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شريڪ ٿيو ۽ اتي هن پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا ان کان به وڌيڪ هن تحقيق جي ڪم کي اڳتي وڌائيندي، تاريخ ۽ لائبريري سائنس جي علم تي ڪتاب لکيا جن جو ڪجهه تفصيل هن ريت آهي.


    ڇپيل ڪتاب

    1.مرزا قليچ بيگ جي ببليوگرافي 1977ع

    2.سنڌ ۾ ڪتبخانن جي مختصر تاريخ 1980ع

    3.سنڌي رسالن جي تاريخ 1981ع

    4.سماٽ (تاريخ) 1984ع

    5.سنڌي طباعت ۽ اشاعت جي تاريخ 1995ع

    6.شاه جي رسالي ۾ هٿ جا هنر 2008ع


    اڻڇپيل ڪتاب


    1.شاه جي رسالي ۾ ڪرتڪار، ڌنڌا ۽ پيشا

    2.ٻٽ سرائيءَ جي تاريخ

    3.Life and work of Muhammad Usman Deplai

    4. 19th Century Book Trade in Sindh

    5.ڪاڻي ڪمدار جي شان ۾ 52 اکري: اسٽيج ڊرامو (نوٽ:هي اسٽيج ڊرامو 1992ع ۾ سنڌ ويلفئر ايسوسيئشن جي طرفان اسٽيج ڪيو ويو.)



    مختلف رسالن ۾ سندس لکيل تحقيقي مضمونن جو تفصيل


    1.ٽي ماهي ”مهراڻ“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 24 مضمون

    2.”ڪلاچي“ شاهه لطيف چئير، ڪراچي يونيورسٽي 02 مضمون

    3.سنڌالاجيڪل اسٽڊيز، ڄام شورو 01 مضمون

    4.سنڌ يونيورسٽي ريسرچ جرنل 02 مضمون

    5.”واريءَ تي مورت“، ڪراچي 01 مضمون

    6. ٽي ماهي ”سنڌ ڪوارٽرلي (انگريزي) 07 مضمون

    7.پاڪستان لائبريري بليٽن (انگريزي) 08 مضمون

    8.اڻڇپيل مضمون 12 مضمون





    مختلف اخبارن ۾مختلف اعنوانن تي سندس لکيل تحقيقي مضمونن جو تفصيل


    1. روزانه عبرت، حيدرآباد 16 مضمون

    2.روزانه ڪاوش، حيدرآباد 14 مضمون

    ( نوٽ؛ـ مٿين ٻنهي اخبارن ۾ سلسليوار” انگريز دور ۾ جهاتي “ جي اعنوان هيٺ مختلف تاريخي مضمون ڇپيا آهن.)


    3. Daily Sindh Tribune, Karachi 02 مضمون

    4. Weekly The Shakrpur Times 02 مضمون

    5. Daily Dawn, Karachi 02 مضمون◄


    اڃا علمي ۽ تحقيقي ڪم اتي ڇيهه نه ٿيو آهي پر سائي ٻٽ صاحب پنهنجي نوڪريءَ تان ريٽائرمينٽ ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجي ڪم سان دلچسپي رکندي،ان کي جاري ڪندو آيو آهي.هن جو اهو قومي ڪم آهي جنهن سان هي وفا ڪنسو اچي ٿو، ان جو هڪ مثال هي به آهي ته هن ۽ سندس ساٿي دوست سليم ڀٽو لطيفي سان گڏجي شاهه لطيف جي رسالي تي هڪ پروجيڪٽ جوڙيو جنهن جو عنواني سلسلو ”شاهه جي رسالي جي موضوعاتي لغت“ Subject Dictionary of Shah-jo- Risalo آهي، جيڪا تيرنهنجلدن يا حصن 13, Volumes تي مشتعمل آهي، ان سلسلي جي پهرين ڪڙي يا حصو ”شاهه جي رسالي ۾ هٿ جا هنر“ 2008 ۾ شاه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي جي طرفان ڇپجي چڪي آهي جڏهن ته ان سلسلي جا ٻيا حصا پڻ تيار ٿي چڪا آهن ۽ ڇپائڻ جي تياريءَ واري مرحلي ۾ آهن.

    سائين ٻٽ صاحب،هڪ سٺواستاد، محقق،تاريخدان ۽ لائبريرين آهي. پاڻ هڪ خوددار،پڪي ارادي جو مالڪ، علم جو قدردان، پنهجي شاگردن سان ۽ پنهنجي وطن سان بي انتها محبت ڪري ٿو. هن وقت پاڻ بيماريءَ جي حالت ۾ بستري تي آهن ڌڻيءَ در دعا آهي، ته اﷲ سائين کين جلد کان جلد صحت عطا ڪري، آمين.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سائين توهان جي وڏي مهرباني توهان هڪ عظيم انسان ۽ بهترين استاد جو تعارف اسان کي مهيا ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو