ڪتاب ۽ نصابي ڪتاب جي اهميت ڪتاب بني نوع آدم جي حياتيءَ مان الڳ ٿي نه ٿو سگهي ۽ اهو به ناممڪن آهي ته انسان هن ڪائنات ۾ ڪو ڪتاب کان سواءِ ڪي ڪاميابيون ماڻي سگهي ٿو. هن ڪائنات جي شروعات. ئي ڪتاب کان ٿئي ٿي ۽ اختتام به ڪتاب تي ئي ٿئي ٿو. ڪتاب اسان وٽ ڪيتري اهميت رکي ٿو ان جو اندازو ان مان لڳائي ٿو سگهجي ته، جيڪڏهن ڪي به شيون، تاريخ، ڪهاڻيون، قصا، ڳالهيون، شعر و شاعري، يا خطبا اسان وٽ لکيل صورت ۾ نه هجن ها ته هوند اسان ماضيءَ کان بلڪل اڻ واقف هجون ها، ۽ نه وري اسان کي پنهنجن وڏن جي ڳالهين، قصن، ڪهاڻين ۽ تاريخي واقعن يا حقيقتن جي ڄاڻ بلڪل نه پوي ها. هيئر اسان جڏهن اهي ڪتاب پڙهون ٿا ته ڄڻ اسان پنهنجي وڏن بزرگن سان ڳالهايون پيا ڄڻ ان زماني ۾ رهي ڪري اتان جي معلومات حاصل ڪري رهيا هجون. مثال طور: اسان جڏهن قرآن پڙهون ٿا، ته ڄڻ اسان اﷲ سائين سان ڳالهائي رهيا آهيو ۽ اﷲ سائين اسان جي پنهنجي زندگيءَ کي نيڪ بنائڻ جي لاءِ گس ڏسي ۽ ٻڌائي رهيو آهي، هدايت جا حڪم ڏئي رهيو آهي. ۽ جي وري حديث جا ڪتاب ٿا پڙهون تڏهن به ڄڻ حضرت محمد صلم جي محفل ۾ ويٺا هجون ۽ ان محترم۽ اعليٰ هستيءَ کان دين جو فلسفو ٻڌي ۽ سمجهي رهيا هجون يا ان سان اسان ڪچهري ڪري رهيا هجون. اهڙيءَ طرح اسان جڏهن پنهنجي مٺڙي سنڌ وطن جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي ٿا پڙهون تڏهن ڄڻ لطيف سرڪار اسان کي پنهنجي سنڌ جون ڳالهيون ٻڌائي رهيو آهي ۽ اسان سان هو ڪچهري ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجا آيتن نمان بيت ٻڌائي رهيو آهي. اهڙيءَ طرح اسان مختلف ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪي خبرون، قصا، واقعا ۽ ڪهاڻيون پڙهون ٿا ته ڄڻ انهن جي لکندڙن جي معرفت اسان ان وقت جي حالتن کان واقف ٿي رهيا هجون ۽ انهن ليکڪن سان اهڙيون ڪچهريون ڪندي يا انهن سان ڳالهائيندي اهو سڀ ڪجهه ٻڌي رهيا هجون ، اسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ۽ سمجهي رهيا هجون. ڪتاب اهڙن احوالن ۽ علمن سان ڀريل هوندا آهن، جن جي پڙهڻ يا انهن کي سمجهڻ سان ئي هن ڪائنات جو ڪاروهنوار سٺو ۽ خاص ترتيب سان هلي رهيو آهي، معنيٰ ته ڪتاب جي اهميت سڀ کان مٿانهين ۽ اوچي آهي. ڪتاب (علم) جي ذريعي ئي انسان جي اهميت وڌي ۽ گهٽجي ٿي، جيڪڏهن ڪتاب اسان جي زندگيءَ ۾ نه هجي ته هوند اسان جانور کان به بدتر هجون. پر مان سمجهان ٿو ته هيءَ ڪائنات ڪتاب جي ئي ذريعي وجود ۾ آئي آهي. ڪتاب نه هجي ها ته هن ڪائنات جو وجود نه هجي ها. ڪتاب پوءِ ڀلي اهو مذهبي هجي يا ڪنهن ڪاروبار متعلق هجي، ڪنهن سائنسي ايجاد جي متعلق هجي، تاريخ، ادب، شاعري يا اسڪول جي ڪنهن ڪورس جو ڪتاب هجي. پر ان جي اهميت اسان جي حقيقي زندگيءَ ۾ تمام تمام وڏي حيثيت جي حامل رهي آهي. ماضيءَ کان وٺي ڪتابن جون مختلف شڪليون رهيون آهن، اهي لوح محفوظ کان وٺي مٽيءَ جي تختين تائين، چمڙي جي کلن کان وٺي اڄ جي ڪاغذ جي بائينڊ ٿيل ڪتاب تائين، هميشه اسان جي زندگيءَ ۾ ڪتاب انقلاب آندا آهن ۽ وڏيون وڏيون تبديليون آنديون آهن. ڪتاب جي ذريعي انسان پاڻ کي سنواريو ۽ سڌاريو آهي، قومن ترقي ڪئي آهي، غلام قومن آزادي ماڻي آهي ۽ سائنس جي ايجادن ترقي ڪئي آهي. جئين اڄ جي نئين دور ۾ سائنس جي ايجاد ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جون سهولتون گهر گهر ۾ موجود آهن، تڏهن اتي ڪتاب جي اهميت تهائين وڌي وڃي ٿي، ڇو ته انهن سهولتن مان اسان تڏهن فائدو وٺي سگهنداسين جڏهن اسان ڪتاب پڙهنداسين يا ڪتاب اسان جي هٿ ۾ هوندو. لازمي آهي ته اهو ڪتاب اسان کي پرائمري ڪلاس کان وٺي سڄي حياتي پڙهڻو پوي ٿو ۽ اهو پڙهڻ ئي اسان کي ترقيءَ ۽ آزاديءَ جي اوچاين تائين پهچائي ٿو. مطلب ته ڪتاب ڀلي اهو اسڪول جي پرائمري ڪلاس جو هجي يا ڪنهن اعليٰ يونيورسٽيءَ جي ڪنهن اعليٰ ڪورس جو هجي ان جو تسلسل هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهي ٿو ۽ اسان جي زندگيءَ ۾ ان جي هميشه ضرورت رهي ٿي. نصابي ڪتاب جي اهميت :اسان جيڪو ڪجهه سکون ٿا اهو سڀ کان پهرين پنهنجي ماءُ جي جهوليءَ مان، ماءُ جي ٻوليءَ سان، سکڻ شروع ڪريون ٿا. يعني اسان لاءِ نه پر هر انسان جي لاءِ ڪتاب جي حيثيت پنهنجي ماءُ جي جهولي ۽ ماءُ جي مٺڙي ٻولي ئي آهي، دنيا جي ڪا به طاقت ان حقيقت کان انڪار نه ٿي ڪري سگهي. ان مان اهو ثابت ٿيو ته جيڪا شيءِ اسان کي ماءُ جي ٻوليءَ ذريعي سمجهه ۾ ايندي سا اسان کي ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ مڪمل ۽ چڱيءَ طرح چٽائيءَ سان سمجهه ۾ نه ايندي، مطلب ته سکڻ ۾ وڏين مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو. يعني ماءُ جي ٻولي ۽ ماءُ جي جهولي هن ڪائنات ۾ سڀ کان وڏي اهميت رکي ٿي. اسان جي پرائمري اسڪولن بلڪ دنيا ڀر جي ملڪن جي پرائيمري اسڪولن ۾ جيڪابه تعليم ڏني ٿي وڃي سا پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ (مادري ٻولي) ۾ ئي ڏني وڃي ٿي. ان جو هڪ مثال هي به آهي ته هڪ ننڍڙو ٻار جڏهن پهرين ڪلاس ۾ داخل ٿئي ٿو،تڏهن هو پنهنجي ماءُ جي جهوليءَ مان مادري ٻوليءَ جا 5000 لفظ پنهنجي ياداشت ۾ کڻي اچي ڪلاس ۾ داخل ٿئي ٿو. اهي 5000 لفظ ان کي سڄي زندگي جي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ چوڌارين گهمن ۽ ڦرن ٿا، ڪم/استعمال ۾ اچن ٿا. ڀلي اهو ٻار وڏو ٿي ڪري ٻيون کوڙ ساريون ٻوليون ڇونه سکي ۽ انهن ٻولين ۾ ڇونه لکي پڙهي، پر اها دنيا ۽ سائنس جي حقيقت آهي ته ان تي گهڻي ۾ گهڻو اثر پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ جو ئي هوندو آهي. پرائمريءَ جي نصابي ڪتابن ۾ پڻ اتان جي مقامي ٻوليءَ ( مادري ٻولي ) ذريعي اتان جي قصن، ڪهاڻين، بيتن، نظمن، شخصيتن ۽ اتان جي علائقائي ڄاڻ کي اهميت ڏئي ڪري ٻار کي پڙهائڻ گهرجي. ته جيئن اهو پڙهندڙ ٻار پنهنجي ٻوليءَ جي ذريعي پنهنجي علائقي جي باري ۾، ۽ ان جي تاريخ، قصن، ڪهاڻين،اتان جي لوڪ رسمن، گيتن،نظمن جي باري ۾، ۽ اتان جي عظيم هستين، شخصيتن جي باري ۾ چڱيءَ طرح سان ڄاڻ حاصل ڪري سگهي. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي مادري ٻوليءَ جي ذريعي علم جي حاصلات جي راهه تي گامزن رهي. نصابي ڪتاب جي اهميت ان ڪري به تمام گهڻي هوندي آهي جو ان ۾ جيڪو به مواد لکيل يا ڇپيل هوندو آهي اهو اسان جي سماجي ماحول ۽ سماجي حالتن سان مطابقت رکندو آهي، ان ۾ جيڪي به قصا، ڪهاڻيون، گيت،نظم يا شخصيتن جي باري ۾ لکيل هوندو آهي، شامل ڪيل هوندو آهي اهي سڀ اسان جا پنهنجا هوندا آهن. انهن کي پڙهڻ سان ڄڻ ته اسان پنهنجن وڏن بزرگن سان ملي رهيا هجون ۽ انهن کان اهو علم/ڄاڻ حاصل ڪري رهيا هجون. پرائمري اسڪولن ۾ صرف ۽ صرف مادري ٻوليءَ ۾ ئي تعليم ڏيڻ پر اثر رهي ٿي، جنهن جا اثر انهن ٻارن جي سڄي زندگيءَ تي رهن ٿا ۽ قومن جي بقا پڻ انهيءَ ۾ آهي ته اها پنهنجي ٻوليءَ کي وڌ ۾وڌ اهميت ڏئي ، پنهنجي تعليم ۽ زندگيءَ جو ڪاروهنوار ۾ پنهنجي ٻوليءَ کي استعمال ڪري، ڇاڪاڻ ته ٻولي قوم جي بقا هوندي آهي.