ڪتاب پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جي عادت پيدا ڪرڻ جي ضرورت

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2015۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    مطالعو هڪ عادت هوندي آهي ۽ هي عادت به ٻين عادتن جيان پاڻ ۾ باقائده وجهڻي پوندي آهي. اسان جيسيتائين ڪتاب کي پنهنجي روزمره جي مصروفيتن جو حصو نه ٿا بنايون ، تيسيتائين ڪتاب اسان جي عادت بڻجي نه سگهندا. يورپ جا ماڻهو ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ کان پهرين ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهندا آهن. هو ٻارڙن کي ٻين سير وتفريح جي جاين تي گھمائڻ سان گڏوگڏ ڪتاب وڪرو ڪندڙ دڪانن ۽ ڪتابي ميلن تي پڻ وٺي ويندا آهن. کين ڪتب خانن ۾ وٺي ويندا آهن. اُتان ڪتاب حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار سمجهائيندا آهن. پنهنجي ٻارڙن کي گهران نڪرندي وقت ڪتاب گڏ کڻڻ جي عادت وجهندا آهن. توهان اگر ڪڏهن يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃو ته توهان کي ماڻهو ريل گاڏين، بسن، بس اسٽاپن ۽ پارڪن ۾ پڙهندي نظر ايندا. توهان کي هر شخص جي هٿن ۾ اخبار يا ڪتاب نظر ايندو. کيس جتي به جاءِ ملي، اُتي ويهي پڙهڻ شروع ڪندو. هڪ رپورٽ مطابق يورپ ۽ آمريڪا ۾ ڪتابن جو پهريون ڇاپو ڏهه ڏهه لک هوندو آهي. بعد ۾ اُنهن جي اشاعت ڪروڙن تائين پهچندي آهي اسان مان هر اُن ماڻهو کي مهيني ۾ ٽي ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجن جيڪو پرائمري پڙهيل آهي. جيڪو انگ ۽ اکر پڙهي سگهي ٿو.

    انگريزي جي شد مد کان واقف ماڻهوءَ کي به ٻين ٻولين سان گڏو گڏ انگريزي ٻوليءَ ۾ به ڪتاب خريد ڪرڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته جهڙيءَ طرح اسان هر هفتي يا هر مهيني گهر جو سودو وٺندا آهيون اهڙي طرح ڪتابن جي دڪانن تي به وڃي ڪتاب خريد ڪيون. اسان بازار مان جوتا خريد ڪندا آهيون ته اُنهن کي فقط توهان پاڻ استعمال ڪري سگهندا آهيون پر خريد ڪيل ڪتاب هر ڪو پڙهي سگهندو. اسان جا ڪپڙا ۽ جُوتا پراڻا ٿي ويندا پر ڪتاب ڪڏهن به پراڻو نه ٿيندو. ڪتاب تمام عمر جا ساٿي آهن.

    اسان کي گهرن ۽ دفترن ۾ ننڍا ننڍا ڪتب خانا به قائم ڪرڻ گهرجن. اگر گهر ۾ ڪو الڳ ڪمرو ناهي ته ڪنهن ڪمري جي دريءَ تي ڪتاب رکي اُن کي به ننڍڙي لائبرري بڻائي سگهجي ٿو. ڪمري جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ميز ۽ ڪُرسي رکي اُن جاءِ کي به لائبرري ڊڪليئر ڪري سگهجي ٿو.

    گل حسن لاکو شهدادپور

    هي خط ”روزاني سنڌ ايڪسپريس“ تاريخ 23 مارچ 2015 تي شايع ٿيو.

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بلڪل صحيح ادا ، سٺا ڪتاب ئي اسانجا بهترين دوست آهن
     
  3. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    سائين زبردست ۽ بهترين ڳالهه آهي افسوس آهي جو اسان سڄو ڏينهن وانڌا ته ويهنداسين پر مجال جو ڪو ڪتاب کڻي پڙهون ڪتاب پڙهڻ جا ڪيترائي فائدا آهن هڪ اهو ته اسان ٻين جي عقل ڏاهپ تجربن ۽ علم مان فائدو حاصل ڪري رهيا اهيون سائين علم اهڙي شي آهي جيڪڏهن ڪتي کي به پڙهايووڃي ته ان جي به قيمت وڌي ٿي وڃي انهي ڪري شريعت به پڙهايل ڪتن جي واپار کي جايز قرار ڏنو آهي ۽........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو