جديد سنڌي الفابيٽ، ف سان فقير. فقيرن جا گھڻا قسم آهن،حقدار فقير،ديندار فقير،دلدار فقير،درٻاري فقير،پيشه ور فقير،مڇڏو فقير،غنڊه فقير،قومي فقير،بين الاقوامي فقير...وغيره . حقدار فقير ......اڄڪله بلڪل ناپيد آهن جن جي آواز ۾ سوز هوندو هئو.صبح سويري ڌڻيء جي ساراه ڪندي دعائون ڏيندي اٽي جي لپ گھرندا هئا ۽ ان تي راضي هئا وري سڄو ڏينهن نظر نه ايندا هئا.يا وري صبح جو لوڪل ٽرين ۾ شاه سائين جا بيت جھونگاريندا هئا. جلد انهن جي جاء ديندار فقيرن..... والاري جيڪي دين جي نالي تي ريجھائي لوڪکي چريو ڪرڻ لڳا.جمعي جو ڏينهن انهن جو ٽارگيٽ ....”ڀلارو ڏينهن آهي ڏي الله جي ناء تي “ پوء مسجد جي ٻاهران فقيرن جو هجوم ،مسجد جي اندر ملي طرفان چندي جي اپيل،ڪڏهن ميلاد مصطفي نالي تي ڪڏهن امامن جي سبيل جي نالي تي ڪاروبار چمڪايو وتن. دلداري فقيرن ......جو مشاهدو توهان تڏهن ڪندا جڏهن بسن ۾ سفر ڪيو.باگڙين جو عورتون بس ۾ چڙهي اول ڇپيل ڪارڊ ورهائينديون ،پوء ڪا نعت پڙهنديون .آخر ۾ هٿ جوڙي ادائن سان هر مسافر کان ڪارڊ خيرات سميت وٺنديون. نه ڏي ته ٽوڪ ”ميان ڪاٽن جو وڳو پايو وتين 5 روپيه نه ٿو ڏين“ .اهڙي مخلوق اوهان گاڏين وارن کي تريفڪ سگنل تي به نظر ايندي. درٻاري فقير ......اوهان کي هر سرڪاري دفتر جي ٻاهران نظر ايندا جيڪي اوهان جي جائز ڪم تي به ”صاحٻ“ جي نالي خيرات وٺندي بلڪ ڦريندي نظر ايندا.جنهن جو تجربو اوهان مان هر هڪ کي هوندو. پيشه ور فقير....هي اداڪار فنڪار قسم جافقير، مختلف ڪردارن ۾ ڪٿي انڌو ڪٿي منڊو ڪٿي بيماري ۾ مبتلا ٿيل ڪو بيمار جي اداڪري ڪندڙ ٻار ڪڇ تي رکي ،تنگ يا ٻانهن تي زخمن جو ميڪ اپ ٿيل ،ڪٿي طوطا فال ڪڍندي ۽ ڪٿي طاقت جون دوائپن وڪرو ڪندي نظر ايندا.هاڻي ته زالن سميت ٽولا ڪيو گھمندا وتن ،اوهان جي وات مان سنڌي جملو بڌائون ته يڪدم سنڌي ٿيو پون ”سائين اسان خيرپور جا آهيون ڀاڙو ڪونهي جو گھر وڃون“ سرائڪي ٻڌنداته ملتاني ٿيو وڃن،پنجاپي زبان ٻڌندا ته لاهوري ٿيو وڃن. مڇڏو فقير....... نفسيات جا ماهر آهن .هي کاڌي واري هوٽلن ۽ اسپاٽن جي ڀرسان گھمن ٿا.ماني توهان جي سامهون آئي ۽ هي حاضر اک مانيء ۾ خيرات گھرندا ...اسين اڳئي وهمي متان نظر نه لڳي خيرات ڏئي جند ڇڏايون.ٻار گڏ هجن ان لاء ڪاشيء وٺو نظرون ان ۾ مجبورآ خيرات ڏيون. غنده فقير ...هن قسم جا فقير اوهان کي درگاهن ڀرسان ملندا ،،ملنگ قسم جي صورت بنايو خوفناڪ ۽ ڌمڪي واري انداز ۾ خيرات گھرندا ڪمزور عقيده عورتون ۽ مرد ڊڄيو وڃن. جي نه ڏي پٽ پاراتو ” اهو علمدار پڄندء “...منهن پٽي ويندا توبه ڪري جان ڇڏايو.... قومي فقير.........هي وائٽ ڪالر قسم جا قفير آهن جيڪي هر ڳاله تي اوهان کان چندو اوڳاڙيندي نطر ايندا...ڪڏهن تنطيم جي نالي تي ،ڪڏهن مدرسي جي نالي تي ڪڏهن جلسي جلوس جي نالي تي ،ڪڏهن بهبود تي نالي تي،ڪڏهن خيراتي اداري جي نالي تي ،ڪڏهن قوم ۽ زبان جي نالي تي .انهن جو نشانو ڪاروبار ڪندڙ ننڍو وڏو دوڪاندار،ڊاڪٽر،نوڪري پيشه ويندي ريڙهي وارو به شامل آهي .هي سدا بهار فقير سڀ کان وڌيڪ ستابا آهن. باقي رهيو انٽر نيشنل فقير،،،ته سائين منهنجا اسان جي آعلي حاڪمن کان وڌيڪ ڪو ٻيو هوندو..تفصيل ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي .