رَاڻَا ! نَہ ڄَاڻَان، ڪِنءَ وِڏوُڻَين؟ وَلَهَا
اَچِي ڪَاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَرِچِي ڏَي پَاڻَا
مَينڌِرَا ! مَاڻَا، تَورِيَ ڪَندِيَسِ ڪَنِ سِين؟
سُرُ مُومَلَ رَاڻَو
ڪِنءِ = ڪيئن
وِڏوُڻَين = ڪاوڙئين، جوش ۾ آئين، غصي ۾ آئين
وَلَهَا = منهنجا مڙس، ڪانڌ، ڀتار، منهنجا ورَ
ڪَنڌِنِ = ڪنارن، ڪپرن
پَاڻَا = خودبخود، پنهنجو پاڻ
مَينڌِرَا = مينڌرا، راڻا _ راڻو ذات جو مينڌرو هو.
مَاڻَا = انگل آرا، نازانداز، نخرا، ادائون.
بيت جو پس منظر
~ او منهنجا مڙس راڻا ! مون کي خبر ناهي تہ تون ڇو ڪاوڙيو آهين.
~ هن ڪاڪ ڪناري پاڻ ئي اچي پرچ.
~ او مينڌرا ! تو سوا هي انگل ڀلا ڪنهن سان ڪندِيَسِ.
سمجهاڻي
مومل پنهنجي ڀيڻ سومل کي رَاڻَي جا ڪپڙا ۽ پٽڪو ٻڌائي رات جو پاڻ سان گڏ سمهاريندي هئي.پر هاڻي ان سڄي معاملي کان اڻ ڄاڻائي ۽ لاتعلقي ظاهر ڪندي معصوميت سان چئي ٿي :
او راڻا ! منهنجا مڙس، مون کي خبر ناهي تہ تون مون سان آخر ڇو ڪاوڙيو آهين؟
هن ڪاڪ نديءَ جي ڪپ تي اڏيل ڪاڪ محل ۾ اچي پاڻ پرچي، مون کي پنهنجو اڻ ميو پيار، محبتون، خوشيون، راحتون، مسرتون ۽ مرڪون موٽائي ڏي.
او مينڌرا ! توکان سواءِ ڪير آهي ٻيو جنهن سان انگل ڪيان، نازنخرا ڪيان، انداز، ادائون ڪيان ۽ رُسَان ۽ وري پاڻ ئيپرچي پوان.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل