راشد مورائي جي قلمي جدوجهد گل مورو جڏهن قومون غلاميءَ جي آڙاهه ۾ قيد بڻجي بي وس ۽ لاچار بڻجي وينديون آهن ته اتي وطن پرست ۽ انقلابي شاعر ئي پنهنجي قومي وجود کي بچائڻ جي جنگ، گيتن و سيلي وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري پوندا آهن. اهي بغاوت جا جھر جھنگ گيت غلام ماڻهن کي نئين واٽ، آجپي جي جو دڳ، ۽ جياپي جو درس ڏيڻ سان گڏ کين ايترو ته اتساهه ڏيندا آهن جو انهن گيتن وسيلي هر گهٽي هر گهآٽ تي منصوري آواز اڀري پوندا آهن، پوءِ اهو پبلو نرڌا هجي، يا شيخ اياز يا وري بنگال جو رابندر ناٿ ٽئگور شاعر هجي، انهن جي گيت، پنهنجي پنهنجي وطن جي ستل ماڻهن کي جاڳائڻ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو اڄ به تاريخ جي سونهري ورقن ۾ موجود آهي، اهڙو ئي ديس جو درد کڻي سنت جو عظيم انقلابي شاعر راشد مورائي به ون يونٽ واري ڏهاڙن ۾ جڏهن سنڌي قوم مٿان زندگي ۽ موت جي تلوار لٽڪي رهي هئي، انهن ڏينهن ۾ هن جي اندر مان به آزاديءَ جو آواز ايترو ته زور دار نموني سان گونجڻ لڳو، جو سنڌ جي وستي واهڻ ۾ راشد مورائي جي گيتن جي گونج هئي ته: بيمار قوم جي لئه راشد حڪيم گهرجي، بڻجي پئي مسيحا، جيءَ ۾ جيار ماڻهو. راشد پنهنجي شاعري ويل بيمار قوم جي دردن جي دوا ڏيڻ لاءِ هميشه هڪ اهڙي حڪيم جي تلاش ۾ هيو، جيڪو ستل قوم کي جاڳائي، دردن جو درمان ڏئي، پست سنڌوءَ جون سُرڪيون پياري، جھڙيل جيءَ کي جياري، پنهنجي وطن جي آجپي جي ڳالهه ڪري، ديس جي درد وندي جي نظر ۾ سنڌ قوم جو طبيب صوفي شاهه عنايت شهيد جو فڪر هيو، انهيءَ تصوف واري فڪر ۾ کين شاهه لطيف جي شاعري ۽ ان جون وايون، سُتل قوم لاءِ، سُتيءَ مثل هيون، اهو پيغام نصيت وارو آفاقي فڪر کيس سن جي سيد سائين جي ايم سيد فڪري پرچار مان نصيب ٿيو، جڏهن کان هي درد وندن جي ديس جي سڌ پئي ته پاڻ رابندرناٿ ٽئگور جيان سنڌي قوم کي غلاميءَ مان ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ، عملي ميدان ۾ گيتن جي گونج ڪري نڪري پيو. هن کي زندگي ۾ جڏهن ضمير چهندڙيون هنيون ۽ ضمير کيس سمھڻ نه ڏنو ته چوڻ لڳو: جڏهن به سوچيم ته آئون ڇو ڪيان ۽ ڇا ڪيان جي قوم آهه ننڊ ۾ ته مان به ڇو جفا ڪيان، چيم ته ڪنڊ ۾ رهي رڳو خدا خدا ڪيان. ته ذهن ۾ سُيون لڳيون، ضمير چهنڊڙيون هنيون. اها سوچ ۽ لوچ راشد جي ذهن ۾ اثر انداز رهي، جنهن جي ڪري شاعري ۾ احساسن ۽ جذبن کي جاءِ ڏني، هر گيت ۾ زنجيرن کي توڙڻ جو درس ڏنو ته سواءِ آزاد ذهنن جي سنڌي قوم جي نٿي سگهي، ان لاءِ هاڻ سوچڻ ۽ سمجھڻ ضروري آهي، ائين نه ٿئي جو هڪڙي قيد مان نڪري وري ڪنهن ٻئي قيد جي حوالي ٿي وڃون، هاڻي جھر جھنگ ۾ روشنيون اڀارڻ جو وقت اچي ويو آهي، ته زندگيون اسري پون، ماڻهو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي جنت جهڙي زندگي گهارين، تڏهن ئي سنڌ وطن جا ڳوٺ سڌري پوندا، ماڻهن جو سڪون واپس ايندو. ان لاءِ شاهه لطيف جي فڪر جيان محبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌ جي هيڪڙو واري واٽ وٺڻي پوندي، انهيءَ فڪر ۾ راشد مورائي به پنهنجي شاعريءَ ۾ محبت ڀريو پيغام ڏنو ته: محبت ۾ سڀ ڪجهه لٽائي به ڄاڻون، ۽ ڪلفت ۾ سينو ساهي به ڄاڻون، مخالف اسان جي اها ساک ڏيندا، ته لائي لڳائي نباهي به ڄاڻون (راشد) سو راشد مورائي پنهنجي وطن جي ماڻهن سان جيڪو ناتو لاتو هو، اهو هن آخري گهڙين تائين نڀائڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي. سندس اوطاق فڪري درسگاهه بڻيل رهي هرننڍي وڏي کي سيد جي فڪري واٽ جو درس ڏيندو رهيو، جڏهن پاڻ بيماري جي بستري تي راجپوتانا اسپتال ۾ داخل هيو ۽ موت تارو ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هو، زندگي جي ڏيئي اجھامڻ کان چند گهڙيون اڳي کيس خبر پئي ته سيد جو عاشق شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي ديس جي دشمنن شهيد ڪري ڇڏيو آهي ته پاڻ لڙڪ لاڙيندي چوڻ لڳو ته: ڀاڳ وارن جا ٿين ٿا يادگار، زندگي ۽ موت ٻئي شاندار. هوسڙيا سنڌ جي سلسلي ۾ هيا، راشد، ائين چئي پاڻ شهيدن کي ماريندي اسان ڌرتي ڌڻين کان 24 مارچ اڄوڪي ڏينهن تي وڇڙي ويو. عوامي آواز جي ٿورن سان ___