ڪاش اسان وٽ به ايئن هجي ها !

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2015۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    السلام عليڪم دوستو مونکي هتي قطر اريبين گلف ۾ 14 سال ٿيا آهن مگر انهن 14 سالن ۾ بجلي رڳو 4 دفعا هڪ هڪ ڪلاڪ لاءَ بند ٿي آ ۽ انجي لاءِ به هفتو پهريان هر گهر جي دروازي تي هڪ نوٽيس اسٽيڪر هڻي ٻڌايو ويندو آهي ته بجلي فلاڻي تاريخ هڪ ڪلاڪ لاءَ بند ڪئي ويندي اهو ان لاءِ ته گرڊ اسٽيشنن ۾ موجود مشينين جي صفائي ڪئي ويندي آهي ، تازو ٽيون ڏينهن سڄو ڏينهن مسلسل بارش جي با وجود هڪ منٽ به بجلي ڪونه وئي ۽ ٻيو ته وري هتي سڄي ملڪ ۾ بيشمار ايئر ڪنڊيشنن جي باوجود ڪڏهن به ڪٿي به ڪو به اسٽيبلائيزر ڪونه ڏٺو آهي ! ڇو ته هتي بجلي گهٽ وڌ ٿيندي ئي ڪانهي ، جنهنجي ڪري ڪوبه نقصان نه ٿيندو آهي ، اسانوٽ پاڪستان ۾ بجلي جي جهٽڪن ۾ ڪڏهن پاڻي جو موٽر خراب ته ڪڏهن اي سي خراب ڪڏهن فرج خراب ڪڏهن پکا سڙيو وڃن ! هي ملڪ گلف جو ٻيون نمبر ننڍو ملڪ آهي هتان جي موجوده حڪمران جو نالو تميم بن حمد آهي ، هتان جي آدمشماري هن وقت 22 لک آهي جن مان 12 لک ٻاهريان مختلف ملڪن جا ماڻهون آهن ۽ 10 لک هي پاڻ قطري آهن ، ايراضي جي لحاظ کان اتر کان ڏکڻ تائين ٻه سئو ڪلوميٽر ۽ وري اولھ کان اوڀر تائين ٻه سئو ڪلوميٽر سڄو ملڪ آهي ، هي هڪ جزيرو آهي ۽ اسانجي پاڪستان جي ڪنهن به هڪ ضلعي کان به ننڍو آهي ، هتان باءِ روڊ ڪنهن به عربي ملڪ ۾ وڃي سگهجي ٿو ، هتي ڪنهن به بيمار ماڻهون کي ڪابه اچانڪ تڪليف ٿي پئي ته هو فري چارجز ۾ ايمرجنسي سينٽر تي ڪال ڪري ڪجھ منٽن ۾ ايمبولينس گهرائي سگهي ٿو ، اگر ڪنهنجو گٽر خراب ٿي پئي ته ڪال ڪري بغير پئسن جي پنهنجو گٽر صاف ڪرائي سگهي ٿو ، اگر ڪنهنجي گهر ۾ ڪاڪروچ ، لال بيگ يا ڪنهن به قسم جا جيت آهن ته هو فري ۾ پنهنجي گهر ۾ اسپري ڪرائي سگهي ٿو ، هتي صفائي جو به تمام بهترين نظام آهي ڪٿي به گند ڪچرو نظر ڪونه ايندو ڀلي توهان جهنگ ۾ هليا وڃو ته گندگي نظر ڪانه ايندي ، مسجدون تمام گهڻي تعداد ۾ آهن هر محلي ۾ 5 يا 6 مسجدون آهن ئي آهن جتي نماز پڙهائڻ ۽ آذان ڏيڻ واري کي حڪومت طرفان اجرت ملندي آهي ، هتي گيس ۽ پيٽرول کان علاوه ٻي ڪا خاص انڪم ڪونهي قدرتي وسيلن جي انڪم مان سالانه هر شهري کي حصو ملندو آهي ، ٿوري گهڻي سبزي شوقيه طور تي عرب پوکرائيندا آهن يا کجور جا وڻ آهن باقي ضرورت جي هر شيءِ ٻاهرين ملڪن مان ايندي آهي ، سال 2013 يا 2014 ۾ هتان جو عوام پوري دنيا جي عوام مان امير ترين عوام ۾ پهرين نمبر تي آيو هيو ، هتان جي حڪومت يا پوليس عوام جا خادم آهن ، اخلاقي حوالي کان به ڪويتين يا بحرينين کان هتان جا عرب سٺا آهن ، مهمان نواز پڻ آهن تعليمي حوالي کان سعودي ڪويت يا بحرين عمان کان وڌيڪ ترقي يافته آهن ، هتي ڪافي سعودي ۽ عماني عرب پڻ ملازمت ڪندا آهن ، ڪاش اسانوٽ به ايئن هجي ها اسانجي ملڪ ۾ قدرتي وسيلا هنن کان گهڻا آهن ، اسانوٽ هر قسم جو تازو فروٽ ، ڊراءِ فروٽ ، هر قسم جي سبزي ، چانور ، ڪڻڪ ، ڪمند ، پئٽرول ، گيس ، سون ، ڪوئلو مطلب ته سمورا قدرتي وسيلا آهن مگر انھ جي باوجود بک ۽ بد حالي ، بيروزگاري ۽ نا اهلي اسانجو مقدر بڻجي چڪي آهي !
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سسٽم، سچائي، ايمانداري ۽ ملڪ سان وفاداري هجي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ سگهي ٿو. ڪاش اسان وٽ به ايئن هجي .... پر هاڻ ته سنڌ جا معدني وسيلائي اسان جا ناهن، اهي وفاق جي ملڪيت آهن ..... ٻٽا نظام آهن ..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ها يار سليمان وساڻ بس سچائي ڪونهي ، رڳو ڪھ ڪهان لڳي پئي آ ، جنهن کي جتي لڳي ٿو گهٽ ڪير ڪو نٿو ڪري ، شل مالڪ پنهنجي ٻاجھ ڪري
     
  4. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    سائين بهترين خدا ڪري اسان جا حڪمران به جيڪر وطن سان سچا ٿين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو