• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 : ميزبان آسٽريليا جي ٽيم ڀارت کي شڪست ڏئي فائنل ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jgUSaHcJdXUuZ.jpg

ميزبان آسٽريليا جي ٽيم هن وقت تائين ٽورنامينٽ ۾ ناقابل شڪست رهندڙ ڀارتي ٽيم کي سيمي فائنل ۾ 95 رنسن تان شڪست ڏئي آسانيءَ سان فائنل ۾ پهچي وئي جتي سندس مقابلو نيوزيلينڊ سان ٿيندو.

سڊني ۾ ٿيندڙ ميچ ۾ آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي. ڊيوڊ وارنر جي آئوٽ ٿيڻ کانپوء ٽورنامينٽ ۾ آئوٽ آف فارم رهندڙ ايرون فنچ سان گڏ ايشيائي ٽيمن ۽ خاص ڪري اسپنرن خلاف بهترين کيڏاري اسٽيو سمٿ شاندار بيٽنگ ڪئي. ٻنهي جي وچ ۾ 217 رنسن جي پارٽنر شپ ٿي. سمٿ صرف 93 بالن تي 105 رنسون ٺاهيون. فنچ 81 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. آسٽريليا جون 4 وڪيٽون هڪ ئي وقت ڪريون ته اسڪورنگ ريٽ به گهٽيو ۽ 50 اوورن ۾ آسٽريلوي ٽيم 328 رنسون جوڙيون جيڪو ورلڊ ڪپ سيمي فائنلز جو هن وقت تائين سڀ کان گهڻو اسڪور آهي. اميش يادو 4 وڪيٽون ورتيون.

جواب ۾ ڀارتي ٽيم جي شروعات شاندار رهي. صرف 12 اوورن ۾ اسڪور 76 رنسن تي پهتو ته شيڪر ڌاون تيز کيڏڻ جي چڪر ۾ آئوٽ ٿي ويو. جلد ئي ڪوهلي به آئوٽ ٿي ويو. بس پوء ته وڪيٽون ڪرنديون رهيون. سواء ڌوني جي جنهن 65 رنسون ٺاهيون، ڪوبه بيٽسمين اسڪور ۾ وڏو اضافو ڪري ڪونه سگهيو. پوري ٽيم 47 اوورن ۾ 233 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. مچل اسٽارڪ شاندار بالنگ ڪندي 9 اوورن ۾ صرف 28 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون. فلڪنر 59 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.

اسٽيو سمٿ کي شاندار سينچري ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو اوارڊ مليو.

jE7vrKOkG8FCa.jpg



مڪمل اسڪور لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.
 
Back
Top