بادشاهي مسجد ٺٽو...سنڌ

'تعارف' فورم ۾ Shabir Ahmed Qureshi طرفان آندل موضوعَ ‏22 مارچ 2015۔

  1. Shabir Ahmed Qureshi

    Shabir Ahmed Qureshi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    25
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بادشاهي مسجد ٺٽه...
    بادشاهي مسجد ٺٽه جي شاندار تعميرات مغل بادشاه شاهجهان سنڌ جي رهاڪن کي سندن مهمان نوازي جي موٽ ۾ تحفي طور ٺهرائي ڏني.هن عمارت جي تعمير سن 1644 ۾ شروع ٿي سن 1647 ۾ جڙي راس ٿي البته فرشبندي ۽ ٽائيلس لڳائڻ جو ڪم 11 سالن تائين جاري رهيو.سرون ۽ نفيس جنڊي واريون ٽائيلس هالا،ملتان ۽ سيوهڻ مان گھرايون ويون بنياد جبلن جي پٿر سان 15 فوٽ اونهائي ۾ ڀريا ويا.ان وقت تعمير تي ڪل خرچ 9 لک شاهجھاني سڪا آيو جيڪو اڄ ڪله جي سڪي ۾ ڪروڙين روپيه بڻجي ٿو.هن مسجد جو صحن ڪشادو ۽ هوادار آهي اتي وضو لاء ٻه ڪشاده حوض تعمير ٿيل آهن .مسجد جا 94 ٿنڀا آهن ۽ 100 گنبذ آهن جن مان 6 وڏا باقي 94 ننڍا گنبذ آعلي تعمير جو ثبوت آهن.گنبذ اهڙي ڪاريگري سان ٺهيل آهن جو امام يا خطيب مکيه ممبر تي يا مصلي تي بيهي خطاب ڪري ٿو ته سڄي مسجد ۾ سندس آواز ۽ ان جو پڙلاء هر نمازي ڪنهن به اسپيڪر کان سواء آساني سان ٻڌي ٿو. هي مسجد وقت سان گڏ قدرتي نباهي جو شڪار بڻي پر انگريز دور حڪومت ۾ سن 1855 ۾ سر بارٽلفريڊي هن جي مالڪي ڪئي 20 هزار فند گڏ ڪري مرمت جو ڪم ڪرايو .سنڌ جي حڪمرانن به مختلف وقتن تي مسجد جي مرمت جو ڪم هلايو. هن وقت مسجد ۾ نماز ادا ڪئي وڃي ٿي هڪ ئي وقت 20 هزار نمازي فرض ادائي ڪري سگھن ٿا.ٺٽي شهر ۾
    اڄ ڪله عبادت سان گڏ هي عمارت سياحت جو مرڪز پڻ آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو