اسلام آباد ۾ تمام گهڻي سانت هوندي هئي اتي اسان دوست گڏجي ڀوائتيون ڪهاڻيون هڪٻئي کي ٻڌائيندا هئاسين. هڪ دوست ڪهاڻي ٻڌائي هئي. ٿر جي ڪهاڻي آهي. چار چور رات جو چوري سانگَي نڪتا هئا، جهڙي مهل اهي هڪ گهر ۾ پهتا تہ اندر گهگهه اوندهه هئي اندريان بندوق جا فائر ٿيا پر تمام گهڻي ڀوائتي نموني هئا هنن جا ٻہ چور اتي ئي دڦ ٿي مري ويا اتي وڏا ڀوائتا آواز بہ هئا هي ٻئي جِنُ جِنُ ڪري وٺي اتان ڀڳا انهن تي اهڙي مهل ايترو تہ ڊپ هو جو ٻئي هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا ۽ رڻ ريگستان ۾ اچي نڪتا هڪڙي چور کي اتي هڪ رڍون چاريندي نظر آيو اهو همراءُ هيو تہ بلڪل ڪنهن راڪاس نموني پر ان چور، ان کي چيو تہ پاڻي گهرجي ان همراءُ چيس پاڻي ته ڪونهي پر رڍ جو کير آهي پوءِ چور رڍ جو کير پيتو ان همراءَ چيس تہ منهنجي گهر هل تو کي اتي ماني ٽڪي کارايان سو چور به ان سان گڏ ان جي گهر ويو تہ ان راڪاس همراءَ جي زال ڏسي، چور ڊڃي ويو اها بہ ان راڪاس جهڙي هئي پوءِ انهن ٻنهي زال مڙس، چور کي اندر ڪوٺيءَ ويهاريو پر چور کي صفا سڪون ڪو نہ هو ڪجهه دير کان پوءِ ڪوٺيءَ جو ٻاهريان ڪڙو لڳايو ويو تنهن تي همراءَ ڀڀلجي ويو تہ الائي ڪهڙو چڪر آهي چور در جي اوٽ وٺي ويٺو تہ اهي ٻئي زال مڙس وڏو ڪات تکو ڪري رهيا هئا ۽ پڻ اهو بہ چئي رهيا هئا تہ اڄ ان همراءَ کي ڪهين کائڻو آهي سو چور جو ساهه ئي منجهي ويو نيٺ ڪجهه دير کان پوءِ اهو راڪاس همراء ڪڙو کولي ڪات سوڌو اندر آيو ۽ ان چور تي ڪات الاريائين تہ چور هڪدم ان کي پيٽ جي لت هڻي ان کان ڪات کسي ان راڪاس جي ڪوپر تي مٿي جو وهايائين سو راڪاس اتي ئي پورو ٿي ويو پوءِ هي اتان وٺي ڀڳو پر ان راڪاس جي زال جيڪا ڏائڻ وانگر هئي اها ان جي ڪڍ لڳي ته مان توکي ڪو نہ ڇڏيديس سو چور بہ اچي پنهنجي رفتار وڌائي نيٺ ڏائڻ جي اکين کان پري ٿي ويو ۽ رڻ پار ڪري ڪنهن هنڌ تي بي هوش ٿي ڪري پيو.