محمد يوسف جويو ڀليون ۽ عمل ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون منهنجي زندگيءَ جا اصول ۽ پنهنجي پاڻ سان قول اقرار ڪيل آهن، جن تي مان پاڻ عمل ڪندو آهيان. سو مان اهو چاهيان ٿو ته مون جهڙا ٻيا دوست به اهي سٺا عمل ڪن،تنهن ڪري هي مان اوهان سان سلڻ چاهيان ٿو اميد ٿو ڪريان ته ، هنن مان جيڪي به اوهان کي ڪي چڱيون ۽ عمل جهڙيون لڳن ته انهن تي عمل ڪندا- مهرباني، اوهان جو پنهنجو محمد يوسف جويو. 1. هر ٻار کي عزت ۽ پيار ڏيو 2. پورهيت ٻار کي عزت ڏيو ۽ ان جو حق نه ڦٻايو 3. اوهان سڀ کان پهرين انسان آهيو ۽ پوءِ ڪنهن مذهب ۾ شامل ڪيا ٿا وڃو 4.علم هر انسان لاءِ آهي، علم کي ڦهلائڻ ۾ مدد بنجو نه ڪي رڪاوٽ بڻجو 5. قومون پنهنجي تهذيب، ڪلچر، جاگرافي حدن ۽ ٻوليءَ سان سڃاتيون وينديون آهن، تنهن ڪري هر قوم جي ماڻهن جي عزت ڪريو 6. انسان ٿي سوچيو ۽ انسان ٿي دنيا ۽ رهو 7. پاڻ پڙهو ۽ ٻين کي پڙهڻ ڏيو 8. هر هنڌ قاعدن ۽ قانونن جو احترام ڪريو 9. ڪنهن جي مجبوريءَ مان غلط ۽ ناجائز فائدا نه وٺو 10. ماڻهن لاءِ سک ۽ سولائپ پيدا ڪريو 11. ڌرتيءَ تي ٿا رهو ته ڌرتيءَ جا ٿي رهو 12. دنيا ۾ مختلف ٻوليون، ثقافتون رکندڙ قومون آهن اسان کي هر قوم، ثقافت ۽ ٻوليءَ جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي برابريءَ جو حق ڏيڻ گهرجي 13. ڪتاب پڙهڻ لاءِ آهن تنهن ڪري ڪتاب جي پڙهڻ کان منع نه ڪيو 14. پاڻ محنت ڪريو ۽ ٻين کي محنت ڪرڻ لاءِ همت ۽ ترغيب ڏيو 15. پورهيت ۽ هاريءَ جو قدر ڪريو ۽ انهن جو حق نه ڦٻايو 16. پندڙ/ فقير ٻارن سان پنهنجا رويا محبت ڀريا ۽ شفقت ڀريا رکو 17. يتيمن ۽ بيواهن سان محبت ۽ شفقت سا پيش اچو 18. دنيا ۾ هر ساهدار شيءِ جو قدر ڪريو 19. معصوم ٻارن، پوڙهن ۽ ضعيف ماڻهن تي رحم ڪريو ۽ انهن جي خدمت ۽ خيال ڪريو 20. قدرت جي ڏنل هر نعمت جو جائز استعمال ڪريو 21. عورت جو احترام ۽ قدر ڪريو 22. هر ڪنهن سان خوش اخلاقيءَ سان پيش اچو ته اوهان کي عزت ملي 23. سکڻ ۽ سيکارڻ جو ماحول پيدا ڪريو 24. ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ۽ قدر ڪيو 25. سماج ۾ برابري، رواداري، ذميواري ۽ محبت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪريو 26. اوهان جي ڪاميابيءَ جو راز ان ۾ آهي ته اوهان جو اخلاقي ڪردار تمام سٺو هجي ۽ توهان پنهنجي علم يا علمي شعبي ۾ تمام گهڻو هوشيار هجو 27. هڪ نياڻي جڏهن اڪيلي گهر مان نڪري ٿي ته دنيا کي ڏسڻ لاءِ ان کي ٻه اکيون آهن ۽ جڏهن ته ان نياڻيءَ کي ڏسڻ لاءِ دنيا جي ماڻهن جون هزارين اکيون آهن جيڪي ان کي ڏسن ٿيون ۽ هر ماڻهو جي اک نيڪ نه آهي 28. ماءُ ۽ پيءُ اوهان لاءِ اﷲ تعاليٰ جي طرفان رحم ۽ پيار جا ڇانورا آهن، انهن جو قدر ڪريو 29. معذور ماڻهن کي برابريءَ واري اهميت ۽ حيثيت ڏيو 30. بيوس ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪريو ۽ انهن جا ڀرجهلا ٿيو