20مارچ 2015 جمعي جي ڏينهن جيڪو سج گرهڻ ٿي گذريو تنهن بابت برطانيه جي پامسٽر مارڪ بليٽز پيشنگوئي ڪئي آهي ته هي جيڪو سج گرهڻ يورپ جي اڪثر ملڪن ۾ جزوي طور ۽ جڏهن ته برطانيه ۾ 99 سيڪڙو تائين علائقن ۾ ٿيندڙ هن سج گرهڻ جو اثر قيامت خيز ظاهر ٿيڻ جو امڪان آهي. مارڪ بليٽز جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هو اسلام کي تمام تيزي سان وڌندو ڏسي رهيو آهي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته هي سج گرهڻ يهودي ڪيلينڊر جي شروع ۾ لڳو آهي، ان لحاظ کان به خاص اهميت وارو آهي. مارڪ بليٽز جو چوڻ آهي ته هي سج گرهڻ غير يهودي قومن لاءِ قيامت جي نشاني آهي. ان جو چوڻ آهي ته جتي جتي هي سج گرهڻ ٿيو هوندو يعني انگلينڊ ۽ سوئيڊن ۾، اتي اسلام وڌي رهيو آهي ۽ اسرائيل جي خلاف نفرت وڌي رهي آهي. مارڪ بليٽز چيو آهي ته يورپي ماڻهن کي هن سج گرهڻ بابت سوچڻ ۽ غور ويچار ڪرڻ گهرجي.