ڊيو نه ڪيو ته پوءِ ڇا ڪيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نذير احمد لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 مارچ 2015۔

  1. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    جي ها هي نعرو آهي پيپسي ڪولا ڪمپني وارن جو جيڪي پنهنجي هڪ برانڊ مائونٽين ڊيو جي لاءِ استعمال ڪندا آهن. اسان ڪيڏو نه خوشي خوشي هي سافٽ ڊرنڪ پيئندا آهيون اهو سڀ ڪجهه وساري ته انهن جي ٺهڻ ۾ ۽ تياري ۾ ڪهڙا ڪيميائي مادا يا جزا شامل آهن.
    آمريڪا جي هڪ رهواسي رونالڊ بال جنهن پيپسي ڪمپني وارن تي ڪيس ڪيو ۽ موقف اهو اختيار ڪيائين ته هن 2008ع ۾ مائونٽين ڊيو جو هڪ ڪين کوليو ته ان ۾ ڪوئو مئل حالت ۾ هيو، ان ڪري ان کي ان جو معاوضو ڏنو وڃي. جڏهن ان ڪين کي چڪاسيو ويو ۽ خبر پئي ته ان ڪين کي پئڪ يعني بند ڪئي تقريبن 74 ڏينهن گذري چڪاآهن.
    اهو ڪيس هلندو رهيو ۽ ان دوران ڪمپني وارن تجربو ڪيو ته هڪ ڪوئو ماري ان کي هن سوفٽ ڊرنڪ يعني مائونٽين ڊيو ۾ وجهي ڇڏيو ۽ روزانو ان جو معائنو ٿيندو رهيو ته ان جو حشر ڇا ٿو ٿئي ۽ نتيجو ڪهڙو نڪري ٿو.
    اهو تجربو ڏيسي حيرت ٿي ته چئن کان ستن ڏينهن جي اندر ان مئل ڪوئي جون هڏيون ڳرنديون ۽ ختم ٿينديون ويون ۽ ان کان پوءِ آهسته آهسته ڪجهه ڏينهن ۾ جسم جا باقي حصا به ختم ٿيندا ويا ۽ 30 ڏينهن جي اندر ڪوئو مڪمل طور ڳري جيلي جي شڪل وانگر ٿي ويو.
    جنوري 2012ع ۾ پيپسي ڪولا جي وڪيل ان ڪيس جي شنوائي ۾ ڪيل تجربي جو حوالو ڏنو ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ته اهم ممڪن ئي ڪونهي ته 74 ڏينهن تائين مئل ڪوئو ڪين ۾ ان ئي حالت ۾ هجي ۽ ان جو جسم مڪمل حالت ۾ هجي.

    ان جرح کان پوءِ ڪمپني وارن اهو ڪيس کٽي ورتو ۽ اسان جهڙا ڀولا ماڻهو وڏي شوق سان اهي سوفٽ ڊرنڪ پيئندا ۽ اوڳرايون ڏيندا ٿا وتن.

    (هي مضمون سوشل ميڊيا جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جي بلڪل درست سائين.
     
  3. امير عدنان

    امير عدنان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2015
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    500
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    133
    ڌنڌو:
    Jurist
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين توهان شايد اها تحقيق ناهي پڙهي ته ڪو به سافٽ ڊرنڪ پاڪستان ۾ اصلي حالت يا فارمولي ۾ دستياب ناهي، هت ته بس چپٽي مٺي سوڍا وجهي ماڻهن کي راضي ٿا ڪن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو