پنهنجي اندر مان ڪجھ ته ڳوليو يار

عبدالعزيز لغاري

سينيئر رڪن
cReJRI.jpg


پنهنجي اندرمان ڪجھ ته ڳوليو يار
پيو چمڪي هيرو تو ۾ اک ڪجھ کوليو يار

هستي ڇڏ تون ساري مستي منجھ ٿي مدام
عشق کي استاد ڪري ڪر گم ڀائڻ ڀولو يار

ساقي جي اڄ ميخاني مان ڪا سرڪي پي آب حيات جي
پيئڻ ساڻ ويندئي لهي اکين آڏو اولو يار

نينهن نظارو نوبت وارو پس پريت سان
خيال هجي هردم هڪ جو خيال کي نه روليو يار

پير مغان جي درس مون نقطو هي نروار ٿيو
هڪ سان هڪ ٿي ڪري هڪ کي قبوليو يار.
 
Back
Top