تلخ حقيقتون ....فروزه لاشاري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2015۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    تلخ حقيقتن تان پردو کڄي ٿو..........
    پاڪستان جو قيام، سنڌ، مهاجر سياست ۽ ايم ڪيو ايم

    تحرير: فيروزه لاشاري

    ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس تي ڇاپي جتي مونکي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هيو اتي ايم ڪيو ايم جي خود ساخته جلاوطن رهنما ۽ برطانوي شهري الطاف حسين جو ان بيان مونکي ويتر اچرج ۾ وجهي ڇڏيو جنهن ۾ هن چيو هيو ته مطلوب ماڻهن کي نائين زيرو نه اچڻ گهربو هيو، اهي مون جيان ڪٿي به لڪي وڃن ها پر انهن کي سڀ کي مصيبت ۾ نه وجھڻ گهربو هيو. الطاف حسين جو وائڙائپ ۾ ڏنل اهو بيان رينجرز جي ڇاپي جي رد عمل طور سامهون آيو هيو ٿيو ڪجهه هيئنن هيو جو گذريل اربع ڏينهن صبح 5وڳي ڌاري رينجرز جي وڏي نفري عزيز آباد واري علائقي ۾ قائم ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو جو گهيراءُ ڪري سرچ آپريشن ڪيو. آپريشن کان اڳ نان زيرو ڏانهن ايندڙ 21 گهٽين کي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو ان ڇاپي دوران وڏي انگ ۾ پرڏيهي ۽ نيٽو ڪنٽينرز مان چوري ٿيل منع ٿيل بور جا هٿيار هٿ ڪري رابطه ڪاميٽي جي ميمبر عامر خان ۽ 6 خطرناڪ ڏوهارين سميت ٻه درجن کان مٿي خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ڪيل ڏوهارين ۾ صحافي ولي بابر جو قاتل فيصل موٽا،عبيد ڪي ٽو، فرحان شبير عرف ملان، عامر ۽ نادر شامل آهن. ڪارروائي دوران رينجرز اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي اهم اڳواڻن عامر خان،عبدالحسيب، ريحان ظفر ۽ ٻين کان پڇا ڳاڇا پڻ ڪئي ۽ کين پڻ گرفتار ڪري ورتو رينجرزآپريشنجواطلاع ملڻ تي متحده جاڪارڪن وڏي انگ ۾نائين زيروٻاهران گڏٿيويا،جن کي ڇڙوڇڙڪرڻ لاءِرينجرزپاران هوائي فائرنگ ڪئي وئي. گرفتار ڪيل فيصل موٽا کي صحافي ولي بابر قتل ڪيس ۾موت جي سزا۽نادرکي 13 سال قيدجي سزاٻڌايلآهي. ان کان پوءِ پاڪستان رينجرز جي ترجمان جو هڪ بيان سامهون آيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هيو ته ملزم عمير صديقي ايم ڪيو ايم جو ٽارگيٽ ڪلر هيو جنهن 120 ڄڻن جي قتل جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته انيس قائمخاني 2008 ۾ خورشيد ميموريل هال ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو مان ان ٽارگيٽ ڪلرز جي ٽيم جو حصو هوس مون سميت 23 ٽارگيٽ ڪلرز ايم ڪيو ايم جي ڪراچي تنظيمي ڪميٽي جي انچارج حماد صديقي جي حڪم تي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندا هيا سين ۽ اسان عامر خان جي ڀائيٽي سميت ايم ڪيو ايم جي ڪيئي منحرف اڳواڻن کي قتل ڪيو. هن اهو به انڪشاف ڪيو ته بلديه ٽائون جي فيڪٽري کي باهه سيڪٽر انچارج عبدالرحمان عرف ڀولا لڳائي هئي. ان سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اها به خبر پئي آهي ته ڪراچي ۾ اسلحي جي ترسيل ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي ڪجهه حصن مان اسلحو انهن جي فلاحي اداري جي ايمبولنسن ۾ آندو، ورهايو، ويندو آهي ۽ ڪميونٽي پوليسنگ جي قيام جو مقصد اصل ۾ مخبري جي نيٽ ورڪ کي سگهارو بنائڻ هيو. ان سڄي صورتحال ۾ اهو واضع ٿي چڪو آهي ته ٽارگيٽ ڪلرز ڪارروائي ڪرڻ کان پوءِ نامعلوم افراد بڻجي گم ڪيڏانهن ٿي ويندا هيا.هي ته ڪالهه جي ڳالهه آهي ان اڳ ڪراچي ۾ هٿيارن جي ترسيل جو ڪم هڪ تمام وڏي فلاحي اداري جي ايمبولنس سروس ذريعي ڪيو ويندو هيو ان لاءِ اڳ ۾ انهن ان اداري ۾ پنهنجا ڪارڪن ڊرائيور طور ڀرتي ڪرايا هيا. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڳالهه رڳو بلديه ٽائون جي هڪ فيڪٽري کي لڳل باهه تي ختم نه ٿو ٿئي عباس ٽائون وارو سانحو هجي يا ٽمبر مارڪيٽ لڳل باهه هجي يا ڪيميڪل مارڪيٽ وارو واقعو هجي اهي سڀ واقعا اهي آهن جن ڪالهه تمام وڏا سوال ڇڏيا هيا لڳي ٿو ته انهن جي جوابن جي سامهون اچڻ جو ٽائيم اچي ويو آهي.
    نائين زيرو تي ڇاپي کان پوءِ توِڙي جو ملڪ جي سياسي وايو منڊل ۾ تمام وڏو ڀونچال آيل آهي ۽ جنهن رٿابندي سان رينجرز ڪارروائي ڪئي ان لاءِ جنهن انداز ۾ هوم ورڪ ڪيو ويو ۽ ٽائيمنگ مقرر ڪئي ويئي ۽ مذاحمت جي عنصر کي روڪڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي مرتب ڪئي ويئي ۽ ڪنهن وڏي سانحي کي رونما ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو هڪ پروفيشنل انداز هيو اها جوڙيل حڪمت عملي جي ڪاميابي ئي آهي جو ايم ڪيو ايم وٽ فيس سيونگ لاءِ ڪجهه به ناهي بچيو اڄ اهو مطالبو ڪري سگهجي ٿو ته اعترافي بيانن جي روشني ۾ الطاف حسين کي انٽرپول ذريعي پاڪستان آندو وڃي. بلاشبه ايم ڪيو ايم هڪ دهشتگرد تنظيم آهي ان تي پابندي مڙهي ڪراچي واسين کي آزادي سان جيئڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي انهن کي پنهنجي مرضي مطابق ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو حق ڏيئي پنهنجي مرضي جا نمائندا چونڊڻ جو اختيار ڏنو وڃي. مون پنهنجي تحرير جي شروع ۾ حيرت ۽ اچرج جهڙا لفظ استعمال ڪيا هيا اهو ان ڪري جو اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ايم ڪيو ايم بابت اهو سڀ ٻڌي رهيا آهيون، متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ٿيڻ کان اڳ اها ئي اها مهاجر قومي موومينٽ هئي جنهن جي قيادت تي قومي پرچم ساڙڻ سميت بغاوت جا لاتعداد ڪيس داخل ٿيل هيا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته الطاف حسين خلاف مجموعي طور تي قتل جي 31 ڪيسن سميت 72 ڪيس داخل ٿيل آهن ميجر ڪليم ڪيس سميت مختلف ڪيسن ۾ يا ته کيس سزا ٻڌايل آهي يا وري مفرور آهي،1992ع واري فوجي آپريشن دوران وڏي پيماني تي عقوبت خانا هٿ ڪيا ويا هيا، نقشا ۽ ملڪي سلامتي خلاف دستاويز مليا هيا. ايم ڪيو ايم جي عسڪري يا هٿياربند ونگ جي خطرناڪ دهشتگردن جا ان کان به وڌيڪ خطرناڪ بيان سامهون آيا هيا پر اها اسان جي ملڪ جي بدقسمتي آهي جو اتي سڀ ڪجهه سياسي مقصدن ماڻڻ لاءِ ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي اتي هر ڪم نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ فوري ضرورتن کي سامهون رکي ڪيو ويندو آهي جئين طالبان جو وجود ۾ اچڻ ۽ ايم ڪيو ايم جو قيام ۽ خاص طور تي اهڙا عمل غيرجمهوري دور ۾ ئي ڪيا ويندا آهن جنهن جي قيمت نالي ماتر ئي سهي پر جمهوري حڪومتن کي ادا ڪرڻي پوندي آهي نه صرف حڪومتن کي پر ان سان ادارن جي به ساک متاثر ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته هر اقتداري ڌر سياسي ويڙهه سياسي انداز ۾ وڙهڻ بدران ادارن کي استعمال ڪري سياسي مخالفن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو وڃي ٿو وري جڏهن ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته کير کنڊ ٿي وڃن ٿا سرڪاري ادارا رڳو فائل تيار ڪرڻ ۽ ڪيس واپس وٺڻ جي ڪم ۾ لڳل رهن ٿا ته پوءِ اتي ڪهڙي سياست پروان چڙهندي ان جو اندازو هر شعور رکندڙ سياسي ڪارڪن پاڻ لڳائي سگهي ٿو.
    مان تاريخ جي شاگردياڻي آهيان ۽ اڄ مان پنهنجي سياسي وابستگين کي هڪ پاسي رکي تاريخ جي نازڪ ترين معاملن کي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ پنهنجي پڙهندڙن جي آڏو رکي رهي آهيان ايم ڪيو ايم اڄ ڇا آهي يا مهاجر سياست جي اصليت ڇا آهي مان چاهيان ٿي ته ان کي سمجهڻ تمام ضروري آهي اڄ واري معاملي کي سمجهڻ لاءِ ذهن تي زور ڏيڻ بدران ضروري آهي ته اڳ ۾ ماضي ۾ ليئو پائي ڏسون ته فتني ۽ فساد جي هن وڻ جون پاڙون کتل ڇا ۾ آهن. مهاجر صوبه، مهاجرستان، جناح پور ۽ اردو ديس جي نعرن جا خالق ڪير هيا ۽ آهن؟ ”آدها تمهارا آدها همارا“ جو نعرو ڇو هنيو ويو؟ ڀارت، اردو اديب ۽ نام نهاد اردودانشور الڳ صوبي جا خواهشمند ڇو هيا ۽ آهن؟ هانگ ڪانگ پلان ڇا هيو؟ خالق ڏنه هال ۾ ”اب ٽوٽ ڪي رهي گا پاڪستان“ جا نعرا ڇو بلند ٿيا؟ سياست ۾ دهشتگردي ڪيئن ۽ ڇو داخل ٿي ڪنهن شروعات ڪئي؟ ڇا ڪجهه اڳوڻا جنرل به هن سازش جو حصو رهيا آهن؟ جيستائين انهن سوالن جا جواب سامهون نه ٿا اچن تيستائين اڄ جي صورتحال کي سمجهڻ ناممڪن آهي.
    لفظ مهاجر:
    سڀ کان اڳ ۾ اسان لا اهو سمجهڻ تمام ضروري آهي ته لفظ ”مهاجر“ ڇا آهي.Refugee(ريفيوجي) سولي ۽ آسان سنڌي ۾ ان جو ترجمو آهي پناهگير، پناهه وٺندڙ فيروزالالغات اردو ۾ لفظ ”مهاجر“ جي معنيٰ ڪجهه هن ريت ڪئي ويئي آهي (صفحه 21 13 ) م-ها-جِر [صفت] هجرت ڪرڻ وارا، پنهنجي وطن کي ڇڏڻ وارا، اهو شخص جنهن نبي سڳورن سان گڏ مڪي کان مديني هجرت ڪئي (جمع) مهاجرين. وري جيڪڏهنگڏيل قومن ۽ جنيوا ڪانفرنس جي چارٽر کي ڏسون ۽ جيڪڏهن لفظ مهاجر جي تشريح ڪجي ته خبر پوندي ته مهاجر مطلب ڪنهن ملڪ تي ٻي ملڪ جي حملي مذهبي يا لساني بنيادن تي ٿيندڙ وڳوڙن يا ان سان ملندڙ جلندڙ خراب حالتن سبب ان ملڪ جا ماڻهو ڪنهن پاڙيسري ملڪ ۾ سرحد پار ڪري پناهه لا وڃن. مثال طور افغانستان جي لڳاتار خراب حالتن سبب جيئن افغان پناهگيرن اچي پاڪستان ۾ پناهه ورتي هئي. انهن پناهگيرن کي ڪيمپن ۾ ترسايو ويندو ۽ ان ملڪ جون معروضي حالتون جيئن ٺيڪ ٿين ٿيون ته انهن پناهگيرن يعني مهاجرن کي واپس پنهنجي ملڪ ۾ اماڻيو ويندو آهي. اهڙا هزارين مثال موجود آهن. ان پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته مهاجرن کي شهريت ناهي ملندي، انهن کي ووٽ جو حق ۽ ملڪيت جي خريداري جو حق ناهي هوندو. انهن کي پاسپورٽ جاري ناهي ڪبو. جڏهن اسين اهو سڀ سمجهي ويا آهيون ته اسان کي Political Asylum سياسي پناهه ۽ Refugee ۾ فرق سمجهه ۾ اچي ويندو.
    حاصل مطلب:
    ان مان حاصل مطلب اهو ٿيو ته پناهگير، مهاجر يا ريفيوجي ڪا قوم ناهي هوندي. انهن وٽ ڪنهن به ملڪ جي اصلوڪي رهاڪو جيترا حق ناهن هوندا. مٿي بيان ڪيل تشريح سان ته اسان انهن کي مهاجر تسليم ڪيون ٿا. بلڪل ائين جيئن اسان افغان مهاجرن کي پناهه ڏني ۽ انهن کي واپس اماڻيوسين. ڪيڏي حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته حق سڀ اصلوڪن شهرين وارا استعمال ڪن ٿا. شهريت به حاصل ڪن ٿا، چونڊون به وڙهڻ جو به حق حاصل اٿن وزير به ٿيو وڃن ۽ گورنر به ٿيو وڃن، پر اڌ صدي گذرڻ جي باوجود جڏهن ٽئين پيڙهي پروان چڙهي رهي تڏهن به آهن وري به اهي مهاجر.
    هجرت کان هٿيار تائين جو سفر:
    1843ع ۾ جڏهن برطانوي فوج هن خطي کي چڙهائي ڪري فتح ڪيو تڏهن ڪراچي جي شهر جي آبادي صرف 14 هزار نفوس تي ٻڌل هئي، تقريبن 98 سالن تائين پو 1941ع ۾ ٿيندڙ مردم شماري مطابق ڪراچي جي آبادي 386650 ٿي ويئي. ورهاڱي کان پو پاڪستان جي پهرين مردم شماري 1951 ۾ ٿي جنهن جي انگن اکرن مطابق ڪراچي جي آبادي 10,68,590 تي وڃي پهتي مطلب 10 سالن ۾ 176 سيڪڙو واڌارو آيو جنهن جو وڏو ڪارڻ هجرت هو. 1970ع تائين ڪراچي جي آبادي ۾ واڌاري جي شرح 8 سيڪڙو ساليانو رهي ۽ اڄ ڪراچي جي آبادي ٻن ڪروڙن تائين وڃي پهتي آهي، 1947ع جي ورهاڱي کانپو مذهب جي نالي تي ٿيل اها لڏپلاڻ 1940ع جي قرارداد جي بلڪل ابتڙ هئي، 10 لک مهاجرن جو پاڪستان ڏانهن هجرت ڪرڻ ۽ ڪروڙ کان مٿي اردو ڳالهائيندڙ مسلمانن جو ڀارت ۾ ترسي پوڻ پنهنجي جنم ڀومي کي نه ڇڏڻ، پنهنجو پاڻ ۾ خود هڪ سوال آهي ان کان به وڏو سوال اهو آهي ته ڇا هندوستان ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ به پاڻ کي مهاجر سڏرائن ٿا؟ هن ڳالهه کي سولي نموني هينئن سمجهجي ته جن وٽ ججهو مال ۽ ملڪيت هئي انهن پنهنجي جنم ڀومي نه ڇڏي باقي جيڪي ڪنگلا ۽ واندا هئا اهي رلي ڪلهي تي رکي اچي پاڪستان ڀيڙا ٿيا ۽ وڏين ملڪيتن جا ڪليم داخل ڪرايائون ۽ اصلوڪن سنڌي رهاڪن کي پنهنجي جنم ڀومي ڇڏڻ تي مجبور ڪري انهن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيائونگرومندر، رام باغ، هاڻوڪو آرام باغ، صدر، گارڊن، رنڇوڙ لائن، رام سوامي سميت ڪيترن ئي هنڌن تي ٺهيل عمارتون اڄ به اصلوڪن رهاڪن جون منتظر آهن اڄ به انهن عمارتن جي بالڪنين جي ڄارين تي اوم جهڙا هنڌي لفظ اڪريل آهن ته ڪن ماتا ۽ هنومان جون مورتون اڪريل آهن.بدقسمتي سان ورهاڱي کان پو سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ رت جي راند شروع ٿي جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائجن ته خبر پوندي ته سنڌ ۾ دهشگردي جي شروعات 1947ع کان ٿي جڏهن هندوستان کان لڏي آيل مهاجرن سنڌ جي مستقل ۽ اصلوڪن رهواسين کي مذهب جي بنياد تي مارڻ شروع ڪيو. ان کانپو سنڌ ۾ 1972ع ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ واري بل جي بحال ٿيڻ خلاف فساد ڪيا ويا سرڪاري انگ اکر ٻڌائن ٿا ته 7 جولائي کان 7 آگسٽ 1972ع تائين 42 ماڻهن کي ماريو ويو. انهي دوران جڏهن سنڌ جي تعليم کاتي جي ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن علامه دائود پوٽي هڪ سرڪيولر جاري ڪيو ته هندستان کان آيل اردو ڳالهائيندڙ ٻارن لا سنڌي لازمي قرار ڏجي ٿي ۽ سنڌي ٻارن لا اردو پڙهڻ لازمي هوندو. انهن مهاجرن ان جو سخت رد عمل ظاهر ڪيو ۽ حيدرآباد جي هڪ ڪرپٽ ۽ نام نهاد ليڊر حافظ مبارڪ علي شاهه عيدگاهه ميدان حيدرآباد ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو هڪ جلسو ڪوٺايو ان جلسي ۾ هن شر انگيز ۽ چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪئي، چيائين ته هندستان کان آيل ٻار ڪافر راجا ڏاهر جي زبان نه پڙهندا. ان تقرير حيدرآباد کي رت ۾ وهنجاري ڇڏيو.تاريخ جي پنن تي نظر ڊوڙائجي ته خبر پوندي پناهگيرن جي قيادت هميشه اسٽيبلشمينٽ جي حامي رهي آهي ون يونٽ جي تحريڪ خلاف انهن”مهاجر، پنجابي، پٺاڻ متحده محاذ ٺاهيو“ سنڌ ۽ سنڌين کان بلڪل الڳ ٿي بيٺا. ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ واري المناڪ سانحي ۽ سنڌو ديش جي نعري انهن کي هڪ نئين واٽ ڏيکاري ۽ انهن جي ذهن ۾ ٻولي، الڳ سياسي نظريئي ۽ ڌار سڃاڻپ جو جنون چڙهيو ۽ اهي اسٽيبلشمينٽ جي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لڳا. 1977ع ان سال جمهوريت کي ختم ڪرڻ لا 9 ستاري اتحاد جڙيو، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي ايجيٽيشن جو مرڪز بڻايو ويو انهن ان ۾ ڀرپور حصو ورتو. ضيا آمريت خلاف 1983ع کان 1986ع تائين ايم آر ڊي يعني جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جنهن ۾ لاکاٽ، کيسانه موري ۽ دادو سميت سڄي سنڌ ۾ هٿين خالي سنڌين کي جمهوريت پسندي جي سزا ملي رهي هئي، تڏهن مهاجر بلڪل الڳ بيٺل نظر آيا.
    لساني فساد ۽ بشريٰ زيدي ڪيس:
    تاريخ جي ورقن تان جڏهن ڌوڙ هٽائي غور سان ڏسبو ته رت ئي رت نظر ايندو. 1985ع جتي ڪراچي ۾ هڪ شاگردياڻي بشريٰ زيدي جي بس حادثي ۾ موت انهن جي ارادن تان پردا هٽائي ڇڏيا، غور سان انگن اکرن جو جائزو وٺون ته خبر پوندي ته 1980ع کان 1985ع تائين ڪراچي شهر ۾ مني بسن جا 1459 حادثا ٿيا جن ۾ مجموعي طور تي 821 ماڻهو فوت ٿيا. 1985 جا انگ اکر ٻڌائن ٿا ته انهي سال 285 حادثا پيش آيا جن ۾ 216 ماڻهو ماريا ويا ته پو بشريٰ زيدي ڪيس کي بنياد بڻائي ڪراچي ۾ لساني فسادن جو اڻکٽ سلسلو شروع ٿيو. جنهن جا سبب معلوم ڪرڻ لا محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي وفاقي وزارت داخلا جي سيڪريٽري مسعود الزمان جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻو پيو ڪميشن جي رپورٽ اڄ به سرڪاري المارين جي زينت بڻيل آهي.
    سنڌ ۾ نسلي ۽ ٻُولي وارا فساد:
    جيئن ته اڳ ۾ به چئي چڪي آهيان ته امن ۽ ڀائيچاري واري ڌرتي جي مهمان نواز اصلوڪن رهاڪن هجرت جي عمل دوران ئي پنهنجي پٺي تي وار سهڻ شروع ڪيا انهن پهرين دهشتگردي مذهب جي بنياد تي ڪيئي ۽ ڪيترن ئي هندن جي ملڪيتن تي قبضا ڪري انهن کي يا ته قتل ڪيو يا انهن کي پنهنجي ڌرتي ۽ اجها ڇڏي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو. ٻولي وارن فسادن جو به ذڪر ڪري آيا آهيون. 1985ع کان ايم ڪيو ايم جي دهشتگردي جو دور شروع ٿيو جنهن جوعروج 1990 ۾ ڏسڻ آيو جنهن ۾ نه رڳو سنڌين کي ماريو ويو پر ڪيترين ئي سنڌي عورتن کي بي آبرو ڪيو ويو، ٿڻ وڍيا ويا، انهن جي ڇاٿين ۽ سٿرن تي گرم لوهه سان ايم ڪيو ايم جون مهرون هنيون ويون. نوجوانن جا جسم ڊرل مشينن سان پروڻ ڪيا ويا. 1985ع کان 1990ع تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد مان 4 هزار جي لڳ ڀڳ سنڌي ڪٽنب لڏپلاڻ ڪري چڪا هئا، تاريخ ٻڌائي ٿي ته صرف حيدرآباد مان اڍائي هزار سنڌي ڪٽنب گهر گهاٽ ڇڏي ڀڳا. پڪي قلعي کان عامل ڪالوني تائين 63 پاڙن مان هٿيارن جي زور تي گهر خالي ڪرايا ويا. 1972ع کان 1990ع تائين يعني ٻولي وارن فسادن کان وٺي 1990ع تائين سنڌين جا دوڪان ۽ ڪاروبار سراسري طور تي چار ڀيرا سڙيا ۽ ڦريا ويا ۽ 200 سنڌين جو ڪاروبار مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. 1985ع کان 1990ع تائين سنڌ ۾ ٿيل فسادن جو انگ سئو کان مٿي آهي. جن ۾ 25 فساد ايم ڪيو ايم طرفان سنڌين پنجابين ۽ پٺاڻن سان ڪيا ويا. ڊسمبر 1988ع کان وٺي آگسٽ 1990ع تائين ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي سان ٽڪراءُ ۾ اچي 12 خوني فساد ڪرايا جن ۾ 6 اپريل 1989 تي حيدرآباد ۾ 22 ماڻهو ماريا ويا، 7 فيبروري 1990ع تي ڪراچي ۾ ٿيل فساد ۾ 72 ماڻهو ماريا ويا 14 کان 28 مئي 1990ع تائين حيدرآباد ۾ 81 ماڻهو ماريا ويا. ڪراچي ۾ 27 ۽ 28 مئي 1990ع تي 56 ماڻهو قتل ڪيا ويا. 29 مئي کان پهرين جون 1990ع تائين وڌيڪ 116 ماڻهو قتل ڪيا ويا. حيدرآباد انتظاميه جو سرڪاري ريڪارڊ ٻڌائي ٿو، انهي عرصي ۾ ڦرلٽ ۽ نقصان جون 3239 رپورٽس داخل ٿيون جن مان رڳو سٽي ٿاڻي تي 1692 رپورٽس داخل ٿيون. مارڪيٽ ٿاڻي تي 202، لطيف آباد ٿاڻي تي 1340 ۽ ڇانوڻي ٿاڻي تي 73 ايف آئي آرس اخل ٿيون. واضح رهي ته اهي رپورٽس 14 مئي کان 24 مئي 1990ع تائين داخل ٿيون. ڪراچي ۾ پي ايس ايف جي نوجوانن کي هٿ پير ٻڌي زنده ساڙيو ويو. قتل ڪيو ويو ۽ اغوا ڪيو ويو. اغوا ٿيلن کي بعد ۾ ڪور هيڊ ڪوارٽر 5 ڪراچي ۾ واپس ڪيو ويو.8 آگسٽ 1986ع تي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جو پهريون عام جلسو منعقد ٿيو. جنهن ۾ پهريون ڀيرو اسلحي جي ڀرپور نمائش ڪئي ويئي ۽ پنجابين ۽ پٺاڻن خلاف زهر اوڳاڇيو ويو. ايم ڪيو ايم ٻيو جلسو حيدرآباد ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو 31 آڪٽوبر 1986ع تي ڪراچي کان ايم ڪيو ايم جو قافلو حيدرآباد لا روانو ٿيو ۽ ٻنپهرن جو ساڍي ٻارهين وڳي سهراب ڳوٺ وٽ قافلي تي حملو ٿيو جنهن ۾ مهاجر پٺاڻ فساد شروع ٿيا ۽ صرف هڪ ڏينهن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، 16 ڊسمبر 1986ع تي اورنگي جي علائقي علي ڳڙهه ڪالوني ۾ صرف ڪجهه ڪلاڪن ۾ اهڙي ته رت جي هولي کيڏي ويئي جو عورتن ۽ ٻارن سميت 156 ماڻهن کي انتهائي بي دردي ۽ سفاڪي سان قتل ڪيو ويو.
    23 جنوري 1987ع تي الطاف حسين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ٻي ڏينهن ڪراچي جي گهٽين ۾ هينڊبل ورهايا ويا ته ”مهاجرو ٽي وي ۽ وي سي آر وڪڻو- ڪلاشنڪوف خريد ڪيو“ تنهن کانپو ايم ڪيو ايم جو ٽڪراءُ هڪ تنظيم ”پي پي آئي“ پنجابي پختون اتحاد سان ٿيو ۽ ڪراچي لساني فسادن جي ور چڙهي ويو ۽ خرچ پورو ڪرڻ لا ايم ڪيو ايم ڀتو وٺڻ ۽ ڀنگ لا اغوا جو سلسلو شروع ڪيو. ڀتي واري معاملي تي پي پي آئي ۽ پيپلز پارٽي جي ذيلي شاگرد تنظيم پي ايس ايف سان ٽڪرا روز جو معمول هو. پي پي آئي جو واحد رڪن سنڌ اسيمبلي عرفان الله مروت، ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان جو ڄاٽو هو. ايم ڪيو ايم طرفان هٿيارن جي خريد ڪرڻ ۽ ورهائڻ، ٽارچر سيلن جو قيام ۽ نجي جيل قائم ڪرڻ جهڙا عمل زور تي هئا. 7 جولا 1989ع تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پي ايس ايف جي چئن ڪارڪنن کي ايم ڪيو ايم بي دردي سان قتل ڪيو. تنهن کانپو پي ايس ايف سان تعلق رکندڙ مهاجر نوجوانن جي اغوا بعد ٽارچر سيلن ۾ قتل معمول بڻجي ويو ۽ نيٺ انهن فسادن سبب 26 فيبروري 1990ع تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي فارغ ڪيو ويو ۽ آفتاب شعبان ميراڻي نئون وزير اعليٰ بڻيو پر ناني مئي ادي ڄائي واري مثال وانگر حالتون جئين جو تئين رهيون ۽ پي پي حڪومت ختم ٿي نگران حڪومت جڙي ڄام صادق علي منظر عام تي آيو ۽ فوج کي ڪراچي ۾ امن بحال ڪرڻ لا دعوت ڏيڻي پئي ۽ ڪرفيو جا سلسلا شروع ٿيا ۽ ايم ڪيو ايم ۾ بغاوت پئجي ويئي، ڄام صادق جي مهرباني سان ايم ڪيو ايم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي آفاق احمد ۽ عامر خان ايم ڪيو ايم حقيقي جا اڳواڻ بڻجي ويا ۽ الطاف حسين کي ڄام صادق علي لنڊن روانو ڪري ڇڏيو.
    ايم ڪيو ايم جو قيام ۽ ڀارت جو ڪردار:
    جنرل ضيا جيڪو ننڍي کنڊ جي بدترين آمر ۽ ڊڪٽيٽر جي حيثيت ۾ مشهور آهي جنهن نه صرف هڪ چونڊيل ۽ عوام جي محبوب ليڊر جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو پر ذوالفقار علي ڀٽو کي تخت کان تخته دار تائين به پهچايوجيئن ته ايم ڪيو ايم آقائن سان وفاداري جو ڀرپور مظاهرو ڪندي ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جمهوري قوتن جو ساٿ نه ڏنو. ان انعام طور ان وقت جي وڏي وزير ۽ هاڻوڪي مسلم ليگ نواز جي سنڌ جي سربراهه سيد غوث علي شاهه جي ڪردار ۽ سرپرستي ۾ سگهارن ادارن 1986ع ۾ ايم ڪيو ايم ٺاهي.جتي هڪ پاسي غوث علي شاهه بظاهر جماعت اسلامي کي ڪمزور ڪرڻ لا ايم ڪيو ايم کي ٺاهڻ جو دليل پيش ڪندو رهيو. اتي ٻي پاسي سيد غوث علي شاهه ڪجهه سنڌي بيورو ڪريٽس ۽ ويڪائو دانشورن جي ذريعي ايم ڪيو ايم جو منشور به تيار ڪرايو ۽ سنڌ جي قومپرست ڌرين کي اهو باور ڪرايو ويو ته سنڌ مان پنجابين ۽ پٺاڻن کي تڙڻ لا ايم ڪيو ايم کي ٺاهيو ويو آهي توهان پريشان نه ٿيو جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ هئي. اها ايم ڪيو ايم ئي هئي جنهن 1988 کان 1999ع تائين قائم ٿيندڙ جمهوري حڪومتن کي ناڪام ڪرڻ ۽ ڪيرائڻ لا اسٽيبلشمينٽ جو ڀرپور ساٿ ڏنو. جنهن جو مقصد جمهوري قوتن کي ناڪام ۽ ڪرپٽ طور بدنام ڪري دنيا ۾ اهو تاثر پيدا ڪرڻو هيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارا ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ پاڪستان کي هلائڻ ۽ آمريڪي مفادن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لا سگهارين قوتن جو اقتدار ۾ هجڻ ضروري آهي ۽ اهوئي سبب هو جو جڏهن هڪ عجيب ها جيڪنگ ڪيس ۾ نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ته ڪابه عوامي مزاحمت سامهون نه آئي. نتيجي ۾ وري فوجي راڄ قائم ٿيو ۽ جنرل مشرف چيف ايگزيڪيوٽو طور ملڪ جو حڪمران ٿي ويو ۽ انعام طور ايم ڪيو ايم کي به حصو مليو ۽ ايم ڪيو ايم هڪ آمر سان گڏ 11 سال اقتدار ۾ ڀائيوار رهي. مطلب ته 1988ع کان وٺي اڄ تائين ايم ڪيو ايم ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هميشه اقتدار ۾ رهي آهي.جولائي 1997ع ۾ هن مختلف قوتن جي دٻاءُ ۾ اچي پنهنجي پارٽي مهاجر قومي موومينٽ جو نالو متحده قومي موومينٽ رکيو.
    تاريخ جا رت ۾ ٻڏل پنا ٻڌائن ٿا ته 1987ع ۾ سيد غوث علي شاهه جي ئي دور ۾ هڪ ڳجهي رپورٽ تيار ٿي هئي. جنهن جي پڙهڻ کانپو چڱي ريت اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته غوث علي شاهه ته اجايو هن گناهه ۾ پنهنجا هٿ ڪاراڪيا، ايم ڪيو ايم کي ٺاهڻ واريون ته قوتون ئي ٻيون هيون. هن رپورٽ تي ڪافي سارا اعتراض به اٿاريا ويا ته ان رپورٽ ۾ ڪجهه معتبر ماڻهن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ڪجهه به هجي هڪ عام سنڌي ماڻهو کي خبر هجڻ گهرجي ته ان رپورٽ ۾ آخر اهڙو ڇا هو. تنهن ڪري رپورٽ جو ڪجهه متن جيئن جو تيئن بيان ڪجي ٿو جيڪو هن ريت آهي.
    هڪ ڳجهي رپورٽ جو متن:
    الطاف حسين جيڪو 17 آڪٽوبر 1953ع ۾ ڀارت جي شهر آگره ۾ پيدا ٿيو ۽ 1954ع ۾ پنهنجي والدين سان گڏ هجرت ڪري پاڪستان آيو اهو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هيوالطاف حسين جو ڏاڏو رمضان حسين آگره يوپي ۾ مولوي هيو جڏهن ته والد برطانوي انڊيا ۾ اسٽيشن ماسٽر هيو پاڪستان اچي هن ڪراچي جي هڪ ڪارخاني ۾ ڪلرڪ هيو 13 مارچ 1967ع تي هن جو انتقال ٿيو جڏهن ته 5 ڊسمبر 1985ع تي سندس والده خورشيد بيگم به لاڏاڻو ڪري ويئي انهن جي رهائش اڳ ۾ ايبي سينا لائن ۽ پوءِ جهانگير روڊ وٽ سرڪاري ڪوارٽر ۾ هئي. 6 جون 1982ع تي هڪ ڀارتي شهري مولانا امداد صابري ڪراچي آيو رئيس امروهوي جنهن جو تعلق هڪ اخبار سان هيو تنهن ڀارتي مولانا صابري کي پنهنجي گهر رات جي ماني جي دعوت تي گهرايو. جتي ڀارتي قونصلر ايس ڪي ڀاٽيا جنهن جو تعلق ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ RAW سان به هو ڀاٽيا ۽ الطاف حسين جي وچ ۾ ڊگهي ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن لاڳاپن کي وڌائڻ لا رئيس امروهوي جي چوڻ تي الطاف حسين ايس ڪي ڀاٽيا کي اي پي ايم ايس او جي ميٽنگ ۾ گهرايو. اها ميٽنگ جون 1982ع تي نارٿ ناظم آباد جي مدينه هال ۾ ٿي، يعني رئيس امروهوي جي دعوت جي ٺيڪ پنجن ڏينهن کان پو اها ميٽنگ الطاف ۽ ڀاٽيا جي نقطه نظر کان ڪامياب رهي ۽ ڀاٽيا ڏاڍو خوش ٿي ويو ۽ الطاف حسين به ڏاڍو پراُميد ۽ پرجوش هو. APMSO جو بنياد سيد محفوظ الحسن رکيو هو جنهن جي جڳهڪنهن نه ڪنهن بهاني سان الطاف حسين کي ملي ويئي. رئيس امروهوي، سيد محمد تقي، پروفيسر قرار حسين ۽ سبط حسن ان وقت APMSO جا ڪرتا ڌرتا ۽ سرپرست هئا.رئيس امروهوي کي خيال آيو ته ڇو نه APMSO کي جماعت اسلامي جي شاگرد تنظيم اسلامي جمعيت طلبه سان ٽڪرائجي. انهي خيال سان رئيس امروهوي الطاف حسين کي ٻن امير ترين هستين آغا حسن عابدي (بي سي سي آ) ۽ مصطفيٰ گوڪل سان ملايو.
    رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته هڪ سال جي عرصي ۾ APMSO رئيس امروهوي ۽ ڀارتي رهنمائي ۾ کاٻي ڌر جي چڱن خاصن ماڻهن کي پنهنجو هم خيال بڻائي ورتو. اندروني عداوتن ۽ فرقه پرست سياست جلد اي پي ايم ايس او کي تضاد جو شڪار بڻائي ڇڏيو، ناڪامي ۽ دشمنن جي ڊپ کان الطاف حسين 1983ع جي وچ ۾ ملڪ ڇڏي آمريڪا ڀڄي ويو. آمريڪا ۾ الطاف حسين ٽيڪسي ڊرائيور جي روپ ۾ ڦرندو رهيو، جڏهن هو پاڪستان مان پڙهڻ جي بهاني ڀڳو هو. هن اُتي به اردو ڳالهائيندڙن پاڪستاني شهرين سان ويجها لاڳاپا قائم ڪيا ۽ شيعه رهنمائن سان تمام گهڻي ويجهڙائپ حاصل ڪئي. پاڪستان ۾ مارشل لا خلاف وڌندڙ نفرت پاڪستان ۾ موجود تجربه ڪار مهاجرن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته هاڻي الطاف حسين کي واپس گهرائي ايم ڪيو ايم جي خواب کي قابل عمل بڻايو وڃي. جون 1985ع الطاف حسين جي واپسي ۽ جماعت اسلامي ۽ سواد اعظم جي مقابلي جي تنظيم ايم ڪيو ايم جي بنياد رکڻ جو وقت هيو (جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي دعويٰ آهي ته 8 مارچ 1984ع تي ايم ڪيو ايم وجود ۾ اچي چڪي هئي) جيئن ته آمريڪا ۾ قيام دوران الطاف حسين ڀارتي سفارتي عملي سان تمام ويجها لاڳاپا قائم رکيا هئا. الطاف حسين جي وطن واپسي جي ڪجهه ئي مهينن کانپو ڀارتي قونصل جنرل آفتاب سيٺ (جيڪو هندو هيو) رئيس امروهوي ۽ ڊاڪٽر عاليه امام (جيڪي ايم ڪيو ايم جي بانين مان هيا تن جي ذريعي الطاف حسين تفصيلي ملاقات ڪئي. ڀارتي قونصليٽ جي عملدار جي ٽي شرما الطاف حسين جي مان ۾ هڪ دعوت جو اهتمام ڪيو ۽ کليل انداز ۾ ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪئي ۽ مهاجرن جي حقن حاصل ڪرڻ لا ڀرپور امداد جو اعلان ڪيو.
    قابل اعتماد پراڻن سياستدانن ۽ صحافين جو هڪ گروپ جوڙيو ويو جيڪو ايم ڪيو ايم جي طريقه ڪار کي عملي صورت ڏيڻ لا مدد ڪري سگهي. رئيس امروهي، ايم بي نقوي، پروفيسر قرار حسين، ڊاڪٽر عاليه امام، ايس واجد شمس الحسن کي چيو ويو ته اهي هر طرح سان ايم ڪيو ايم جي امداد ڪن. الطاف حسين جي شخصيت کي وڌيڪ اڀارڻ لا ڀارتي لابي بي حساب خرچ ڪري رهي هئي. نفيس صديقي ۽ واحد شمس الحسن الطاف حسين کي قومي ليڊر جي حيثيت ڏيارڻ لا اخباري شهرت ۽ عوامي دعوتن جي اهتمام لا مقرر ڪيو ويو هو. نفيس صديقي کي ان ڪم جي اجرت برطانوي ڪرنسي ۾ ڏني ويئي. جڏهن ته واجد شمس الحسن کي به چڱو خاصو معاوضو ادا ڪيو ويو.
    رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته آغا حسن عابدي ۽ مصطفيٰ گوڪل ٻئي شعيه آهن. انهن جو الطاف حسين جي مالي مدد ڪرڻ جو مقصد جماعت اسلامي ۽ سواد اعظم اهلسنت جي مقبوليت کي گهٽ ڪرڻ هو. ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي تنظيمون سني مهاجرن جي ڀرپور مدد ڪري رهيون هيون ۽ شيعه تنظيم جي خلاف عمل ۾ رڌل هيون جيڪا ايراني انقلاب کانپو تمام گهڻو فعال ٿي چڪي هئي. اهي ٻئي پارٽيون تحريڪ نفاذ فقه جعفريه جي رستي جو ڪنڊو بڻجي چڪيون هيون تحريڪ نفاذ فقه جعفريه جو مالي ضرورتون به آغا حسن عابدي ۽ مصطفيٰ گوڪل پوريون ڪري رهيا هئا. هن پوري عرصي ۾ الطاف حسين مٿي ڄاڻايل شخصيتن سان تعلقات بحال رکيا جنهن لا ان جو مددگار اختر حسين رضوي هو جيڪو ايم ڪيو ايم جو انتهائي چالاڪ ۽ فعال باني ميمبر هو. ان رپورٽ ۾ هانگ پلان تي به روشني وڌي ويئي آهي جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ جي تقسيم هيو.
    سنڌي ٻولي قومي بولي ۽ مهاجر ۽ ڪوٽا سسٽم:
    20 ڊسمبر 1971ع ۾ يعني پاڪستان جي ورهاڱي کانپُو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار سنڀاليو ته ملڪ جون حالتون سياسي معاشي ۽ اقتصادي طور تي انتهائي مخدوش هيون پاڪستان جي وجود تي ورهاڱي جو گهاءُ لڳل هيو 90 هزار فوجي جوان ڀارتي جيلن ۾ قيد هيا مطلب ته پاڪستان کي سنڀالڻ هڪ چئلنج هيو. ذوالفقار علي ڀٽو گهڻي سوچڻ کان پوءِ ممتاز علي ڀٽو کي سنڌ جو گورنر ۽ بعد ۾ وڏو وزير مقرر ڪيو ويو. انهي دوران باضابطه طور تي پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي ۾ هڪ بل پيش ڪيو جنهن جو مقصد سنڌ ۾ اردو زبان جي تعليم سان گڏوگڏ ماضي وانگر سنڌي تعليم کي لازمي ۽ سنڌي زبان کي سنڌ جي سرڪاري زبان قرار ڏيارڻ هو. هن بل جي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندي ئي ڄڻ ته قيامت اچي ويئي. اردو ڳالهائيندڙ اسيمبلي ميمبرن هن بل جي ڀرپور مخالفت ڪندي طوفان برپا ڪري ڇڏيو. هڙتال جو سڏ ڏنو ويو. مختلف علائقن ۾ لساني فساد شروع ٿي ويا ۽ صورتحال ايتري ته خراب ٿي ويئي جو ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪرفيو لڳائڻو پيو، سنڌي مهاجر فسادن جي اها لهر 22 ڏينهن هلي ۽ سنڌين کي مهمان نوازي جي انعام طور لاش ملندا رهيا. ڌرتي ڌڻين لا ڪراچي جي زمين، مورڙي جو ماڳ، مائي ڪلاچي جي شهر جي ڌرتي تنگ ٿيڻ لڳي. جنهن کانپو حڪومت ۽ مهاجر قيادت ۾ مذاڪرات جو عمل شروع ٿيو ۽ ترميمن کانپو سنڌي ٻولي جو بل مجريه 1972ع نافذ ٿي ويو. اتي اهو واضح ڪرڻ ضروري ٿي سمجهان ته ڪوٽا سسٽم جو هن بل سان ڪوبه تعلق ناهي. ڪوٽه سسٽم 1951ع ۾ وفاقي ملازمتن ۾ پٺتي پيل علائقن کي نمائندگي ڏيڻ جي حوالي سان تجويز ڪيو ويو هو. 1956ع جي آئين جي نفاذ سان گڏ اهو طئه ڪيو ويو ته ڪوٽا سسٽم ايندڙ پنڌرنهن سالن تائين برقرار رهندو. اهي پنڌرنهن سال 1971 ۾ پورا ٿيڻا هئا، ون يونٽ جي خاتمي سان گڏ هن ڪوٽا سسٽم کي سنڌ ۾ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ گورنر رحمان گل 1971ع ۾ نافذ ڪيو ۽ سنڌ جي شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن جو صوبائي نوڪرين جو اهڙي طرح ڪوٽا مقرر ڪيو ويو ته شهري يعني ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۾ صوبائي ملازمت لا 40 سيڪڙو ۽ ڳوٺاڻن علائقن لا 60 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته بعد ۾ 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 27 تحت ڪوٽا سسٽم کي برقرار رکيو ويو ۽ چيو ويو ته ڪوٽا سسٽم صرف ڏهن سالن لا هوندو. 1977ع ۾ پي پي جي حڪومت ختم ٿي ويئي. 1981ع ۾ جنرل ضيا هن کي وڌيڪ 10 سالن لا وڌائي ڇڏيو ۽ 1992ع ۾ نواز شريف ڪوٽا سسٽم کي وڌيڪ 20 سالن لا تحفظ فراهم ڪيو.
    اڄ مان پنهنجي پڙهندڙن کي اهو ياد ڏيارڻ ضروري ٿي سمجهان ته ڳالهه رڳو اتي ختم نه ٿي آهي ان سان گڏ هڪ ٻيو قدم به کنيو ويو جنهن مطابق جولا آگسٽ 1972ع ۾ سنڌ جي شهري علائقن ڪراچي حيدرآباد جي مهاجر اڳواڻن اسلام آباد ۾ مذاڪرات کانپو اتفاق را سان هڪ سمجهوتو ڪيو جيڪو لکت ۾ ڪونه هو. جنهن مطابق.
    (1) سنڌ جو وڏو وزير سنڌي ۽ گورنر مهاجر يا غير سنڌي هوندو.
    (2) چيف سيڪريٽري سنڌي ته آءِ جي غير سنڌي هوندو.
    (3) ڪنهن به کاتي جو وزير سنڌي ته سيڪريٽري غير سنڌي هوندو.
    (4) 40 سيڪڙو شهري ۽ 60 سيڪڙو ڳوٺاڻي ڪوٽا تي اتفاق ڪيو ويو.
    (5) سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي زبان پڙهائي ويندي.
    (6) سنڌي زبان سنڌ جي سرڪاري زبان هوندي.
    (7) سنڌي مهاجر فسادن جي متاثرين کي معاوضو ادا ڪيو ويندو.
    ايم ڪيو ايم ۽ بهاري:
    اسين جڏهن ايم ڪيو ايم جي ماضي تي ڳالهه ٿا ڪيون تڏهن اسان لا بهارين جي مسئلي کي سمجهڻ به تمام ضروري آهي ۽ اهو به ڏسڻ گهرجي ته ڪراچي ۾ قائم بهار ڪالوني ڇو قائم ٿي ڪڏهن ٿي ۽ ڪئين ٿي. بنگلاديش ۾ ڦاٿل بهارين واري معاملي ايم ڪيو ايم کي تمام گهڻو سياسي سگهه عطا ڪئي ۽ بهارين جي حمايت ۾ الطاف حسين 14 آگسٽ 1979ع ۾ جيل به ڪاٽي آيو. تاريخ جي پنن تي لکيل آهي ته سنڌين صرف مهاجرن جي آجيان ڪري وسيع القلبي جو مثال قائم ناهي ڪيو پر اسان پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هنيو ۽ ان کان اڳ به اسان اهڙي غلطي ڪري چڪا آهيون. اها ڳالهه 1946ع جي آهي جڏهن هندوستان جي صوبي بهار ۾ هندو مسلم فساد ٿيا رتو ڇاڻ ٿيو تڏهن سنڌ مسلم ليگ جي قيادت بهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جا ٺهرا منظور ڪيا ۽ ڪراچي ۾ ”بهار ڪالوني“ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جتي وڏي تعداد ۾ بهارين کي گهرائي آباد ڪيو ويو. ڳالهه صرف بهار ڪالوني تائين ختم نه ٿي ٿئي.

    بهاري ۽ ذوالفقارعلي ڀٽو:
    سنڌي ٻولي واري بل جي منطوري کان اڳ جيڪڏهن نظر ڍوڙايون ته خبر پوندي ته جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو روس جي دوري تان واپس وريو تڏهن پنج ست هزار مهاجرن جي هڪ ٽولي 70 ڪلفٽن ڪراچي يعني ذوالفقار علي ڀٽو جي رهائشگاهه ٻاهران بنگلاديش ۾ رهجي ويل بهارين جي حق ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، لٺيون وسيون، ڪجهه ماڻهو زخمي ٿيا ۽ نيٺ ڀٽو صاحب انهن جي هڪ وفد سان مليو. جيئن ته ڀٽو صاحب سخت دٻاءُ جو شڪار هو ۽ شايد سنڌ جي ايندڙ وقت تي انهن جي نظر هئي. تنهن صاف لفظن ۾ چئي ڏنو ته ”بهاري نه کپن“ بهارين جي معاملي تي دهلي ۾ پاڪستان ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته اڍائي بهاري پاڪستان ايندا ۽ 45 هزار بنگالي پاڪستان کان بنگلاديش ويندا. بدقسمتي سان بنگالي ته نه ويا پر ڀٽي صاحب جي ئي دور ۾ ٽي لک بهاري ڪراچي پهتا ۽ 1978ع کان 1990ع تائين وڌيڪ پنج لک بهاري ڪراچي آباد ڪيا ويا، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته بهاري سنڌ ۾ لساني ڇڪتاڻ جو اهم سبب بڻيا آهن. بنگلاديش کان آيل اهي بهاري نوجوان مڪتي باهني سان هڪ ڊگهي مسلح جنگ وڙهي آيا هئا انهن وٽ هٿيار ۽ بم هلائڻ جو تجربو هو اهي ڀارتي فوج سان به وڙهي اتي آيا هئا. تنهن ڪري هاڻي ايم ڪيو ايم لا مليٽنيٽ فورس جوڙڻ ڪا وڏي ڳالهه نه رهي هئي. ايم ڪيو ايم ۾ مليٽينسي يعني تخريبڪاري ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو عنصر بهاري آهن.
    سنڌ ۾ بهارين جي آبادڪاري خلاف سنڌ جي قومپرست ڌرين زبردست احتجاج ڪيا. ايستائين جو سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج ٿيا پر ٿيڻو اهوئي هو جيڪو اسٽيبلشمينٽ کي منظور هو، ڇاڪاڻ ته مضبوط ايم ڪيو ايم انهن جي ضرورت هئي ۽ ”را“ ۽ ڀارتي سفارتخاني ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڇاڪاڻ ته بهارين کي ڀارت آڻڻ ڪوڙا ويزا ۽ پاسپورٽ فراهم ڪري پاڪستان آڻڻ لا ايم ڪيو ايم ڀارتي سفارتي تعلقات استعمال ڪيا.
    سنڌ جي ورهاڱي لاءِ مهاجرن جي جدوجهد:
    14آڪٽوبر1989ع 12 ربيع الاول 1410هه مهاجرستان لبريشن آرگنائيزيشن صوبه مهاجرستان، پاڪستان جي چيئرمين جي نالي سان هڪ پمفليٽ ٺاهيو ويو ۽ هن سان گڏ هڪ ميمبر شپ فارم ورهايو ويو جيڪو اڄ به محفوظ آهي. هي 12 نڪاتي پمفليٽ انتهائي شر انگيز هيو. اچو ته ڏسو ته هي آخر اسان سنڌين لا سوچين ڇا ٿا جنهن لا اسان کي ان پمفليٽ جي هر نقطي جو الڳ الڳ جائزو وٺڻو پوندو.
    (1) سنڌي قوم راجا ڏاهر جو اولاد سڏائڻ تي فخر ڪري ٿي.
    (2) هندن وانگر هٿ جوڙي سلام ڪري ٿي.
    (3) هندن وانگر هٿ ۽ پير چمڻ انهن جي تهذيب آهي
    (4) پاڪستان کان اڳ ڀارت جا ماڻهو (يعني مهاجر) سنڌين کي ڌاڙيل، ڦورو، چور ۽ عصمت فروش جي نالن سان سڏيندا هئا.
    (5) پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي اٺ ۽ گڏهه چارڻ وارن جي تهذيب سڏيو هو.
    (6) اردو عظيم زبان آهي جيڪا انسان کي مهذب بڻائي ٿي.
    (7) ڀارت جا مهاجر دانشور چون ٿا ته نانگ وفادار ٿي سگهي ٿو پر سنڌي نه ۽ نه ئي سنڌي مسلمان تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو.
    (8) مهاجرن ۽ سنڌين ۾ فرق: مهاجرن پاڪستان ٺاهڻ لا 20 لک جانيون قربانيون ڪيون، جاگيرون ڇڏي پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ آباد ٿيا. سنڌين کي مهاجرن هندن جي غلامي مان آزاد ڪرايو. مهاجرن جي صدقي حڪومت ڪن ٿا. گاڏين ۽ جهازن تي چڙهن ٿا. 14 آگسٽ 1947ع تي سنڌي ننڊ مان اٿيا ته کين ٺهيل پاڪستان مليو، سنڌين مهاجرن جي صدقي شهر ڏٺا. اٺن ۽ گڏهن تي سفر ڪرڻ مان جان ڇٽن. 95% سنڌي ڌاڙيل هوندا آهن. سنڌ جا اصل باشندا سومرا ۽ ڪلهوڙا هندو آهن جيئي سنڌ ۽ قومي اتحاد وارن جو سنڌ ڌرتي سان ڪوبه تعلق ناهي. سنڌين جا وڏا ڏوهاري هئا.
    مهاجرستان ناگزير آهي
    يا مهاجرستان مقدر آهي
    انهي سان گڏ هڪ نقطي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌي ملڪ دشمن، غدار ۽ ڀارت جا ايجنٽ آهن 96% سنڌي سنڌو ديشي ٿا سڏرائن، مهاجرن جي رت سان هولي کيڏي پئي وڃي. ممتاز ڀٽي، جي ايم سيد سان ڳجهو ٺاهه ڪري 1972ع ۾ لساني فساد ڪرايا، مهاجرن جو قتل عام ڪرايو. سنڌ جي بجيٽ سنڌي ۾ پيش ٿئي ٿي. سنت نبوي تي عمل ڪندڙن کي مڪڙ ۽ پناهگير چون ٿا. قومي جهنڊي کي ساڙڻ ۽ سنڌو ديش ٺاهڻ ۾ 95% سيڪڙو سنڌي يڪرا آهن تنهنڪري مهاجرستان لبريشن آرگنائيزيشن حڪومت کي اپيل ڪري ٿي ته:
    (1) صوبي سنڌ کي ورهائي مهاجرستان جو قائم ٿيڻ عمل ۾ اچي چڪو آهي، ورهاڱي جو باضابطه اعلان ڪيو وڃي.
    (2) بهارين کي بنگلاديش مان گهرائي مهاجرستان ۾ آباد ڪيو وڃي.
    (3) فوج ۾ مهاجرن جي ريجمينٽ ٺاهي وڃي.
    (4) ڪوٽا سسٽم کي ختم ڪيو وڃي.
    (5) کوکرا پار جو رستو جلد کوليو وڃي.
    (6) 30 سيپٽمبر جي واقعي جي جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي.
    (7) صوبي سنڌ ۾ 14 آگسٽ 1947ع کان اڳ جيڪي غير ملڪي ۽ ٻين صوبن کان ايندڙ ماڻهن کي سنڌ مان تڙيو وڃي.
    جيڪڏهن حڪومت 90 ڏينهن ۾ مطالبن تي عمل نه ڪيو ته پو مهاجر عوام اهو سوچڻ تي حق بجانب هوندو ته هو پنهنجي مدد لا ۽ حقن جي بحالي ۽ بقا لا آمريڪا، روس يا ڀارت کان مدد وٺن.
    مهاجرو هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سڀ گڏجي پنهنجي حقن لا جدوجهد ڪيون، مهاجر هئڻ تي فخر ڪيون، جيئي مهاجر، مهاجرستان زنده آباد.ڳالهه صرف هن پمفليٽ تي ختم نه ٿي ٿئي. مهاجر اتحاد تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر سليم حيدر ته ڪتاب تي لکي ڇڏيو ”اب سنڌ تقسيم هونا چاهئي“ سيد فاروق الحسن جيلاني حيدرآباد جو هڪ دقيانوسي سوچ رکندڙ وڪيل صوبه اردو ديس تحريڪ پاڪستان جي نعري هيٺ سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس-41 حيدرآباد مان چونڊ وڙهي چڪو آهي، هن جي نظر ۾ سنڌ صرف جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو آهي، باقي سکر خيرپور، سانگهڙ، نوابشاهه، حيدرآباد، بدين، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڪراچي اردو ديس آهي.
    ان سڄي صورتحال کي سمجهڻ کان پوءِ مونکي الاءِ جي ڇو اهو سڀ سياسي ناٽڪ وانگر لڳي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته قيام کان وٺي هن مهل تائين مختلف قوتن جي لاءِ هي ملڪ ناٽڪ منڊلي ئي بڻيل رهيو آهي ڪنهن کي خبر ناهي ته ايم ڪيو ايم نه رڳو دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن تنظيم هجڻ سان گڏوگڏ بدترين جمهوريت دشمن قوت به آهي جيڪڏهن اهو سڀ ناٽڪ آهي يا سياسي انتقامي ڪاروائي ئي آهي ته ان کي بند ڪيو وڃي پر جيڪڏهن حقيقت ۾ ڪو ادارو مڪمل طور مخلصانا انداز ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي مڪمل طوري تي آزادي ۽ خودمختياري سان ڪم ڪرڻ جو اختيار به هجڻ گهرجي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو