بجلي ۽ پاڻيءَ واري وفاقي وزير راجا پرويز اشرف جڏهن اها دعويٰ ڪئي هئي ته پ پ حڪومت 31 ڊسمبر 2009ع تائين ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏيندي ته ماڻهن ان تي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو هو. راجا پرويز اشرف تڏهن اهو به چيو هو ته اصل ۾ پوين حڪومتن طرفان هڪ به پاور پلانٽ نه لڳائڻ ڪري ئي بجلي جو بحران وڌندو ئي ويو آهي پر اسان پاور پلانٽ لڳائي اهو بحران ختم ڪري ڇڏينداسين. انهيءَ ۾ ته واقعي به ڪو شڪ ناهي ته پوين حڪومتن پاور پلانٽ لڳائڻ بدران ڪالاباغ ڊيم سميت وڏن ڊيمن ٺاهڻ واري هوڏ سبب وقت ضايع ڪيو ڇاڪاڻ ته شديد مخالفت سبب نه ڊيم ٺهي سگهيا ۽ نه ئي ڪو پاور پلانٽ لڳي سگهيو. بهرحال عوام ۽ ميڊيا جون نظرون راجا پرويز اشرف ۾ لڳي ويون ته اجهو ٿو بجلي جو بحران ختم ڪري. حڪومت به بجلي جي بحران ۽ لوڊشيڊنگ کي ختم ڪرڻ وارو چئلينج هٿ ۾ کڻي رينٽل پاور پلانٽ جو پراجيڪٽ متعارف ڪرايو پر بدقسمتي سان اهو پراجيڪٽ تڪراري بڻجي ويو، ان ڪري سرمائيڪارن ان ڪم ۾ اها تيزي ۽ دلچسپي نه ڏيکاري جيڪا متوقع هئي. نتيجي ۾ حڪومت 31 ڊسمبر تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ واري اعلان کي عملي جامو نه پهرائي سگهي وري جڏهن پرويز اشرف جُون 2010 جي نئين ڊيڊ لائين ڏني ته پوءِ ماڻهن ان معاملي کي روايتي اعلان ۽ مذاق سمجهي کڻي چُپ ڪئي. اڳتي هلي وري پ پ حڪومت اها دعويٰ ڪرڻ لڳي ته ايندڙ ٻن ٽن سالن اندر لوڊشيڊنگ ختم ڪبي، پر لڳي ٿو ته هاڻي اهو ٻن ٽن سالن ۾ به ممڪن ناهي. ڇاڪاڻ ته ايشيائي ترقياتي بينڪ به حڪومت جي ان رينٽل پاور پلانٽ واري منصوبي کي انتهائي مهانگو ۽ هاڃيڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. بينڪ جو چوڻ آهي ته ان منصوبي سان بجلي 40 سيڪڙو وڌيڪ مهانگي ٿي ويندي. هوڏانهن نواز ليگ به ان منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ حوالي سان نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ايشين ترقياتي بينڪ جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن انهيءَ منصوبي تي عمل به ڪيو ويو ته تڏهن به ٻن ٽن سالن اندر لوڊشيڊنگ ختم نه ٿي سگهندي. افغانستان جي صدر حامد ڪرزئي جي تجويز تي ”لنڊن ڪانفرنس“ ڪوٺائي وئي آهي جنهن جو مقصد افغانستان لاءِ ڪو نئون روڊ ميپ تيار ڪرڻ آهي. اها لنڊن ڪانفرنس بظاهر ته افغان صدر جي چوڻ تي گهرائي وئي پر اها هر ڪنهن کي خبر آهي ته اصل ۾ اها آمريڪا جي اڳڀرائي آهي. ان لنڊن ڪانفرنس جو اصل مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجيون فوجون افغانستان مان ڪڍي ته پوءِ جو حڪومتي ۽ انتظامي ڍانچو ڪهڙو رکجي. ان حوالي سان هڪ اها به تجويز پيش ڪئي وئي ته ڇا اهو بهتر رهندو جيڪڏهن انهن طالبانن سان ڳالهيون ڪري کين حڪومتي ڍانچي ۾ شامل ڪجي جيڪي القاعده کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار هجن. انهيءَ حوالي سان اها تجويز به غور هيٺ آئي آهي ته طالبانن کي پئسن جي لالچ ڏئي ڪري ڌڙا بندي ڪرائي کين ڪمزور ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ اڳڀرائي تي البت ترقي پسند ۽ روشن خيال حلقي تمام گهڻي ڳڻتيءِ جو اظهار ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هاڻي طالبان سان ڳالهيون ڪيون وينديون ته اهو عمل سندن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي برابر هوندو ۽ طالبان بارگيننگ جي پوزيشن ۾ اچي ويندا. اهو تجربو پهريون به اسان ڏسي چڪا آهيون ته جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون ڪجن ٿيون ته اهي شرعي نظام لاڳو ڪرڻ جهڙيون پنهنجيون شرطون آڏو رکن ٿا جيڪي به ”عمل جوڳيون“ ناهن نتيجي ۾ پوءِ اهڙا معاهدا ٽٽي پون ٿا سو طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جي تجويزن تي غور ٿي رهيو آهي. سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته لڳي ايئن ٿو ته آمريڪا پنهنجي مفاد ۾ هن خطي کي ڏنل طالبانن وارو اهو مٿي جو سورڪڏهن به ختم نه ڪندو. زرار پيرزادو