اندر جو احساس خادم گھراڻو موڪل جي ڏينهن جي ڪري ننڍا وڏا سير تفريح ڪرڻ جي لاءِ شهر جي لڳ پارڪ ۾ اچي رهيا هئا پارڪ ۾ هڪ خوبصورت منظر هو ڪٿي ڪجهه دوست گڏجي راند ڪري رهيا هئا ته ڪٿي گيتن جو مقابلو هلي رهيو هئا ٻار پنهنجي دنيا ۾ منگن راند ڪري رهيا هئا .اڪبر به پارڪ ۾ هڪ گلن جي خوبصورت قطار ۾ بيٺو هو جتي مختلف قسمن جا سهڻا گل هئا هيڪي هوا جي جھونڪن تي لڏي نمي رهيا هئا ڄڻ گلن سان گڏ اڪبر جو من به لڏي رهيو هو اڪبر کي گلن سان چاهت هئي اڳ هي هتي نه ايندو پر جڏهن هن جو پٽ گل هن کان جدا ٿيو آهي تڏهن کان هن پارڪ ۾ روز ايندو آهي . هن جو هڪ سهڻو پٽ هو جنهن جو نالو هن گلن جي چاهت جي ڪري گل محمد رکيو هو هڪ ڏينهن ان جي ساهه جي نلي ۾ سوپاري ڦسي پيئي هيءُ شهر جي وڏين اسپتالن تائين پنهنجي گل کي بچائڻ جي لاءِ ڊوڙيو پر هن جو گل ڦوهه جواني جي ٽڙڻ کان اڳ ڪومائجي ويو جنهن کان پوءِ هن جو جيءُ جھري پيو هيءُ دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ اچي گلن وٽ بيهندو هو گلن کي ڏسندو هو ڄڻ گلن کي ڏسڻ سان هن کي سڪون ملي ٿو هيءُ گلن وٽ بيٺو هو سامهون هن کي هڪ پيارو ٻالڪ ڏسي مرڪي رهيو هو هيءُ به هن کي ڏسي مرڪي رهيو هو اوچتو هن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون انهن کي نه ٽوڙيو انهن کي تڪليف ٿيندي ماڻهن جو توجھه هن جي طرف ٿيو هيءُ اکين مان لڙڪ لاڙي زمين تي ويهي رهيو هرڪو هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳو ته هن کي ڇا ٿيو آهي جو رڙيون پيو ڪري . اوچتو هن جي ڪلهن کي هڪ نازڪ نفيس ٻالڪ جي هٿ ڇهيو هن هٿ جو ڇهاءُ محسوس ڪندي نيڻڻ کي مٿي کنيو ته هن ڏٺو اهو ساڳيو ٻالڪ هو جنهن کي ڏسي هيءُ مرڪي رهيو هو ٻار هن کي چيو ته تاتا توان ٿو لوئي لهيا آهيو هن ان ٻار کي جيڪو هن جي لاءِ غير هو ڀاڪرن ۾ ڀري چيو پٽ تون ته اڃا معصو م ڪلي آهي تون اهو درد نه سمجھي سگھندين هن ٻالڪ جا والدين به اتي پهتا جن هن جو ٻار سان پيار ڏٺو هن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن کي به ڏٺو هن جي والدين چيو ته ڪهڙو درد ڪهڙي پيڙاءُ جنهن تنهنجي دل کي غم ۾ گھيريو آهي ان تي هن چيو ته توهان کي جڏهن ڪنڊو لڳندو آهي ته سڄو جسم تڪليف محسوس ڪندو آهي جڏهن وجود جو ڪو حصو الڳ ٿيندو آهي تڏهن انسان تڙپي پوندو جڏهن منهنجو گل مونکان جدا ٿيو هو آئون به پاڻي مان نڪتل مڇي وانگر تڙپيو هوس ان بعد مون محسوس ڪيو ته هيءُ گل انهن ٽارين جو هڪ وجود هڪ حصو آهن جڏهن ڪو گل کي ٽارين کان جدا ڪندو آهي ته گل به دانهون ڪندو هوندو جنهن کي اسان سمجھي نه سگھندا آهيون جڏهن گل ٽارين کان جدا ٿين ٿا انهن ۾ هڪ غم جو وسڪارو ٿئي ٿو اهي غم ڪاڻ جھڪي وڃن ٿيون اداس ٿين ٿيون پر اسان کي انهن جو احساس نه آهي ته انهن ٽارين کي به ڏک ڏولاپ ٿين ٿا جيئن اسان کي ٿيندو آهي اسان جيئن پنهنجن جو احساس ڪريون ٿا تيئن هنن جو به ڪرڻ گھرجي اهو چئي هيءُ اکين مان لڙڪ لاڙيندو پارڪ مان ٻاهر هليو ويو