ٺڳي جا ٻاهٺ سال

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا ان سماج جي هڪ بيهڪ آهي ۽ اها بيهڪ سائنسي بنيادن تي بيٺل هوندي آهي ۽ ان بيهڪ جو انساني سماج جي اندر جيڪو بنياد آهي ان جا ٻيا الاهي سارا سبب آهن پر ان ۾ گھڻي قدر معاشي سرگرمي مکيه ڪارڻ آهي بلڪه معاشي سرگرمي جي ڪري ئي انساني سماج جو تانڃي پيٽو جڙيو آهي ان ۾ معاشي وسيلن جي ڪري ئي سماج ترقي ڪندو آهي، ان انساني سماج جي اندر ماڻهن جو تمام وڏو هڪ انبوهه جنهن کي پنهنجون قومي ايڪائيون هونديون آهن ۽ انهن ايڪاين جي هڪ جهڙائي کي قوم چئجي ٿو. سماجي ڏاهن جيڪا قوم جي ڊيفينيشن ڏني آهي اها اسان سڀني جي اڳيان آهي اسان ان جي تفصيل ۾ نٿا وڃون. پر هڪ اهم ڳالهه اها هي ته مختصرن هڪ قوم جا بنياد هي آهن سڀ کان پهرين ته انجو پنهنجو جاگرافيڪل وطن هجي ۽ انجي هزارها سالن جي تاريخ هجي ۽ انهن سڀني جي گڏيل هڪ ٻولي هجي ۽ انهن جو هڪ جهڙو ڪلچر هجي. ۽ اهم جيڪا ڳالهه آهي ته انهن جا مضبوط معاشي وسيلا هجن.

    قوم جو جديد تصور اسان کي يورپ جي سماج مان ملي ٿو قومي آزادي، انساني آزادي جون جيڪي تحريڪون هليون ۽ جاگيردار قوتن جي خلاف جيڪي تحريڪون هليون ان جو محور لڳ ڀڳ يورپ رهيو يورپ جي اندر استحصالي قوتون ڏاڍيون طاقتور هيون يورپي سماج مذهب بادشاهت ۽ جاگيرداري جي ٽرائينگل ۾ ڦاٿل هو ۽ معاشي استحصال جي گھاڻي ۾ پيڙهيو پئي. جڏهن شعوري انقلاب آيو ته سجاڳي جو ڄڻ سمنڊ اٿلي پيو پوري يورپ ۾ قومي انقلابي تحريڪن جي وڏي اٿل آئي اسان ڏٺو ته قومون پنهنجي گڏيل شعور سان اٿي کڙيون ٿيون ۽ پنهنجي قومي استحصال جي خلاف ويڙهه وڙهيون. مثلن اسان يورپ جي سماج تي نظر وجھون ته اسان کي خبر پوي ٿي ته انهن جو قومي ڪلچر رهڻي ڪهڻي لڳ ڀڳ ساڳي آهي جاگرافي لحاظ کان به هو هڪ ئي خطي ۾ رهن ٿا آبهوا جي لحاظ کان به انهن ۾ هڪجهڙائي آهي انهنجي جي معاشي ترقي جا به ڪارڻ لڳ ڀڳ ساڳيا آهن ۽ يورپ جي اندر ملڪن جون مخصوص جاگرافيڪل حدون آهن ٻوليون الڳ الڳ آهن ۽ انهن جي سڃاڻپ لڳ ڀڳ ساڳي آهي انهن جون معاشي ترقيون ۽ سماجي تبديليين جي جيڪا تاريخ آهي ان تي گھڻو ڪجھ ڳالهائي سگھجي ٿو پر مان اڄ هتي يورپ جي قومن جي مثال کي اڳيان رکندي برصغير جي اندر رهندڙ قومن تي نظر وجھي اتي ايندڙ هڪ خطرناڪ تاريخي موڙ تي ڳالهائيندس.

    مان جڏهن غور ڪريان ٿي ته حيران ٿيان ٿي ته انساني سماج جي اندر ڪيڏو نه خطرناڪ غير فطري عمل ڪيو ويو ننڍي کنڊ جي اندر رهندڙ قومن تي قاتلانه وار ڪري حملو ڪيو ويو انهن قومن جي سائنسي ارتقا جي عمل کي قتل ڪيو ويو هڪ انتهائي غير سائنسي غير منطقي تجربو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ تاريخي تباهي آئي ۽ اڃان ايندي اهو غير سائنسي تجربو آهي ”پاڪستان.“ پاڪستان جنهن تباهي جي ڪنڌي تي بيٺو آهي ان جو بنياد آهي هن جو غير فطري ملڪ هجڻ مونکي حيرت ٿئي ٿي ته چند ماڻهن ويهي اهو ڪيئن فيصلو ڪيو ته ملڪ ٺاهيون......!؟ توهان سڄي انساني تاريخ کڻو ڏسو ڪٿي به مذهبي بنياد تي ملڪ ناهن ٺهيا. پر برصغير ۾ ائين ڪيو ويو ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته برصغير جي ڪجهھ ٽڪرن کي ملائي ۽ ان جي ان غير فطري ملاوٽ کي هڪ رياست چيو ويو جيڪا رياست جي تصور تي اچي ئي نٿي. حيرت جهڙي ڳالهه ته هڪ رياست جو هڪ ٽڪرو ايڏو ته پري جو ان جي وچ ۾ هيڏو سارو ملڪ هندستان اچي ٿو وڃي انتهائي غير منطقي ڳالهه غير سائنسي عمل ۽ انجو نالو آهي پاڪستان.

    پاڪستان وجود ۾ ڇو آيو؟ ان جي اندر ڪهڙو تجربو ٿيو؟ ۽ اڳتي ڇا ٿيندو؟ اهو هڪ الڳ بحث آهي مان رڳو هتي اها ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿي ته هن جي بنيادي بيهڪ جو پورو فلسفو غير سائنسي آهي انساني سماج جي اها فطرت آهي ته ڪابه شئي جبرن توهان ڪنهن به هڪ ماڻهو تي لاڳو نٿا ڪري سگھو ڪيڏو به توهان پنهنجي طاقت ۽ وسيلن جو زور لڳائي ۽ فيصلو ڪريو ڀلي اهو ان محل ڏسندڙ ٻڌندڙن کي صحيح به لڳي پر اڳتي هلي هنجي اصليت ضرور ظاهر ٿيندي حالتون ٻڌائينديون ته هي غير سائنسي تجربو آهي اهڙي طريقي سان چند ماڻهن جي ڪيل غلط فيصلن هلندڙ وقت غلط ثابت ڪري ڇڏيندو آهي انساني تاريخ ۾ اهو عجيب تجربو هو ته هٿرادو قوم ٺاهي وڃي ۽ ان جي قومي تصور جو فارمولو جوڙيو وڃي ۽ مختلف قومن کي پاڻ ۾ ملائي ۽ انهنکي چيو وڃي ته توهان هڪ قوم آهيو ۽ هڪ اهڙي ٻولي جيڪا انهن ماڻهن منجھان ڪنهنجي به نه هجي جبرن انکي چيو وڃي ته اها توهان جي قومي ٻولي آهي قومي ٻولي اها جيڪا ڪنهن به قوم جي ٻولي نه هجي ۽ چئن پنجن قومن کي اهو چيو وڃي ته اها توهان جي قومي ٻولي آهي ۽ انهن کي مجبور ڪيو وڃي ته اسانجي هن ٺاهيل هٿرادو قومي فارمولي ۽ انجي سڃاڻپ تي هلن.

    مونکي دنيا جا ڏاها اهو ٻڌائين ته ڪڏهن ائين ڪٿي ٿيو آهي مذهب جي بنياد تي قومي تصور ؟ مذهب نظريو آهي نظرئي جي بنياد تي قوم ناهي ٿيندي. قوم جا فطري بنياد هوندا آهن نظرياتي ناهن هندا. پاڻ اچون ٿا مڊل ايسٽ تي مڊل ايسٽ جا جيڪي ملڪ آهن انهن جي الاهين ملڪن جي ٻولي به ساڳي آهي ۽ ڪلچر به لڳ ڀڳ ساڳيو آهي معاشي وسيلا به ۽ مذهب به ساڳيا ئي آهن سڀ مسلمان آهن اسان جي ڪڏهن اسلام جي ڳالهه ڪريون ته انهي جو بنياد سعودي عرب جي سرزمين آهي ان جو جيڪڏهن اسان جاگرافيڪل صورتحال ڏسون ته اها هيئن آهي؛

    مثال سعودي جي اوڀر واري پاسي سمنڊ جي ڪناري جيڪو ملڪ آهي ان کي يمن چون ٿا ۽ هن پنهنجو يمني ڪلچر آهي جڏهن ته اهي به عرب آهن ۽ مسلمان آهن پر پوءِ به پاڻ کي يمني سڏائين ٿا ۽ حالت اها آهي ته اهي پاڻ ۾ به فرق ڪن ٿا يعني اتر، ڏکڻ، ۽ يمن هڪ جي گادي جو هند مسقط آهي ٻئي جو امان آهي جڏهن ته اهي به مسلمان آهن وري اچون ٿا انهن جي ئي ڀر سان سعودي ڏکڻ ۾ هڪ ٻيو ملڪ آهي يونائيٽيڊ عرب عمارات جنهن کي (يو اي اِي) چون ٿا دبئي شارجا وغيرهه اچي وڃن ٿا جيڪي پڻ مسلمان آهن ۽ انهن جا معاشي مفاد بلڪل ٻين مسلمان ملڪن کان الڳ آهن هڪ مسلمان ملڪ هوندي به هن خطي کي ايترو ته ڊولپ ڪيو ويو آهي جو دنيا جي هر مذهب جو ماڻهو هتي اچي ٿو هي دنيا جو وڏي ۾وڏو واپاري مرڪز آهي ۽ ايڪانامي جي لحاظ کان زبردست ڊولپ ٿيندو پيو وڃي. وري اڳتي هلون ته ايراني نار واري سمنڊ ۾ هڪ ننڊڙا ملڪ آهن بحرين ۽ قطر انهن جي بيهڪ الڳ آهي ۽ ان جا معاشي مفاد به الڳ آهن جڏهن ته اهي به عرب آهن ۽ انهن جو مذهب پڻ اسلام آهي وري اڳتي اچون ته عراق ۽ سعودي عرب جي ڪڇ ۾هڪڙو ننڍڙو ملڪ آهي ڪويت جنهن جي ٻولي پڻ عربي آهي پر اهي پاڻ کي ڪويتي سڏائين ٿا. ان کان اڳتي اچون ته سعودي عرب جي اولهه ۾ هڪ ملڪ آهي جارڊن جنهن کي اردن به چون ٿا. ان جا پنهنجا الڳ معاشي مفاد آهن جيڪي سعودي عرب کان ۽ ٻين ملڪن کان مختلف آهن اهي جيڪي ملڪ مان ٻڌائي ويس اها سڄي جي سڄي عرب ريجن آهي ۽ اهي سڀئي مسلمان آهن پوءِ به انهن وٽ هڪ مسلمان قوم جو تصور نه آهي ۽ نه وري توهان انهن کي مسلمان قوم چئي سگھو ٿا وري اچون ٿا اڳتي ته هڪ ملڪ آهي شام جنهن جي سڄي جا سڄي ايڪانامي عرب ملڪن کان الڳ آهي ڇوته هو جاگرافي طور تي ميڊيٽيرين سمنڊ جي ويجھو آهي ۽ ان جي پاسي ۾ هڪڙو ملڪ آهي لبنان هن جا معاشي مفاد به الڳ آهن ائين سمجھو ته لبنان عرب رياست جي گيٽ آهي ڇوته هو بونچ يعني ميڊيٽيرين سمنڊ جي ڪناري تي آهي ان جي ڪري هن جي بيهڪ بلڪل يورپ جهڙي آهي مان جن ملڪن جو ذڪر ڪيو آهي اهي سڀئي عرب آهن مونکي ٻڌايو ته اهي ڪڏهن ۽ ڪٿي چون ٿا ته اسان مسلمان قوم آهيون.

    هاڻ اچون ٿا پاڪستان تي ان جي جاگرافيڪل ٽڪرن تي غور ڪنداسين جن کي ملائي پاڪستان جوڙيو ويو اهو دنيا جو انوکو تجربو هو ۽ انتهائي حيرت وجھندڙ فيصلو هو هن جو هڪڙو ٽڪرو جنهن کي بنگال چئون ٿا جنهنکي هاڻي بنگلا ديش جي نالي سان سڃاڻون ٿا ان کي وري اوڀر پاڪستان چيو ويو ۽ هن جي وچ تي هيڏو سارو هندستان آهي ۽ اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي وچ تي هندستان آهي. اها ته حيرت جهڙي ڳالهه هئي بنگلاديش جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ هتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي بنگالي سماجي لحاظ کان هتان جي سڀني ماڻهن کان مختلف هئا ۽ ان جا معاشي مفاد به بلڪل الڳ هئا پر انهن کي ڪٽي سٽي چيو ويو ته توهان ملسمان قوم آهيو ۽ جي توهان نه مڃيو ته اسان توهان ڪٽي سٽي پاڪستاني ڪنداسين اهو ئي نتيجو نڪتو جو هنن پنهنجي قومي شعور جو شدت سان اظهار ڪيو ته انهن کي ملڪ دشمن قرار ڏئي هنن جو اهڙو ته قتلِ عام ڪيو ويو جو تاريخ شرمائي وئي. نتيجو اهو نڪتو جو تمام گھڻي رتو ڇاڻ کان پوءِ هو الڳ ٿي ويا. جبرن هڪ قوم ڪرڻ جو هڪ مثال اها پاڪستان جي بيهودا تاريخ به آهي. وري جڏهن بلوچن چيو ته اسان بلوچ قوم آهيون ته ان کي وٺي اهڙو ڪٽيون ۽ انهن کي ڪٽي سٽي چيائون ته توهان پاڪستاني آهيو ان جو تازو مثال توهان جي اڳيان آهي ته موجودهه دور جي ڊڪٽيٽر رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف بلوچن کي ڌمڪيون ڏيندي چيوته توهان اسان جي ڳالهه نه مڃي ته اسان توهان کي اهڙو مارينداسين جو توهان کي خود خبر نه پوندي ته ميزائيل ڪٿان پيو اچي اهو انهن فقط چيو نه بلڪه هنن ڪري به ڏيکاريو اهو ته وري سڀ ڪجھه توهان پڙهندڙن جي اڳيان آهي.

    پاڪستان گھڻي قومي ملڪ آهي ۽ انهن جي سڀني قومن جي الڳ الڳ سڃاڻپ آهي ۽ هنن جو الڳ الڳ پنهنجو ڪلچر آهي پر هي چون ٿا توهان جو بابا هڪڙو ئي ڪلچر آهي اهو اسلامي ڪلچر آهي ۽ توهان جي هڪ ئي سڃاڻپ آهي، پاڪستاني ظلم آهي ڇا آهي؟ مسلمان ملڪَ جنهنجو مان ذڪر ڪري آئي آهيان انهن جو اسلامي ڪلچر ناهي انهن جو عرب ڪلچر آهي، اهڙو ظلم! زوريءَ چون ٿا ته توهان پاڪستاني قوم آهيو ۽ توهان جي قومي ٻولي اردو آهي هڪ اهڙي ٻولي جيڪا هتان جي ڪنهن به خطي جي ٻولي ناهي ان جي نالي چون ٿا ته قومي ٻولي آهي هزارها سالن جي مهذب قوم کي چيائون ته توهان غير مهذب آهيو. اهو هن دور جو وڏي ۾ وڏو غير مهذب رويو آهي اسان غور سان ڏسون ته پاڪستان جي اندر رهندڙ سڀني قومن جا معاشي مفاد ساڳيا نه آهن بلڪل مختلف آهن بلڪه هڪ ٻئي جي متضاد آهن هڪ قوم جي خوشحالي جو بنياد ٻئي قوم جو استحصال آهي ۽ انهي استحصال جو وڏي ۾ وڏو ڪارڻ اها رياست آهي جنهن کي پاڪستان چيو وڃي ٿو ۽ هاڻي اها هڪ قوم ڪيئن ٿي؟ هڪ قوم تڏهن خوش رهي سگھي ٿي جڏهن هو ڪنهن ٻئي قوم جو استحصال ڪري ته پوءِ هنن جا قومي مفاد ساڳيا ڪيئن ٿيا پاڪستان جي اندر ڪابه معاشي برابري نه آهي ڇوته هن ملڪ ۾ اهڙا علائقا شامل آهن جن جي بيهڪ تي جيڪڏهن غور ڪجي ته انهن جون معاشي ڪمزوريون نظر اينديون هتي ڪي جابلو علائقا آهن جن جي ڪري انتهائي ڏکي صورتحال آهي نتيجي ۾ نه اتي ڪو زرعي سماج جڙي سگھيو آهي ۽ نه وري انجي ڪا مارڪيٽ جڙي سگھي آهي ۽ نه ئي رياستي حڪومتي سطح تي ڪو اهڙا صنعتي يونٽ هنيا آهن جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملي سگھي. ان جي ڪري ماڻهو انهن هندن ڏانهن اچڻ لاءِ مجبور آهن جتي معاشي سرگرمي ٿئي ٿي جتي هو محنت مزدوري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري سگھن اها رياست جي ذميواري آهي ته هو پلاننگ ڪري ماڻهن کي روزگار ڏيئي هڪ رياست جي بنياد تي سڀني کي برابري جي بنياد تي معاشي وسيلا مهيا ڪري ۽ هڪ قوم هجڻ جو احساس ڏياري.

    پاڪستان جي اندر ڪنهن به قسم جو قومي رياست جو ڪوبه وجود نه آهي اهو هڪ نعرو آهي جيڪو استحصالي قوتن بيوروڪريٽ ۽ فوجي فيڪٽرن هنيو آهي ٻيو ته ڇڏيو جيڪي ماڻهو پاڪستان جي نالي ۾ هندستان مان آيا اهي به چون ٿا ته اسان پاڪستاني نه پر مهاجر آهيون ٻاهٺ سال گذرڻ کان پوءِ به ان نظرئي کي نٿا مڃين جنهن نظرئي جي بنياد تي هو لڏ پلاڻ ڪري هتي آيا هئا ان فلسفي کي به مڃڻ لاءِ تيار نه آهن اهي چون ٿا ته اسان جي الڳ سڃاڻپ آهي جنهن سڃاڻپ جي بنياد تي هو هتي آيا ان سڃاڻپ کي به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته پاڪستان جون سڀئي قومون ته ڇڏيو پر ماڻهن جو اهو گروه جيڪو پاڪستان ٺهڻ جي نالي ۾ آيو اهو به پاڪستاني سڃاڻپ قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي بلڪه هو پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ چاهي ٿو ان جي لاءِ هنن ڇا ڪيو آهي اهو توهان سڀني جي اڳيان آهي هنن پريڪٽيڪل ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان سڄي خوني راند جي سرپرستي اها طاقتور ڌر ڪري رهي آهي جنهن کي پاڪستاني سڃاڻپ جي ٽوپي پاتل آهي.

    مان پڇان ٿي ته ان سڄي ٺڳي ۾ سنڌي قوم توهان جو ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟ هن قوم جي هڪ ڊگھي شاندار تاريخ آهي شاهوڪار تهذيب آهي اها قوم پنهنجي فطرت ۾ به هڪ شاندار مزاج رکي ٿي جيڪو انساني سماج جو مهذب پڻي جو اعليٰ ترين اظهار آهي سنڌي ماڻهو پنهنجي طبيت ۾ قومي شعور جو بهترين مذاج رکي ٿو پوري پاڪستان جي اندر رهندڙ قومن جي مذاج کان وڌيڪ سنڌي ماڻهو جمهوري مزاج رکي ٿو سنڌي ماڻهو صوفي ازم جو قائل ۽ سماجي برابري جو شعور رکندڙ مذاج جو اعليٰ ترين مثال آهي هڪڙن ماڻهن کي جيڪڏهن توهان اهو چئو ته اسان پاڪستان جي اندر معاشي برابري جي بنياد تي سماج اڏينداسين اهو وڏو ڪوڙ هوندو ائين ٿيندو ڇو ته هڪ قوم جا معاشي بنياد ٻئي قوم جي معاشي استحصال ۾ رکيل آهن ان ۾ ڊيموڪريسي جي ڳالهه ڪرڻ ڪهڙي فارم ۾ اچي ٿي اهو الڳ هڪڙو بحث آهي اهو ئي سبب آهي جو جنهن ماڻهو پاڪستان جي اندر پهريون ڀيرو جمهوريت جو بنياد رکيو ته ان کي خطرناڪ قسم جي سزا ڏني ويئي اهو به سنڌي ماڻهن جي شعور جو شديد قسم جو استحصال ڪيو ويو پاڪستان جي نالي ۾ اسلامي پاڪستاني بوگس نظرئي جي بنياد تي اسان جو استحصال ڪيو ويو، اڃان ڪيو پيو وڃي.

    مونکي ته حيرت انهن اينڪر پرسن تي ٿئي ٿي جيڪي اردو ميڊيا جا ڪرتا ڌرتا آهن جيڪي سڄو ڏيهن بوگس قسم جي پروپيگنڊا ڪن ٿا ۽ انهن عقل جي انڌن کي اها خبر ناهي جنهن قومي اداري جي هو ڳالهه ڪن ٿا اهو ڪٿي آهي ۽ ان جو وجود ڪٿي آهي اهي اينڪرس پاڻ کي ڏاڍو دانشور سمجھن ٿا مان انهن عقل جي انڌن کان پڇان ٿي جنهن قومي پريس جي هو ڳالهه ڪن ٿا هو ڪهڙي قوم جي نمائندگي ڪري ٿي مهرباني ڪري مونکي ان قوم جو نالو ٻڌايو وڃي ۽ اهو اسان جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي ته اسان جا قلمقار سائنسي نظرئي کان ۽ ڪنهن منطقي فلسفي کان وانجھيل آهن اهڙن بوگس دماغن کي ٽي وي تي ويهاري سڄي عوام سان مذاق ڪيو آهي

    سحر رضوي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٺڳي جا ٻاهٺ سال

    سهڻا طاهر سائين! سحر رضويءَ جو لکيل هي ليک سچ تي مبني آهي ۽ سنڌ جي فڪر جي ڳالهه ڪئي اٿس ۽ محترم جي ايم سيد جي ڪيل ڳالهه جي تاعيد ڪئي اٿس، هيءَ ڳالهه اسان سڀني سنڌين کي سمجهڻ ۽ هينئين سان هنڊائڻ گهرجي ۽ پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ جا جتن ڪرڻ گهرجن ۔۔۔۔

    تمام قيمتي ليک ونڊ ڪيو اٿوَ، لک ٿورا ۔۔۔
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ٺڳي جا ٻاهٺ سال

    مهرنامي ادا
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ٺڳي جا ٻاهٺ سال

    مهرباني اوهان جي دوستو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو