عبدالعزيز لغاري
سينيئر رڪن
اچ ته هڪ کي ويهي اڄ ووڙيون
ڪڍي غير ڪلفت هڪ سان جي جوڙيون
کير بنان مکڻ ڪڏهن نه ٿيندو هرگز
اٿي اسر ويل جو ڏڌ کي ولوڙيون
تنهنجا منتظر هن هت پرين پيارا
محبت جا مچ ٻاري سيني سوز سهيڙيون
هو محبوب ربي رحمت سڄي جهان لئه
وٺي تنهن جو دامن پريتون پروڙيون
وٺي واٽ وحدت سچ سان سچ ٿيون اڄ
لنگهي حد کان لاحد ڏي نشان کوڙيون
بغير “موتو“ مرڻ جي بيڪار بندگي سڀ
وڃائي سڀ ويجها خودي کي اکوڙيون
ڪڍي غير ڪلفت هڪ سان جي جوڙيون
کير بنان مکڻ ڪڏهن نه ٿيندو هرگز
اٿي اسر ويل جو ڏڌ کي ولوڙيون
تنهنجا منتظر هن هت پرين پيارا
محبت جا مچ ٻاري سيني سوز سهيڙيون
هو محبوب ربي رحمت سڄي جهان لئه
وٺي تنهن جو دامن پريتون پروڙيون
وٺي واٽ وحدت سچ سان سچ ٿيون اڄ
لنگهي حد کان لاحد ڏي نشان کوڙيون
بغير “موتو“ مرڻ جي بيڪار بندگي سڀ
وڃائي سڀ ويجها خودي کي اکوڙيون
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: