• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچ پيار کي ولوڙيون

اچ پيار کي ولوڙِون
_____________________

اچ پيار کي ولوڙيون وک آ ءُ اڳتي کوڙيون
جيءَ کي جسي سان جوڙيون

محبت مٺي آ ٿيندي هي سڀ چون پيا سڪ م
نفرت نه ڪريون ڪنهن سان محبت ڏي سڀ کي موڙيون

او حسين سهڻا ماڻهو تنهنجي سونهن جا سوالي
هت بره ۾ بي چين هون نظرن ۾ نينهن نهوڙيون

تنهنجي چاه جي چوڻ تي سڀ شئي کي ير ڇڏيوسين
ڪنهن سان نه ڪجه اوريو سين جي ڪي جي دل ۾ ڊوڙيون

تون حسن جو آن ساگر تنهنجي پيار لئه پڪاريان
چڪو چاه جو پياريو جيءَ کي جاني جياريوسڪ کي گڏي سهيڙيون

تو لئه ماندڪايون مرڪن تو کي سڏ ڪري ٿيون سهڪن
اچ پياس ۾ پيارا لاهيون پنهنجا مونجهارا وکر کي ويهي ووڙيون

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top