”اچو ته اسين سڀ هڪ اهڙي سماج لاءِ گڏجي جدوجهد ڪريون جنهن ۾ مرد عورت جو قتل نه ڪري، ان تي تشدد نه ڪري، ان کي ڪمتر انسان نه پر برابر انسان سمجهي، هر عورت کي تعليم، روزگار، علاج، رهائش ۽ زندگيءَ جون ٻيون ضرورتون حاصل هجن. ان کي شخصي آزادي، راد، سير سياحت ۽ فن جي تخليق جا موقعا مهيا هجن. متڀيد وارن قانون، روايتن ۽ روين جو خاتمون ٿئي ۽ عورت مرد جي بالادستي، جاگير ۽ سرمائي جي استحصال ۽ جبر کان آزاد ۽ بي خوف مڪمل زندگي جي سگهي“.