رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
ڪنهننجي حسن تي حيران ٿيندي
هن سونهن جا سلامي
________________________
هن سونهن جا سلامي ڪيئي ٿيا ڪلامي....
هن کي ڏسي ٺرن پيا هن جا آهن سڀ حامي
روز ازل کان نسبت آ واستو اتان کان
مرجهائيل پيا مرڪن هت عشق پيو اڀامي ...
هن سونهن جا سلامي
هي ڏات آهي ڏاتر ڪلفت نه ٿي ڪا ڪاتر
سڪ هن ڏي پئي سري ٿي هي عشق آ الهامي ...
هن سونهن جا سلامي
سڀ حسن هت آ دنگ ٿيو هي روح ۾ آ رنگ ٿيو
هي چوس چاهتن جي هي نينهن نيڪ نامي ....
هن سونهن جا سلامي ..
او عشق هاڻي بس ڪر ڪوئي نه ٿيندو منڪر
هي باب آهي برهن وڃي وقت نه وهامي...
هن سونهن جا سلامي
اڄ ڏينهن ٿي پيو روشن حسن جمال يارن
مان گيت ڇو نه ڳايان ڪائنات ٿي آرامي ...
هن سونهن جا سلامي
رسول بخش دائودپوٽه
هن سونهن جا سلامي
________________________
هن سونهن جا سلامي ڪيئي ٿيا ڪلامي....
هن کي ڏسي ٺرن پيا هن جا آهن سڀ حامي
روز ازل کان نسبت آ واستو اتان کان
مرجهائيل پيا مرڪن هت عشق پيو اڀامي ...
هن سونهن جا سلامي
هي ڏات آهي ڏاتر ڪلفت نه ٿي ڪا ڪاتر
سڪ هن ڏي پئي سري ٿي هي عشق آ الهامي ...
هن سونهن جا سلامي
سڀ حسن هت آ دنگ ٿيو هي روح ۾ آ رنگ ٿيو
هي چوس چاهتن جي هي نينهن نيڪ نامي ....
هن سونهن جا سلامي ..
او عشق هاڻي بس ڪر ڪوئي نه ٿيندو منڪر
هي باب آهي برهن وڃي وقت نه وهامي...
هن سونهن جا سلامي
اڄ ڏينهن ٿي پيو روشن حسن جمال يارن
مان گيت ڇو نه ڳايان ڪائنات ٿي آرامي ...
هن سونهن جا سلامي
رسول بخش دائودپوٽه